جناب ام ڪلثوم

ليکڪ نجف علي لغاري 

مقدمو

تاريخ لکڻ وارن هر مقام تي پنهنجي فائدي جي خاطر مختلف من گھڙت قصا لکيا ۽ رسول خدا3 جي خاندان کي به نه بخشيائون ۽ تاريخدانن  اهلبيتGسان جيڪي ظلم ۽ ڪيس ڪيا اُهي به ڪنهن سڌي نظر رکندڙ انسان مٿان ڳجھا ڪونه آهن، انهن ظلمن جي ور چڙهيل اهل بيتGجي خاندان جي مظلوم نياڻي بي بي امّ ڪلثومI به هڪ آهن، هن مظلوم بي بي تي تاريخ مختلف قسمن جا ظلم ڪيا انهن ۾ هڪ سندن بهادر ۽ پاڪيزه زندگي جو تاريخ ۾ گھٽ ذڪر هجڻ آهي ٻيو سندن عقد وارو مسئلو جيتوڻيڪ عقد امّ ڪلثوم تي شيعه علمائن جي طرفان مفصل ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ انهي من گھڙت واقعي جي باري ۾ بهترين انداز ۾ جواب ڏنا ويا آهن، اسان هن مختصر مقالي ۾ بي بي پاڪ جي حيات طيّبه جي باري ۾ ڪجھ لکنداسين باقي عقد واري مسئلي جي طرف فقط هلڪو اشارو ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هن مختصر مقالي ۾ انهي موضوع جي لاءِ جڳھ تمام گھٽ آهي.

سندن ولادت

تاريخ ۾ سندن ولادت پاڪ جو فقط سال ذڪر ٿيو آهي اُهو سال نائين يا ڏھين هجري قمري آهي ۽ تاريخ ذڪر ناهي ٿي، ۽ بي بي پاڪ جي نالي ۾ به تمام گھڻو اختلاف موجود آهي ڇاڪاڻ ته حضرت عليC جي اولاد ۾ ام ڪلثوم جي نالي سان ٽي نياڻيون ذڪر ٿيون آهن، ام ڪلثوم ڪبرى، ام ڪلثوم وسطى ۽ ام ڪلثوم صغرى، پر انهي ڳالھ تي اتفاق آهي ته ام ڪلثوم ڪبرى حضرت زهراI منجھان هئي باقي ٻيون ٻه نياڻيون ٻين گھر وارين منجھان هيون،ام ڪلثوم حضرت عليC ۽ حضرت فاطمه زهراI جي چوٿين نمبر اولاد هئي ۽ سندن ولادت مديني منوره ۾ واقع ٿي.(1)

روايت ۾ ذڪر ٿيو آهي ته بي بي امّ ڪلثوم پنهنجي والده ماجده حضرت فاطمه زهراI جي شهادت جي وقت پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجي ڀيڻ وانگر سخت غمگين هيون ۽ اکين مان لڙڪ جاري هين ۽ رسول خدا3 جن کي مخاطب ٿي ڪري فرياد ڪري رهيون هيون ته ” يا رسول الله3 ڄڻ هاڻي تنهنجي تازي شهادت ٿي آهي ۽ تنهنجي جدائي جي غم ۽ درد کي هاڻي محسوس ڪري رهي آهيان“(2)

