عورت جو مقام ۽ حقَ اسلام جي نگاهه ۾

 

 

ليکڪ : سيد احمد علي نقوي

 

حجت مشن پاڪستان

 

 

 

 

سڀئي حقَ ۽ واسطا محفوظ آهن

?ڪتاب : عورت جو مقام  ۽ سندس حَقَ اسلام جي نظر ۾

?ليکڪ : سيد احمد علي نقوي

ڇپائيندڙ : حجت مشن پاڪستان

تعاون : حجة الاسلام قبله مولانا سيد شهنشاه حسين نقوي

ڇاپو: پهريون سال 1436 هه ق مطابق 2015

تعداد: پنج هزار

قيمت : پنجاهه روپيه

 

 

 

ارپنا

آئون پنهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي اُن هستيءَ جي نانءَ نهايت ئي پاٻوهه سان ارپيان ڪيان ٿو جنهن جي لاءِ رسول خدا 7 فرمايو فاطمة J منهجي جگر جو جو ٽڪڙو اهي جنهن ان کي ايذايو ان مون کي اذيت ڏني جنهن مون کي رنجايو ان الله کي رنجايو ، الله سائين اسان کي سائڻ زهراJ جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي .

 

 

 

بسم الله الرحمن الرحيم

 

 

 

 

 

 

 

 

فهرست

مهاڳ.. 6

ڪرامت جو معيار عالمن جي نظر ۾. 7

علامه طباطبائي جو بيان. 7

مرحوم طبرسي جو بيان. 10

نيڪ ۽ صالح عمل ۾مرد ۽ عورت جي برابري.. 12

اسلام  ۽ ٻين دينن جو مقايسو. 13

پهريون گناهه !. 15

اسلام ۾  معيار ۽ ميزان عدالت  آهي.. 17

سوال. 17

جواب.. 17

عورت جا سماجي ۽ اجتماعي حق.. 19

عورت جا ڪجهه حَقَ.. 22

مهر وارو حق.. 22

نفقو. 23

رضاع جي بدلي م اجرت وارو حقُ.. 24

شادي (نڪاح) ۾ عورت جي راضي هجڻ وارو حقُ.. 25

دين ۽ دينداريءَ وارو حق.. 26

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنکر ۾ عورت جو ڪردار. 26

خاص عورتن جو ذڪر قرآن ۾. 27

حضرت ساره   J ۽ حضرت ابراهيم C... 28

فرعون ۽ ڪجهه عظيم عورتن جو  ظلم  جي خلاف احتجاج. 31

حضرت مريم J جو خاص مقام. 35

عورت جو مقام معصومين F جي نگاهه ۾. 36

بهترين انسان رسول خدا جي نظر ۾. 36

ڌيءِ جي عظمت امام صادق Cجي نظر ۾. 36

پهريون ڌيءَ. 37

ڀاڳ واري عورت.. 38

گهرواريءَ سان ويهڻ اعتڪاف کان بهتر. 39

عورت ۽ لاءِ هزار شهيد جو اجر. 40

اسلام ۾  ڪسوٽي ۽ ميزان. 41

نتيجو. 42

 


 

مهاڳ

اسلام ۾ جيڪي انسان جي عزت ۽ وقار  لاءِ جيڪي معيار جوڙيا ويا آهن ان ۾ مرد ۽ عورت برابر آهن ، نه ان ۾ مرد کي عورت تي فوقيت  حاصل آهي نه وري عورت کي مرد تي ، ڇو جو اسلام انسان جي روح ۽ نفس کي فضائل ۽ رذائل جو  ملاڪ ۽ معيار قرار ڏنو آهي نه ڪي ان جي جسم کي، ڇو جو مرد ۽ عورت نفس ۽ روح جي لحاظ کان هڪٻئي سان ڪوبه فرق نٿا رکن . ۽ عورت جي ڪرامت ۽ سرافت ذاتي آهي ، ان جي پنهنجي آهي نه ڪي ڪنهن مرد ان کي اها عزت ۽ شرافت عطا ڪئي آهي جڏهن الله سائين فرمائي لقد کرّمنا بني آدم ته اتي مراد فقط مرد ناهن جو ائين کڻي چئجي جو اها ڪرامت فقط مرد سان مخصوص آهي بلڪ قران جي مفسرن الله جي نبين ۽ معصومين علهيم السلام جي ڏنل درسن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪرامت ، عزت ،  شرافت ۾  مرد  ۽عورت ٻئي برابر آهن ۽ الله جي نزديڪ مان وارو شان وارو اهو ئي آهي جيڪو پرهيزگار آهي جيڪو الله جو نافرمان آهي ان جي الله ي نزديڪ ڪا به حيثيت ۽ عزت ناهي ان لاءِ سوره حجرات ۾ الله و ارشاد ٿئي ٿو  يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن ذَكَرٍ وَأُنثَى وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ[1]

اي ماڻھؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان تمام عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان ڏاڍو پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي

