بسم الله الرحمن الرحيم

الحمد لله رب العالمين والصلاة والسلام على اشرف الانبياء والطاهرين ولعنة الدائم على اعدائهم اجمعين

حجت مشن جا اهم اغراض ۽ مقاصد هن ريت آهن

قرآن مجيد ۽ اهل بيت عليهم السلام  جي تعليمات کي معاشري ۾ عام ڪرڻ

نوجوانن لاءِ اهڙا پروگرام جوڙڻ، جن جي وسيلي، کين اسلامي تعليمات بابت آگاهه ڪري سگهجي

اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي معصومين جي سيرت بابت ڪورس ڪرائڻ

اهل بيت عليهم السلام  جي هدايتن جي روشني ۾ ثقافتي ۽ معاشرتي براين جو مقابلو ڪرڻ

امام زمانه عج بابت معاشري کي آگاهه ڪرڻ

غيبت ۾ مومنين جي ذمه دارين کي بيان ڪرڻ

منجي عالم بشريت هڪ حقيقت آهي ان بابت سنڌي ليٽريچر شايع ڪرڻ

غيبت ڪبرى ۾ فتنين ۽ براين کان نجات جا طريقا ۽ ڏسَ بيان ڪرڻ

اسلام جي مقابلي ۾ اڀرندڙ مغربي سازشن جو مقابلو ڪرڻ

معصومين عليهم السلام جي تعليمات تي مبني لائبريريون قائم ڪرڻ

 اهل بيت عليهم السلام ۽ قرآن مجيد جي تعليمات کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن جي پروگرامن ۽ اهداف کان آگاهه ڪرائڻ

ملڪي ۽ بين الاقوامي قرآني ادارن ۾ سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ قرآني مواد کي شامل ڪرائڻ

سنڌي زبان ۾ اسلامي تعليمات بابت  لٽريچر ڇپرائي عام ڪرڻ

ماضي ۾ سنڌي زبان ۾ ڪيل قلمي خدمات کي معاشري ۾ متعارف ڪرائڻ 

 

 

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top