۽ اهڙي طرح نقل ٿيو آهي ته حضرت امير المؤمنينC جڏهن ابن ملجم ملعون جي ضربت سان زخمي ٿيا ۽ سندن گھر ڏانهن منتقل ڪيو ويو ته ام ڪلثوم سندن پيرن واري پاسي کان ويٺي روئي رهيون هيون، امامC پنهنجي اکيون کولي بي بي پاڪ جي طرف نهاريو ۽ پاڻ فرمايائون ته ” هاڻي الله مهربان جي طرف سفر ڪرڻ وارو آهيان“ جناب ام ڪلثومI اُهو ٻڌي زور سان روئڻ شروع ڪيائون، ۽ انهي مهل ابن ملجم ملعون کي مخاطب ٿي ان جي سخت ملامت ڪيائون.(3) حضرت ام ڪلثوم جو نالو تاريخ نفيسه لکيو آهي ۽ ام ڪلثوم سندن ڪنيت آهي پر حقيقت هي آهي ته سندن نالو ئي ام ڪلثوم آهي ڇاڪاڻ ته انهي نالي سان حضرت عليC جون ٻيون نياڻيون به موجود آهن تنهنڪري سندن نالو ام ڪلثوم آهي.(4)

سندن ازدواجي زندگي

اميرالمؤمنينC هن پنهنجي پاڪ ۽ پاڪيزه نياڻي جو عقد پنهنجي ڀاءُ جعفر طيار بن ابي طالبC جي فرزند عون بن جعفر طيار سان ڪيائون، ۽ باقي ڪجھ جيڪو هن پاڪ بي بي جي عقد جي باري ۾ لکيو ويو آهي سڀ من گھڙت قصا آهن جيڪي درهم ۽ دينارن جي جھنڪارن جي ڪري ۽ بني اميه جي ظالم بادشاهن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ لکيا ويا آهن.(5)

ڪربلا جو واقعو ۽ بي بي ام ڪلثوم

هي پاڪ بي بيI دل ڏکائيندڙ ۽ غمگين واقعه ڪربلا ۾ به موجود هيون پاڻ پنهنجي ڀاءُ امام حسينC جي شهادت کان پوءِ پنهنجي ڀيڻ جناب زينب ڪبرىI سان گڏ هيون ۽ ڪربلا جي يتيمن جي محافظت ۾ مشغول هيون، ڀاءُ جي جدائي ۽ غم ۾ سندن اشعار مشهور آهن، عاشورا کان پوءِ جڏهن حرم رسول3 کي بنا چادرن ۽ بنا ڪجاون اٺن تي سوار ڪري ڪوفي ۽ شام ڏانهن قيدين جي صورت ۾ روانو ڪيو ويو ته اُتي به سندن خطبن دربار ۾ هلچل مچائي ڇڏي بي بي پاڪI قادسيه، قنسرين، سيبور، بعلبڪ ۽ سندن ڪلمات جيڪي هن شمر کي مخاطب ٿي ڪري چيا شام جي دروازي وٽ اُهي مشهور آهن. ۽ سندن مرثيه جيڪي چهلم(اربعين) ۽ مديني موٽڻ وقت چيائون اُهي سندن عظمت ، شجاعت ۽ صبر جا دليل آهن.

ام ڪلثوم بنت عليC فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ کان پنهنجو مثال پاڻ هيون، سندن فصاحت ۽ بلاغت سان ڀريل ڪلام ظالم حاڪمن جي ڪردار تان پردو کڻي رهيا آهن ۽ انهن جي اصل شڪل کي ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن اسيرن جو هي لٽيل قافلو ڪوفي ۾ داخل ٿيو اُتي موجود هزارن جي لشڪر ۾  پاڻ ڪوفي وارن سان مخاطب ٿي ڪري انهن جي سخت لفظن مذمت ڪن ٿيون ۽ ڪوفين کي امام حسينC جي مدد ڪرڻ ۾ سستي ۽ ڪوتاهي ڪرڻ تي ملامت ڪن ٿيون.