اهي قرآن جو آيتون جيڪي علم ۽ جهل ، ايمان ۽ ڪفر ، عزت ۽ ذلت ، خوشبختي ۽ بدبختي ، فضيلت ۽ رذيلت ، حق ۽ باطل ، سچ ۽ ڪوڙ ، تقوا ۽ فجور ، اطاعت ۽ نافرماني ، امانت ۽ خيانت يا ان جهڙي ٻين مسئلن بابت آهن انهن ۾ نر( مذڪر) ۽ مادي (مؤنٽ) جي صفت نه آندي وئي آهي ، ڇو جو انسان جو بدن مسلمان يا ڪافر ، عالم يا جاهل ، متقي ۽ گنهگار ، سچو ۽ ڪوڙو نه هوندو آهي ، ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي اهڙن علمي ۽ عملي مسائل ۾ مذڪر ۽ مؤنث هجڻ معيار ناهي ۽ ان جو ڪو به اهڙن مسئلن ۾ ذڪر ناهي ڪيو ويو .

ڪرامت جو معيار عالمن جي نظر ۾

علامه طباطبائي جو بيان

مرحوم علامه طباطبائي رح ان بابت فرمائن ٿا : تجربي ۽ انساني مشاهدن ان ڳالهه کي ثآبت ڪيو اهي ته مرد ۽ عورت هڪ نوع مان آهن يعني تمام اهڙيون شيون جن کي ڪمال چئي سگهجي ٿو اهي مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ موجود آهن، البت باقي ٻيا جيڪي به مرد ۽ عورت ۾ فرق پاتا وڃن ٿا انهن جو انسان جي ڪمال سان ڪو به ربط ناهي ائين کڻي چئجي اهي سڀ بدن جون صفتون ته ٿي سگهن ٿيون روح ۽ نفس جون نه ، بس ڪمال جي حاصل ڪرڻ ۾ ٻنهي صنفن (مرد ۽ عورت ) ۾ ڪو به فرق ناهي ، جيئن الله سائين پنهنجي مقدس ۽ لاريب ڪلام ۾ فرمائي ٿو ” فَاسْتَجَابَ لَهُمْ رَبُّهُمْ أَنِّي لاَ أُضِيعُ عَمَلَ عَامِلٍ مِّنكُم مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَى بَعْضُكُم مِّن بَعْضٍ فَالَّذِينَ هَاجَرُواْ وَأُخْرِجُواْ مِن دِيَارِهِمْ وَأُوذُواْ فِي سَبِيلِي وَقَاتَلُواْ وَقُتِلُواْ لأُكَفِّرَنَّ عَنْهُمْ سَيِّئَاتِهِمْ وَلأُدْخِلَنَّهُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الأَنْهَارُ ثَوَاباً مِّن عِندِ اللّهِ وَاللّهُ عِندَهُ حُسْنُ الثَّوَابِ [2]

پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي[3]

ان کان علاوه جيئن سوره احزاب ۾ اڃان تفصيل سان ان ڳالهه کي پڌرو ڪيو ويو آهي ايتري تائين جو مرد ۽ عورت جي عملن کي هڪ ئي ترازو ۾ رکيو ويو آهي ٻنهي جي لاءِ هج جهڙي ثواب ۽ عذاب جو ذڪر ڪيو ويو آهي ايستائين جو ڪوبه معنوي حساب سان فرق ناهي ڄاڻايو ويو ان سورت ۾ مرد ۽ عورت جون بهترين صفتن جو ذڪر ٿيو آهي ته عقيدي ۽ اخلاق ۽ عمل ۾ انسان کي جيڪا جزا ۽ ثواب ملندو ان ۾ ڪو به فرق ناهي ڄاڻايو ويو .

ارشاد باري تعالى آهي : إِنَّ الْمُسْلِمِينَ وَالْمُسْلِمَاتِ وَالْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ وَالْقَانِتِينَ وَالْقَانِتَاتِ وَالصَّادِقِينَ وَالصَّادِقَاتِ وَالصَّابِرِينَ وَالصَّابِرَاتِ وَالْخَاشِعِينَ وَالْخَاشِعَاتِ وَالْمُتَصَدِّقِينَ وَالْمُتَصَدِّقَاتِ وَالصَّائِمِينَ وَالصَّائِمَاتِ وَالْحَافِظِينَ فُرُوجَهُمْ وَالْحَافِظَاتِ وَالذَّاكِرِينَ اللَّهَ كَثِيرًا وَالذَّاكِرَاتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَّغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا[4]

بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زالون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (خدا کان) ڊڄندڙ ۽ (خدا کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون انھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آھي.

