مجلسن جي زينت عالمن جو محب

معصوم جو فرمان آهي ته کن عالما او متعلما او محبّا لهما فلاتکن رابعا الا فتهلک

عالم ٿي ، يا طالبعلم ٿي ، يا انهن ٻنهي جو محب ٿي نه ته هلاڪ ٿي ويندين .

مرحوم ملنگ نياز علي جو تعارف ڇا ڪرائجي ان کي ته سنڌ جو هر اهو مومن جنهن جو مجلس سان تعلق آهي چاهي اهي عالم هجن يا ذاڪر يا نوحه خوان سڀني جو هر دل عزيز انسان هئو، ملنگ نياز علي جون خصوصيتون ته کوڙ ساريون هيون پرَ ڪجهه اهڙا ته زوار ۾ گڻ هئا جيڪي ڪنهن ڪنهن ماڻهو ۾ هوندا آهن

پهريون گڻ ۽ خصوصيت  (عالمن ۽ علم سان پيار)

ملنگ نياز علي مرحوم پاڻ کڻي جي 80 سال جو پير سن هئو پر جڏهن به ڪنهن عالم سان ۽ سيد سان ملندو هو جهڪي ڪري ملندو هو ان جو احترام ڪندو هو ۽ سندس ڪوشش اها هوندي هئس ته ان عالم سان جيڪي ٻه گهڙيون آهيان سي پاڪن جي شان  ۽ انهن جي حديثن جي ذڪر ۾ گذاريان مان هون ته کوڙ سارن مولوين کان ملنگ جي تعريف ٻڌي آهي پر جيڪو مان پاڻ ڏٺو ملنگ هميشا پاڻ هڪ ننڍي ڊائري رکندو هيو جڏهن ڪنهن طالبعلم کي ڏسي ها ته چئي ها بابا ڪو معصوم جو قول لکي ڏي اهو قول ۽ حديث لکرائي ان کي پڪو ڪري مجلسن ۾ پڙهندو هيو جيتري قدر منهنجي ڄاڻ آهي ملنگ اڻ پڙهيل هيو پر عالمن ۽ استادن سان صحبت جي ڪري انهن کان لکڻ پڙهڻ به سکيائين ان جيڪري ان جي ڊائري هميشا پرين جي ڏسيل ڏسن سان ڀريل هوندي هئي ڪيترائي دفعا جڏهن مان ايران مان پاڪستان اچان ها مون سان ملڻ ايندو هيو ۽ ايترو ته مان ۽ پيار ڏيندو هيو جنهن جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي پوءِ سڄي سال ۾ گذريل قصن ۽ مجلسن جو حوال ڏيندو هيو ملنگ چوندو هو بابا ٻه ٽئي حديثون مجلس لاءِ لکي ڏئي ته مان مجلس ۾ پڙهندس پوءِ مان به ڪجهه حديثون چونڊي ڪري ملنگ جي ڊائري ۾ لکندو هيس .

ان کان علاوه ڪنهن به بزرگ عالم دين جو فرمان يا ڪا حديث مجلسن ۾ ٻڌندو هو ته ملنگ جو حافظو تمام ڀلي هجڻ جيڪري ان کي ياد ڪري وٺندو هو ۽ مجلس ۾ چوندو حاجي بابا سائين محمد مٺل شاه هيءَ حديث پڙهي يا سائين حافظ ثابت علي نجفي يا سائين بابا سيد ارشاد حسين نقوي  هيئن چيو بهرحال ان جو هم وغم مجلس هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سان مجلس پڪي ڪري مومنن کي ٻڌايان ۽ اهل بيت ع جو ذڪر ڪري لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرايان .

ٻيون گڻ ۽ خصوصيت ( خوش مزاجي )

ملنگ جنهن سان به هڪ دفعو ملندو هو ان کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو هيو هميشا کلي ڳالهائڻ جي ته عادت هيس ڪو پريشان هوندو هيو ته جيڪڏهن ملنگ سان ڪچهري ڪري اٿندو ته ان جي دل باغ بهار ٿي ويندي هئي ، ڪچهري ۾ ڪنهن کي بور ٿيڻ نه ڏيندو هو دل جي مريض هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن ڪو چوندو هس ملنگ مولا جو قصديو ته ٻڌاءِ ڪڏهن نه ڪيٻائيندو هيو اهو ئي سبب آهي عالم نه هيو تڏهن به هر مجلس جي زينت هوندو هيو روهڙي کان ويندي نوابشاه ، ڀٽ شاه ، ميرپور خاص ، ڏهرڪي انهن سڀني جاين تي اهو پوڙهو مجاهد وڃي پاڻ کي پڄائيندو هيو ، ڪيترن ئي جاين تي نوان مولا حسين ع جي غمَ جا تڏا وڇايائين .

ملنگ نياز علي آخري سالن ۾ دل جو مريض ٿي پيو ۽ ان ئي بيماريءَ ۾ داعي اجل کي لبيڪ چيائين سندس وصيت مطابق مدرسه جامعت الحجت روهڙي پٽڻي ۾ دفن ڪيو ويو سندس جنازي نماز قبله مولانا حافظ ثابت علي نجفي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي ، هر ڪو حيران هيو ته هڪ غريب ۽ مسڪين انسان جنهن کي نه ٻني نه ٻارو ان جي جنازي ۾ ايڏا مومن شريڪ ٿيا آهن پرَ جيڪو غريب زهرا س جو ذاڪر هجي جنهن پنهنجي اڌ کان مٿي زندگي مولا حسين ع جي ذڪر ۾ گذاري هجي ان کي مولا جا ماتمدار عزادار ڪيئن نه ڪلهو ڏيڻ ايندا عالمن سان محبت جيڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سڀني عالمن شرڪت ڪري اهو ثبوت ڏنو ته واقعن ملنگ نياز علي امام جي ان حديث جو مصداق آهي جيڪڏهن عالم يا طالبعلم نٿا بڻجي سگهو ته انهن جي چاهڻ وارا ٿيو .

ملنگ نيز علي جي ايصال ثواب لاءِ ٽيجهي ۽ چاليهي جي مجلس مدرسه جامعت الحجت ۾ ٿئي جنهن ۾ اهل بيت عليهم السلام جي حبدارن شرڪت ڪري ان جي درجات جي بلندي ۽ مغفرت لاءِ دعائون گهريون .

 

ڌڻي در دعا آهي الله سائين کيس پنجن ٻارهن جي ڇانو نصيب ڪري ۽ ان تي پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون نازل فرمائي آمين 

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top