جڏهن ڪوفي وارا تماشائي طور گڏ ٿين ٿا ته ام ڪلثومI  اُتي فرياد ڪن ٿيون ” يا اهل ڪوفه! اما تستحيون من الله و رسوله ان تنظروا الي حرم النبي؟“ اي ڪوفي وارا! خدا ۽ ان جي رسول3 کان شرم ۽ حيا نٿا ڪريو ۽ حرم رسول خدا3 جي طرف نگاھ ٿا ڪريو؟ (6)

هڪ ٻي مقام تي هن ريت نقل ٿيو آهي ته: جنهن وقت اهل بيتG جي قافلي کي شام ۾ آندو پئي ويو ته بي بي ام ڪلثومI شمر ملعون کي مخاطب ٿي ڪري چيائون ته: اسان کي ان دروازي کان موڪليو وڃي جتان ماڻهن جو ميڙ گھٽ هجي ۽ شهيدن جي سرن کي اسان کان پري رکيو ته جيئن ماڻهو انهن سرن ڏانهن متوجھ هجن ۽ اسان جو پردو بچي وڃي پر شمر ملعون بي ديني ۽ ذاتي خباثت جي ڪري بلڪل ابتڙ عمل انجام ڏنو ۽ اهلبيتG جي قافلي کي اتان گذاريو جتي ماڻهن جو ميڙ سڀ کان وڌيڪ هيو يعني (ساعات نالي دروازي کان).(7)

جيئن ته بي بي امّ ڪلثومI ڪربلا جي واقعي ۾ موجود به هئي ۽ اُهي سڀ تڪليفون جيڪي ٻين حرم رسول خدا3 جن برداشت ڪيون اُهي ساڳيون تڪليفون ۽ مصيبتون بي بي امّ ڪلثومR پڻ برداشت ڪيون،پوءِ ڇا سبب هيو جو بي بي پاڪI جن جو ذڪر تاريخ ۾ تمام گھٽ ملي ٿو؟

جيڪڏهن هن سوال تي غور ڪيو وڃي ته شايد انهي جو سبب هي هجي ته اهل بيتG جي هر فرد پنهنجي ذميواري کي بهترين نموني سان نڀايو آهي ۽ ڪربلا جي واقعي ۾ هر قسم جون مصيبتون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون پر انهن جو خاص ذڪر موجود نه آهي انهي ڪري جو هر ڪنهن جي ذميواري ۽ رسالت فرق ڪري ٿي جيئن ڪوفي ۽ شام جي دربارن ۾ حضرت زينبI کان علاوه امام سجادC به خطبه ارشاد فرمائي ٿو ته پر انهي جي باوجود جيڪا گفتگو حضرت زينبI جي باري ۾ ذڪر ٿي آهي اها امامC جي باري ۾ ذڪر نٿي آهي انهي جو سبب هي آهي ته بي بي زينبI جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ آهي جيئن ته بي بي امّ ڪلثومI ۽ بي رقيه بنت حسينC سهڻي نموني پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي پر انهن جو ذڪر تمام گھت آهي.

سندن شهادت

بي بي امّ ڪلثوم تاريخ جا مشڪل ۽ سخت مصائب برداشت ڪري جڏهن مديني واپس اچن ٿيون اُتي پنهنجي ڀاءُ جي غم ۾ چار مهينا زندگي گذارڻ کانپوءِ 21 ، يا 29 جمادالثاني سن 61 يا 62 هجري ۾ هن فاني دنيا کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي ڪري دار باقي جي طرف ڪوچ ڪن ٿيون ۽ سندن قبر مبارڪ مديني منوره ۾ واقع آهي پر اڄ جي حڪومت انهي جو نشان به ناهي ڇڏيو. انا لله و انا اليه راجعون.(8)

عقد ام ڪلثوم حقيقت يا افسانو؟

عقد امّ ڪلثومI جي متعلق  تاريخ ۾ تمام گھڻو اختلاف موجود آهي جيئن اسان مٿي به اشارو ڪيو ته سندن عقد عون بن جعفر طيار سان منعقد ٿيو باقي قصا تاريخ جا من گھڙت آهن. اهلسنت جا علماء اُهو لکن ٿا ته سندن عقد عمر بن خطاب سان واقع ٿيو. پر شيعه انهي شيءِ جا انڪاري آهن جيڪا حقيقت به آهي.