مرحوم طبرسي جو بيان

مرحوم طبرسي مجمع البيان ۾ لکي ٿو : جڏهن اسماء بنت عميس (جعفر بن ابيطالب جي گهرواري هئي) سندس مڙس سان حبشه کان جڏهن واپس موٽي پاڻ سڳورن جي گهروارين وٽ اچي ڪري ڪجهه سوال پڇا ڪيائين انهن مان هڪ سوال هي هيو !ته ڇا عورتن ج باري ۾ قرآن جي ڪا آيت نازل ٿي آهي؟ کيس اهو جواب مليو ته نه . اسماء بنت عميس پاڻ سڳورن جي محضر ۾ اچي ڪري اها پڇا ڪئي ته اي الله جا رسول! عورتون خساري ۽ نقصان ۾ آهن ، پاڻ ص فرمايو : ڇو ؟ عرض ڪيائين : ته اسلام ۾ عورتن جي لاءِ مردن جي مقابلي ۾ ڪا فضيلت ناهي ۽ قرآن ۾ به ان جو ذڪر نه ٿيو آهي . ايتري ۾ قران جي اها آيت نازل ٿي ته جيئن اسماء ۽ پوري امت مسلمه ۽ غير مسلمه کي اهو ٻڌائي سگهجي ته مرد ۽ عورت مان جيڪو به الله جي ويجهو آهي اهو ئي متقي ۽ پرهيزگار آهي ، او ئي فصيلتن وارو آهي جيڪو عقيدي ، اخلاق ۽ عمل ۾ سڀ کان بهتر هجي ، ان ۾ ڪو فرق ناهي ته اهو صاحب فضيلت مرد هجي يا عورت (ان اکرمکم عندالله اتقاکم ) .[5]

انهن ايتن ۾ مرد عورت ٻنهي لاءِ ڏهه صفتون بيان ڪيون ويون آهن جن مان ڪجهه ايمان سان مربوط آهن جيئن زبان سان اقرار ، قلبي تصديق۽ ڪجهه صفتون زبان ۽ شهوت جي ڪنٽرول بابت آهن جن جي زريعي انسان با اخلاق بڻجي سگهي ٿو ۽ ڪجهه صفتون ضعيفن ، محرومن ، جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ بابت ۽ ڏکن ،مصيبتن ۽ حادثن آڏو صبر جي مظاهري ڪرڻ بابت آهن ، انهن صفتن جي زڪر کانپوءِ آيت جي آخر ۾ اهو ئي بيان ڪيو ويو آهي ته مردن يا عورتن مان جيڪو به اهي نيڪ صفتون اپنائيندو اهو بخشش ۽ غظيم اجر جو حقدارآهي .

نيڪ ۽ صالح عمل ۾مرد ۽ عورت جي برابري

قرآن جي آيتن ۾ جڏهن انسان غور وفڪر ڪري ٿو ته اها خبر پو ٿي ته الله سائين مرد ۽ عورت ۾ انسانيت جي حوالي سان ڪو به فرق قرار نه ڏنو آهي يعني جهڙو انسان مرد آهي اهڙي ئي انسان عورت آهي ان انسانيت ۾ هڪ جو ٻئي تي ڪو به امتياز ناهي ، ها! جنهن شيءِ کي الله سائين عمل صالح (نيڪ ڪم) کي ئي ڪسوٽي ۽ ڪمال قرار ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو الله سائين جو ارشاد ٿئي ٿو : مَنْ عَمِلَ صَالِحًا مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَى وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْيِيَنَّهُ حَيَاةً طَيِّبَةً وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ مَا كَانُواْ يَعْمَلُونَ[6]

جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون.

ان آيت ۾ واضح ۽ چٽي نموني سان انهن ماڻهن جي شڪ کي دور ڪيو ويو آهي جيڪي پنهنجي پرَ ۾ اهو سوچي رهيا هئا ته عورت جو ڪوبه نه معاشري ۾ مقام آهي نه وري اسلام ۾ ، هو اها سوچ رکندا هئا عورت مرد کان مان ۽ مرتبي ۾ گهٽ آهي ۽ ان جي ڪاخاص حيثيت ناهي ، هي آيت انهن يا اهڙن ماڻهن جي منهن تي تماچو آهي ۽ اسلام پنهنجو واضح نموني سان موقف پڌرو يو آهي ته اي انسانو! اسلام فقط مردن لاءِ دين نه آندو ويو آهي بلڪ جيترو مان اسلام ۾ هڪ مسلمان مرد کي اهڙو ئي مان ۽ مرتبو عورت لاءِ به قرا ڏنو ويو آهي .

اسلام  ۽ ٻين دينن جو مقايسو

اسلام ۾ مرد کي عورت لاءِ ۽ عورت کي مرد لاءِ ضرورت قرار ڏنو ويو آهي اهي هڪٻئي کان بغير اڻپورا آهن اهو ئي سبب آهي جو جڏهن خلقت واري موضوع بابت تحقيق ڪئي ته اها ڳالهه سامهون ائي ته يهودين ۽ مسيحن جي آئين ۾ البت نه اهو ائين جيڪو الله جي طرفان حضرت عيسى ۽ حصرت موسى لاءِ موڪليو ويو بلڪ ان ۾ ڪافي ڦير ڦار ۽ حريف ڪرڻ کانپوءِ اهو آهي ته حضرت حوا حضرت آدم جي پاسيري ۾ خلق ٿيل آهي ان جيڪري ان جو رتبو حضرت آدم کان گهٽ آهي ۽ قيامت تائين جيڪا به عورت خلق ٿيندي ان جو رتبو مردَ کان گهٽ ئي هوندو ۽ ان غلط فڪر جيڪري يهودين ۽ مسيحن عورت کي ڪافي حقم کان محروم ڪري ڇڏيو ، مسيحن ، يهودين ، رومين ۽ يونانن  جي سماج ۾ ان فڪر ايڏو ته اثر وڌو جو اهي ان شيءِ جا قائل ٿي ويا ته شيطان جي خباثت کان بچڻ لا3 خلوت اخيار ڪجي ۽ زال سان همبستري نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو زال سان اهڙي قسم جو تعلق شيطان و وسوسو هوندو آهي[7] ، پر اسلام هميشا عورت ۽ مرد کي هڪٻئي تي امتياز نه ڏنو آهي ۽ انسانيت ۾ ٻنهي کي برابر قرا ڏنو آهي ۽ ايستائين جو اسلام ٻنهي جي حقن کي تفصيل ۽ وضاحت  سان بيان ڪيو آهي ،

 

توريت ۾ تحريف ٿيل واقعو

 عهد قديم يا توارت واري ڪتاب ۾ آهي ته حضرت آدم ۽ حوا جڏهن جنت ۾ هئا ته ڏاڍا خوش هئا پر بيبي مريم J شيطان جي فريب ۾ اچي وئي ۽ اهو الله طرفان جنهن ميوي (ثمر) جي منع ٿيل هئن ان کي کاڌائين ۽ حضرت آدم کي مجبور ڪيائين ته جيئن اهو ميوو کائي اهو اصل سبب بڻيو جنهن جيڪري کين جنت مان ٻاهر ڪڍيو ويو [8]. ان مان ڀلي ڀت خبر پوي ٿي ته يهودي ان واقعي ۾ حضرت حوا کي اصل قصور وار سمجهن ٿا ۽ ان ڪري ئي چون ٿا ته قيامت تائين عورت ان غلطيءِ جو تاوان ڀري ۽ ان کان بد ۾ چون ٿا ته عورت جو مرتبو گهٽ آهي .

پر جڏهن قرآن ۽ اسلامي تعليمات کي ڏسجي ٿو ته قرآن حضرت آدم کي بيبي حوا تي ڪابه ترجيح نه ڏني آهي بلڪ قرآن ۾ الله جو فرمان آهي : شيطان ٻنهي کي فريب ڏنو ان جيڪري الله سائين جنت مان انهن کي ٻآهر ڪڍي ڪري زين تي موڪليو [9] اسلام ۾ حضرت حوا کي ڇڙو اڪيلو قصور وار قرار ڏنو ويو هجي ائين ناهي بلڪي ٻنهي جو ذڪر آهي ان جيڪري ئي اسان و ڪو به اهو عقيدو ناهي جو عورت سڄي زندگي ا غلطي جو جبران ڪندي ۽ قيامت تائين اهو سلسلو جاري رهي ، ائين عورت کي جيڪو ماء هجڻ جو اعزاز حاصل آهي اهو هڪ الله طرفان عورت کي اهڙو تحفو آهي جيڪو ان جي ڪمال جي دليل آهي او ئي سبب آهي جو ڪوبه مرد بغير عورت جي صاه فرزند ٿي ئي نه ٿو سگهي اهي ترازو جا ٻه پلڙا آهن جن جي بغير ترازي جو وجود ممڪن ئي ناهي ، مردن جي زمه داري اها آهي ته زندگي گزارڻ جا جيڪي وسيلا (کاڌ ، خوراڪ ، ڪپڙا ، گهر وغيره) آهن اهي عورت لاءِ آڻي ۽ مهيا ڪري ڏي عورت (گهرواري) جي اها ذمه داري آهي ته عورت جي جنسي لذت کي پورو ڪري ۽ اولاد جي تربيت ڪري، جڏهن ته اسلام وري جهاد ۽ جنگ جهڙيون سنگين ذمه دارين مردَ جي حوالي ڪيون آهن ۽ جهاد  عورت تي واجب ناهي بلڪي عورت جو جهاد اهو آهي ته پنهنجي مڙس جي بهترين گهرواري بڻجي (جهاد المرئة حسن التبعّل) [10]

اسلام ۾  معيار ۽ ميزان عدالت  آهي

سوال

هاڻي ايتري بحث ڪرڻ کانپوءِ عورتن جي باري ۾ هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته پوءِ ڪيترا حق آهن  جن ۾  ظاهرا ائين لڳي ٿو ته عورت کي نظر انداز ڪيو ويو آهي جيئن مثلا دية ۾ جيڪڏهن مرد جي دية هڪ ڪروڙ آهي ته عورت جي 50 لک آهي اهڙا کوڙ ئي ٻيا سوال انهن جو جواب ڪيئن ڏجي ؟

 جواب

اسلام عدالت ۽ مساوات (برابري) وارو دين آهي ، پر هڪ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته عدالت ۽ مساوات ۾ فرق آهي ، عدالت جو مطلب آهي: هر شيءِ کي جيڪا ان جي جاءِ آهي اتي رکڻ ۽ جيڪو به ان جو حق آهي ان کي عطا ڪرڻ .