عقد جي علت

تاريخ انهي عقد جي علت ڪجھ هن ريت بيان ڪئي آهي ته عمر بن خطاب حضرت عليC کان سندن نياڻي جو رشتو گھريو پر امامC صاف انڪار ڪري ڇڏيو، انهي تي عمر بن خطاب چيو ته مونکي انهي شادي مان ڪاٻي غرض ناهي مون رسول خدا3 کان ٻُڌو آهي پاڻ فرمايائون ته:”قيامت جي ڏينهن سڀ سببي ۽ نسبي رشتا ختم ٿي ويندا فقط منهنجو سببي ۽ نسبي رشتو قائم رهندو“ ۽ آءٌ اهو ارادو رکان ٿو ته انهي رشتي سان آءٌ رسول خدا3 سان سببي رشتو قائم ڪيان.(9)

اهل سنت انهي کي انهن ٻن خاندانن جي درميان محبت ۽ جھڳڙي کان پاڪ هجڻ ۽ عمر بن خطاب جي خلافت تي دليل سمجھن ٿا. پر علماء شيعه انهي سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ اصل انهي عقد جو انڪار ڪن ٿا جيستائين مون بنده حقير تحقيق ڪئي آهي انهي مان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته هي عقد واقع ناهي ٿيو.

ڪجھه عقلي ۽ نقلي دليل

1 : سن جو مناسب نه هجڻ

اهل سنت جي نقل مطابق هي شادي(عقد) سال 17 هجري ۾ واقع ٿيو جهڙي طرح يعقوبي لکيو ته: عمر بن خطاب سال 17 هجري ۾ مڪي جي طرف حرڪت ڪئي ۽ انهي سال علي بن ابي طالبC جي نياڻي سان عقد ڪيائين.(10)

 امّ ڪلثومI پڻ رسول خدا3 جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن دنيا ۾ پنهنجون اکيون کوليون انهي مطابق عقد جي وقت سندن سن مبارڪ 7 سالن کان وڌيڪ ناهي، ۽ انهي مطلب ڏانهن ابن سعد طبقات ۾ اشارو ڪري ٿو ۽ لکي ٿو ته:

عمر امّ ڪلثومI سان عقد ڪيو حالانڪه امّ ڪلثومI اڃان سن بلوغ تي نه پهتي هئي.(11) هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته: جڏهن عمر امّ ڪلثومI جو رشتو حضرت عليC کان گُھريو ته حضرت عليC جواب ۾ فرمايو ته هو اڃان ننڌڙي معصوم آهي.(12)

ٻئي طرف جڏهن عمر بن خطاب کي سال 23 هجري قتل ڪيو ويو ته سندس عمر 63 سال هئي انهي مطابق 23 هجري ۾ سندس عمر 57 سال ٿي يعني امّ ڪلثومI ۽ عمر بن خطاب جي درميان سن جي لحاظ کان 50 سال کان وڌيڪ جو فاصلو آهي.

هتي اهل سنت وارن کان هي سوال آهي ته 7 سالن جي امّ ڪلثومI ۽ 50 سالن جي عمر بن خطاب جي درميان ڪهڙي مناسبت آهي؟ بي بي امّ ڪلثومI ڪهڙو گناھ ڪيو آهي جو مجبور آهي ته هڪ پوڙهي سان شادي ڪري؟

جڏهن ابو بڪر ۽ عمر رسول خدا3 جن کان بي بي فاطمه زهراI جو رشتو گھريو ته پاڻ سڳورن3 سن جو مناسب نه هجڻ کي دليل بڻايو ته منهنجي نياڻي ننڍڙي آهي ۽ انهي رشتي کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڇا ايترن سالن گذرڻ کان پوءِ حضرت زهراI جي سڀ کان ننڍي نياڻي ۽ شيخن جي درميان اها مناسبت پيدا ٿي وئي؟