مساوات : يعني سڀني ماڻهن کي هڪ ئي نظر سان ڏسجي ، عالم جاهل، چست ۽ سست سڀني کي هڪ ئي نگاه سان ڏٺو وڃي يعني ان حساب سان جو اهي انسان آهن هڪ کي ٻئي کي فوقيت حاصل نه آهي پر مساوات ڪڏهن ظلم آهي مثلا جيڪڏهن کي اسڪول ۾ يا مدررسي ۾ استاد جي گهر آهي اوهان اتي هڪ پڙهيل لکيل انسان جي ڳولها ڪندؤ ته جيئن ان کي اوهان ان اسڪول ۾ ماستر جي ڊيوٽي تي رکي سگهو پر جيڪڏهن اڻ پڙهي يا جنهن ان فيلڊ ۾ ڪا زحمت نه ڪئي آهي ان کي اوهان استاد طور رکندؤ ته اهو ظلم آهي اتي اهو نٿا چئي سگهو ته سڀ انسان برابر آهن ، بس مساوات هر جاءِ تي صحيح ناهي .

جيڪڏهن مرد جي قتل جي دية هڪ ڪروڙ آهي ته اها ملي ڪنهن کي ٿ سڌي ڳالهه آهي جيڪڏهن ان جي جوان زال آهي جنهن جو سڀ ڪجهه مڙس هيو ان کي اها دية ملي ٿي جيئن هو پنهنجن ننڍڙن ٻآرن جو گزران ڪري سگهي پر عورت جيڪڏهن قتل ٿي وڃي ته ان جي دية اڌ آهي مطلب مرد وري به عورت کان بغير سهڻي نموني سان پنهنجي معاشي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿو انهن حڪمتن تي ٿورو به غور وفڪر ڪجي ته الله جي مصلحتن کي آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ! ٻيو اهو ته دية وارو قانون حقيقت ۾ فيزيڪلي حساب سان مرد جي بدن کي ڏسجي ته ان جو عورت کان قوي آهي ۽ اقتصادي ذمه داريون مرد تي ئي هونديون آهن ان ڪري اسلام ان جي دية عورت کان وڌيڪ رکي آهي . اهو ساڳيو ئي جواب ميراث ۾ ڏئي سگجي ٿو .

بس اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته مرد ۽ عورت ۾ مساوات طلم آهي ڇو جو اهي جيتوڻيڪ هڪ ٻئي لاءِ آهن پر ٻنهي جي ظاهري وجود ۾ وڏو فرق آهي تنهن ڪر ضروري آهي کيس ان جي بدن ۽ وجود مطابق حق ڏنا وڃن . اسلام به جيڪي به قانون مرد ۽ عورت لاءِ قرار ڏنا آهن انهن ۾ اسلام کلم کلا عورت جي حمايت ڪئي آهي جيئن مثلا گهر جو خرچو مرد ڏي عورت تي ڪو ضرور ناهي جو گهر جو خرچو ڏي ڇا ڀلا اهو قانون عورت جي فيور ۽ فائدي ۾ ناهي ؟!

عورت جا سماجي ۽ اجتماعي حق

رومين ، مسيحن ۽ يهودين جي برعڪس اسلام اهو واحد دين آهي جنهن عورت کي اجتماعي، سماجي حق ڏنا آهن جيئن سياست واري ميدان ۾ ڏسجي ته اسلام عورت کي اهو حق ڏنو آهي ته پنهنجي ووٽَ سان حاڪم ۽ ان جي وزيرن  کي چونڊي سڀ کان پهرين اهو حق اسلام عورت کي ڏنو آهي جيئن سوره ممتحنه ۾ آهي يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِذَا جَاءكَ الْمُؤْمِنَاتُ يُبَايِعْنَكَ عَلَى أَن لَّا يُشْرِكْنَ بِاللَّهِ شَيْئًا وَلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِينَ وَلَا يَقْتُلْنَ أَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَأْتِينَ بِبُهْتَانٍ يَفْتَرِينَهُ بَيْنَ أَيْدِيهِنَّ وَأَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِينَكَ فِي مَعْرُوفٍ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ [11]

ترجمو : اي پيغمبر جڏھن تو وٽ مؤمن زالون اچن ھن (شرط) تي ته توسان بيعت ڪن ته ڪنھن کي الله سان شريڪ مُقرّر نه ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تڏھن سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