سڀ کان مزيدار هي ڳالھ آهي ته عمر بن خطاب پاڻ پوڙهن مردن جو جوان عورتن سان عقد نڪاح ڪرڻ جو مخالف هيو. ابن عساڪر تاريخ المدينة ۾ لکي ٿو ته:

هڪ جوان عورت جي پوڙهي مرد سان شادي ڪرائي وئي پوءِ انهي جوان عورت پنهنجي پوڙهي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهي عورت کي عمر بن خطاب جي نزديڪ آندو ويو اُتي عمر چيو اي انسانو! الله پاڪ کان ڊڄو: هر مرد پنهنجي همسن عورت سان شادي ڪري ۽ هر عورت انهي مرد سان شادي ڪري جيڪو سن ۾ هن جي برابر هجي.(13)

ڇا هي عمل هن آيت جو مصداق نه ٿيندو

  أَتَأْمُرُونَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَتَنسَوْنَ أَنفُسَكُمْ وَأَنتُمْ تَتْلُونَ الْكِتَابَ أَفَلاَ تَعْقِلُونَ(البقره آيت 44)

ماڻھن کي چڱائيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ پاڻ کي وساريو ٿا؟ ھن ھوندي به جو توھين ڪتاب پڙھو ٿا، پوءِ ڇو نه ٿا سمجھو؟

اهڙي طرح سرخسي حنفي پنهنجي ڪتاب المبسوط ۾ لکي ٿو ته:

وبلغنا عن عمر رضی الله عنه أنه قال لأمنعن النساء فروجهن الا من الأكفاء ... وفیه دلیل أن الكفاءة فی النكاح معتبرة

عمر کان روايت ٿي آهي ته آءُ عورتن جي شادي کي منع ڪيان ٿو مگر اُهي عورتون جيڪي مردن سان سن ۾ برابر آهن يعني عمر بن خطاب جي نزديڪ شادي لاءِ مرد ۽ عورت جو همسن هجڻ ضروري آهي.(14)

 عن إبراهیم بن محمد بن طلحة ، قال : قال عمر : " لأمنعن تزوج ذات الأحساب إلا من الأكفاء

ابراهيم بن محمد بن طلح کان نقل ٿيو آهي ته عمر چيو آءٌ اُهي خاندان جيڪي شرافت جي لحاظ کان مٿي آهن پاڻ کان شرافت ۾ گھٽ وارن سان شادي ڪرڻ کان منع ڪيان ٿو يعني شرافت ۾ هڪجهڙا هجن.(15)   

آءٌ جناب سرخسي کان پڇان ٿو ته ڪهڙي مناسبت ۽ شباهت عمر بن خطاب 57 سالن ۽ بي بي امّ ڪلثومI 7 سالن جي درميان موجود هئي؟

آيا ٿي سگھي ٿو عمر بن خطاب جي خاندان جي جناب امّ ڪلثوم جي خاندان سان ڀيٽ ڪرائي وڃي؟ ڇا صحاڪ، حضرت فاطمه زهراI جيڪا جنت جي عورتن جي سردار آهي جي برابر ٿي سگھي ٿي؟ ڇا خطاب، رسول خدا3 يا اميرالمؤمنين عليC جي برابر ٿي سگھي ٿو؟

2 : تيز طبيعت هجڻ

جيتوڻيڪ عمر بن خطاب جي تيز طبيعت ۽ بخيل هجڻ تي تمام گھڻيون روايتون موجود آهن پر اسان هتي موضوع جي مناسبت سان هڪ واقعو نقل ڪنداسين.

طبري ۽ ابن اثير پنهنجي ڪتابن ۾ لکن ٿا ته:

وخطب أم كلثوم ابنة أبی بكر الصدیق إلى عائشة فقالت أم كلثوم : لا حاجة لی فیه إنه خشن العیش شدید على النساء.

عمر بن خطاب ابتدا ۾ امّ ڪلثوم بنت ابي بڪر سان عقد ڪرڻ لاءِ ويو، حضرت عايشه سان انهي جو ذڪر ڪيائين، عايشه اُها ڳالھ پنهنجي ڀيڻ سان ڪئي سندس ڀيڻ جواب ۾ چيو مونکي انهي سان ڪوبه ڪم ڪونهي. عايشه چيو: ڇا توکي اميرالمؤمنين نه گھرجي؟ ڀيڻ چيس جي نه گھرجي ڇاڪاڻ ته هو زندگي ۾ عورتن سان تمام سخت غصي وارو ۽ بد رفتار آهي.(16)

 حقيقت هي آهي ته عمر بن خطاب امّ ڪلثوم بنت ابي بڪر سان شادي لاءِ بيچين هو جيڪا ڳالھ اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ موجود آهي پر تاريخ ۾ انهي کي غلط رنگ ڏئي ڪري پيش ڪيو ويو.

3 : ٽين دليل

مٿي ذڪر ڪيل دليلن کان علاوه ڪجھ ٻيون شيون ذڪر ڪجن ٿيون جيڪي انهي شيءِ جو دليل آهن ته انهي عقد جي ڪابه حقيقت نه آهي.

تاريخ ۾ اختلاف ۽ گھڻي تناقض هجڻ جي ڪري انهي مسئلي تي اعتماد نٿو ڪري سگھجي.

1 حضرت عليC امّ ڪلثومI جو عمر سان عقد ڪرايو،2 هي ڪم عباس جيڪو امام عليC جو چاچو هو انهي جي ذريعي انجام پاتو،3 هي ڪم زور زبردستي سان انجام پاتو،4 شادي ٿي عمر انهي مان صاحب اولاد ٿيو يعني زيد نالي فرزند دنيا ۾ آيو،5 خليفو شادي کان پهرين قتل ٿي ويو،6 زيد به صاحب اولاد ٿيو،7 زيد به قتل ٿي ويو سندس ڪوبه وارث نه هيو،8 زيد ۽ سندس والده هڪ ڏينهن وفات ڪري ويا،9 سندس ماءُ پوءِ به زندھ هئي،10 مهر چاليھ هزار درهم هو،11 مهر چار هزار درهم هو،12 مهر پنج سئو درهم هو،13 عمر بن خطاب جي شادي ام ڪلثوم بنت ابي بڪر سان ٿي ايترا اختلاف موجود هجڻ جي ڪري انسان اچرج ۾ پئجي وڃي ٿو ته تاريخ پاڻ سڳورن3 جي حرم پاڪ سان ڪيڏا وڏا مذاق ۽ ظلم ڪيا آهن.(17)

ڪتابن جا حوالا

1 : اعلام النساء و المؤمنات،ص187

2 : زندگاني حضرت زهراI ، تاليف شهيدي،ص263

3 : اعيان الشيعه ،ص 285

4 :  ري شهري، محمد المحمدي، موسوعة امام علي في الڪتاب والسنة والتاريخ،ج1،ص126

5 : رياحين الشريعه ص244

6 : پيامهاي عاشورا،جواد محدثي، ص309

7 : مقتل الحسين،مقرم،ص402

8 : وقايع المشهور،ص110

9 : البلاذري، نساب الاشراف،ج2،ص411

10 : يعقوبي، تاريخ يعقوبي،ج2،ص149

11 : طبقات الڪبرى،ابن سعد،ج8،ص462،۽463

12 : ساڳيو،ص464

13 : تاريخ المدينه،ج2،ص769

14 : المبسوط، سرخسي،ج4،ص196

15 : سنن الدار قطني،ج3،ص206

16 : الڪامل في التاريخ،ابن اثير،ج3 ،ص 54،۽55 ۽ تاريخ الطبري،ج3،ص270

17 : الذرية الطاهرة، ابي بشر دولابي، 157 کان 162 صفحي تائين انهن اختلافن کي ذڪر ڪيو آهي

 

 

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top