         ان آيت واضح نموني سان بيان ٿيل آهي ته عورتن کي الله جي نبي حق ڏنو ۽ اهو حڪم الله جي طرفان هيو حڪم اهو هيو ته اي الله جا نبي انهن عورتن کي حق حاصل آهي ته اهي تنهنجي بيعت ڪن (توکي انتخاب ڪن )  جڏهن اسلام ۾ عورت کي کيس پنهنجي اجتماعي ، سياسي، شهري ، ۽ ڪورٽ جي حڪمن کان اگاهه ڪيو وڃي ٿو ته ان جو مطلب صرف اهو ئي آهي ته جيئن اهي ظالم حڪمرانن جي ظلم کان بچي ڪي پنهنجي حقن جو دفاع ڪري سگهن جيڪڏهن عورت جي حقن ڏانهن اسلام جي ڪا توجهه نه هجي هجي ها يا وري ان کي نظر انداز ڪيو وڃي ها ته ڪڏهن کيس حقن کان اگاهه نه ڪيو وڃي ها لهذا ا اسلام عورت جي تمام حقن جو دفاع ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه تي ڪافي دليلون آهن جن مان ڪجهه اسان بيان به ڪري چڪا آهيون. اسان هتي مختص نموني سان ڪجهه عورت جي حقن کي بيان ڪيون ٿا ته جيئن اهي ماڻهو جيڪي هروڀرو اسلام جي خلاف ڳالهائن ٿا انهن کي جواب ڏئي سگهون ته جيئن ديت ، قصاص ، ميراث جهڙن مسئلن ۾ اهو چيو ويندو اهي ته مرد جي ميراث وڌيڪ اهي يا ديت يا وري قصاص ان جا به مفصل ۽ ڊگها جواب آهن جن مان هڪ جواب جيڪو مختصر طور تي ڏئي سگهجي ٿو اهو اهو آهي ته اها تقسيم عورت ۽ مردَ جي ظاهري بدن کي ڏسي ڪري ڪئي وئي آهي ان تقسيم جو عوت ۽ مرد جي نفس سان ۽ روح سا ڪو به تعلق ناهي ، اهڙي طرح عورت کي به ڪافي سارا اهڙا حق آهن جيڪي مرد وٽ ناهن جن جو اسان هاڻي ذڪر ڪيون ٿا

عورت جا ڪجهه حَقَ

حق مهر

عورت کي اسلام هڪ مهر وارو اهڙو حق ڏنو آهي جو جيڪو مرد کي ناهي ۽ ان اقتصادي حقَ کي عورت کان ڪوبه کسي نٿو سگهي مهر کي فقه  ۾ صداق، صَداق، صدُقة ، نحلة، اجر، عليقه، علاق، علايق ، عُقر، حباء جهڙن نالن سان بحث ٿئي آهي [12] ان مهر بابت قرآن ڪريم جو ارشاد ٿئي ٿو : وَآتُواْ النَّسَاء صَدُقَاتِهِنَّ نِحْلَةً فَإِن طِبْنَ لَكُمْ عَن شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوهُ هَنِيئًا مَّرِيئًا ترجمو : ۽ زالن کي سندن ٺھرايل ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھا سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو. اهڙي طرح سوره نساء جي 24 نبر آيت ۾ به حق مهر جي شرعي حيثيت کي بيان ڪيو ويو آهي .

نفقو (خرچ  پکو)

عورت جي حقن منجهان هڪ نفقي وارو حق آهي جيڪو مردَ کي ڏيڻو هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو نه ڏي ته شرعي ڪورٽ ۾ وڃي ڪري عورت پنهنجي ان حق جو مطالبو ڪي سگهي ٿي اهڙي طرح اسلام به ان ڳالهه ڏانهن هر مرد ڏانهن توجهه ڏياري آهي.

هاڻي عورت جو خرچو به مرد ڏي ، حق ڪابينو يا مهر به مرد ڏي ڇو؟ جڏهن ته ٻئي هڪ ڇت هيٺان زندگي گذارن ٿا ٻئي جنسي لذت به حاصل ڪن ٿا هاڻي ڇو ته مه ۽ خرچو مرد ڏي ..؟ اهو خرچو ٻئي ڄڻا گڏجي به ته ڪٺو ڪري سگهن پيا ، بس اسلام هر ڪنهن پنهنجو حق ڏنو آهي نه گهٽ نه وڌڪ ان کي ئي ته عدالت چئبو آهي بس جن جي ذهن ۾ مساوات آهي اهي اهڙن سوالن جا جواب ڪيئن ڏيندا .

باقي بچي هڪ ڳالهه ته اسلام ڀلا ڪجهه ڳالهين ۾ مرد جو طرفدار آهي ته وري ڪجهه ڳالهين ۾ عورت جو ڇو؟ ان جو جواب اهو آهي ته اهو الله کي ئي خبر آهي اهو ئي رازن ۽ حڪمتن کي ڄاڻي ٿو هر شيءِ کي جتي به رکيو ٿائين اهو عدالت مطابق آهي اسان جو عقل انهن ڳالهين جي گهرائيءَ  تائين نٿو پهچي سگهي جيڪو انهن شين تي اعتراض ڪري ٿو حقيقت ۾ اهو الله سائين کي عادل ئي نٿو سمجهي . بهرحال اهڙن مسئلن کي سمجهڻ لاءِ پهريان اسلام جي حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي جنهن کي اها سمجهه م اچي وئي اهي مسئلا آساني سان حل ڪري سگهي ٿو .

رضاع جي بدلي م اجرت وارو حقُ

اسلام عورت کي اهو حقو ڏنو آهي ته ٻآر کي جيڪو کير پياري ٿي ان جي اجرت پنهنجي مڙسَ کان وٺي سگهي ٿي ان ڳالهه تي قرآن جي هڪ آيت دليل طور اسان پيش ڪيون ٿا

فَإِنْ أَرْضَعْنَ لَكُمْ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ [13] ترجمو : جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو .

علامه طباطبائي ان بابت لکن ٿا : ڇو جو رضاعت ( کير پيارڻ ٻار کي ) جي اجرت  حقيقت ۾ فرزند جو نفقو آهي جيڪو سندس پيءُ تي واجب آهي [14]

شادي (نڪاح) ۾ عورت جي راضي هجڻ وارو حقُ

الله سائين جيئن هر انسان کي اهو حق ڏنو آهي ته پنهنجي مرضي سان جن سان نڪاح ڪرڻ حلال آهي ڪن جيئن مردُ پنهنجي مرصيءَ سان ڪنهن کي انتخاب ڪري سگهي ٿو ۽ ان جو راصي هجڻ ضروري آهي اهڙي طرح عورت کي به اهو اسلام حَق ڏنو آهي ته اها نڪاح ۾ راضي هجي ان جي رضايت کانسواءِ نڪاح نه ٿيندو ۽ اهڙا نڪاح جن ۾ ڏاڍ ۽ جبر سان نياڻين کي پرڻايو وڃي ٿو انهن جي ڪابه شرعي حيثيت ناهي ۽ نه وري اهڙا نڪاح اسلامي آهن.

دين ۽ دينداريءَ وارو حق

اسلام کي اهو مڪمل حق ڏنو آهي ته هو پنهنجي دين کي اپنائي ۽ الله جي ڏنل دستورن تي عمل ڪندي زندگي گذاري هاڻي ڪا عورت واجب نماز پڙهي ٿي پوءِ ان جو پي يا ڀاء يا مڙس ان کي جيڪڏهن نماز جيڪا واجب آهي ان کان نٿا روڪي سگهن يا ڪنهن حرام ڪمَ تي کيس مجبور نٿا ڪري سگهن ۽ سندس مڪمل اختيار آهي ته ناجائز ڪمن کان انهن کي روڪي ۽ انهن جو چيو نه وٺي

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنکر ۾ عورت جو ڪردار

اسلام جيئن معاشري ۾ براين جي روڪ ٿام لاءِ هڪ بهترين قانون مڪرر ڪيو آهي جنهن جو نالو آهي امر بالمعروف ) يعني نيڪي جي هدايت ۽ نهي عن المنکر ( يعني براين ۽ بڇڙاين کان روڪڻ ) ان قانون کي جيئن هڪ مرد معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو ائين هڪ عورت به ان قانون تي عمل ڪندي معاشري ۾ جيڪڏهن گند ، برائي ، فساد ، ڪوڙ ، تهمت ، بهتان ، بي ديني ، بد ديانتي ، بي پردگي ۽ کوڙ ساريون ٻيونن بيماريون ڏسي ته عورت جي به ذميواري آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري مثلا جيڪڏهن ان جي نياڻي ، ڀائيٽي ، ڀيڻ ، پڦي ، يا ڪا به عورت بي پرده آهي اسلامي حجاب ۾ نه ٿي رهي ته اتي سندس ذمه واري آهي ته ان کي روڪي اهو حق اسلام عورت کي ڏنو آهي ته ان بي پردگي جهڙي موذي مرض جي خلاف پنهنجي وسَ آهر قدم کڻي جيڪڏهن معاشري ۾ اسلام عورت کي ڪو حق نه ڏي ها ته ڪڏهن ايڏو وڏو حق الله سائين عورت جي حوالي نه ڪري ها اسان صرف ڪجهه مثالن کي سمجهاڻي طور استعمال ڪيو آهي نه ته اسلام ۾ اهڙا ڪيترائي حقَ الله سائين عورت کي ڏنا آهن جن کي هو استعمال ڪري معاشري کي سينگاري سگهي ٿي ، جڏهن ڪنهن معاشري جي اصلاح جهڙو اهم رڪن ۾ عورت مرد جي برابر آهي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو اسلام عورت جي ڪيڏي نه وڏي مرتبي ۽ شان جو قائل آهي !

خاص عورتن جو ذڪر قرآن ۾

اسلام اهڙو دين مبين ۽ سچو دين آهي جو عورتن ۽ مردن کي فضيلتن جي حاصل ڪرڻ ۾ برابر قرار ڏنو آهي ، جڏهن انسان قرآن ڪريم جي آيتن جو مطالعو ڪري ٿو ته ان ڳالهه جي خبر پوي ٿي ته قرآن فقط ڪلي ۽ مٿاڇري شين تي نظر ناهي وڌي بلڪ ڪافي مسئلن جي جزئيات کي به سهڻي نموني سان بيان ڪيو آهي ته جيئن انهن کي ڏسي ڪري انسان سبق پرائي سگهن ، اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ ڪجهه نيڪ ۽ پارسا عورتن جو زڪر ڪيو ويو آهي جيئن ٻيون عورتون ان کي ڏسي پنهنجي لاءِ نمونو (آئيڊيل) قرار ڏئي سگهن.

حضرت ساره   J ۽ حضرت ابراهيم C

حضرت ابراهيمC اولوالعزم پيغمبرن منجهان آهن ، کيس الله سائين ٻڍڙائپ ۾ هڪ نيڪ ، بردبار، سمجهدار پٽ جي بشارت ۽ خبر ڏني ۽ اهڙي نموني سان اها ساڳي ئي خوشخبري بيبي ساره کي به ملائڪن ڏني .

فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلَامٍ حَلِيمٍ پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون[15]

جڏهن حضرت ابراهيم کي اها خوشخبري ملي پاڻ فرمايائون : قَالَ أَبَشَّرْتُمُونِي عَلَى أَن مَّسَّنِيَ الْكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرُونَ    مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟

ان آيت مان هڪ اهو به درس ملي ٿو ته انسان کي ڪڏهن به رحمت خدا کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي به حق ناهي ته الله کان ناميد ٿئي .

ان کانپوءِ الله جو پيغام آيو : قَالُواْ بَشَّرْنَاكَ بِالْحَقِّ فَلاَ تَكُن مِّنَ الْقَانِطِينَ[16] چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ. 

۽ ان خوشخبري وقت بيبي ساره به حضرت ابراهيم سان گڏ هئي ۽ اها خوشخبري ٻڌي بيبي مسڪرايو ۽ ڏاڍي خوش ٿئي ان ڳالهه تي قران جي هي آيت گواهه آهي : وَامْرَأَتُهُ قَآئِمَةٌ فَضَحِكَتْ فَبَشَّرْنَاهَا بِإِسْحَقَ وَمِن وَرَاء إِسْحَقَ يَعْقُوبَ[17]   ۽ سنديس زال جا بيٺل ھُئي سا کِلي پوءِ ان کي اسحاق جي (ڄمڻ جي) ۽ اسحاق جي پٺيان يعقوب جي مُبارڪ ڏنيسون.

ان آيت مان اها خبر پوي ٿي ته بيبي ساره هڪ عظيم مقام ۽ مرتبي تي پهتل هئي جو فرشتن جا پيغام ٻڌي ۽ سمجهي سگهي پئي ان کان وڌيڪ اڃان ڪهڙو دليل ڏجي ته عورت به ڪمال جي عظيم مرتبي تي پهچي سگهي ٿي .

فرعون ۽ ڪجهه عظيم عورتن جو  ظلم  جي خلاف احتجاج

جهڙي نموني سان ظلم جي خلاف مردن قيام ڪيو آهي اهڙي طرح ڪافي عورتن جو به تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو البت فرعون واري قصي ۾ قرآن ڪريم ٽن عورتن جو ذڪر ڪيو آهي جن حضرت موسى کي فرعون کان بچايو ۽ ان جي تربيت ڪيائون، حضرت موسىC جي جيڪا تربيت ڪئي آهي ان ۾ حضرت موسىC جي امڙ ، سندن ڀيڻ ۽ فرعون جي گهرواري جو اهم ڪردار آهي ، انهن ٽن مجاهد عورتن ان خطرناڪ دؤر ۾ الله جي نبي جي حفاظت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ۽ سندن حفاظت ڪندي ايستائين جو پنهنجي جان جي به پرواه نه ڪيائون .

جڏهن حضرت موسىC جي امڙ حضرت موسىC کي دريا جي حوالي ڪيو ۽ ان مهل سندس ڀيڻ جيڪا گڏ هئي چيائين : ته موسىC واري صندوق جيڏانهن وڃي تون ان پاسي وڃ . فرعون جي گهرواري به فرعون کي چيو ان ٻا کي قتل نه ڪر شايد ان مان اسان کي ڪو فائدو حاصل ٿئي يا ري کڻي ائين ٿا ڪيون جو ان کي پنهنجو پٽ ٿا ڪيون ، هاڻي اوهان ڏسو ته حضرت موسى Cجي امر ڏانهن الله سائين وحي ڪئي ته ان کي کير پيار ۽ ان کانپوءِ درياءِ نيل جي حوالي ڪريس ان ڳالهه ک الله سائين قرآن مجيد ذڪر ڪيو آهي : وَأَوْحَيْنَا إِلَى أُمِّ مُوسَى أَنْ أَرْضِعِيهِ فَإِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَأَلْقِيهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِي وَلَا تَحْزَنِي إِنَّا رَادُّوهُ إِلَيْكِ وَجَاعِلُوهُ مِنَ الْمُرْسَلِينَ [18]  ۽ مُوسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون ته اُن کي کِير پيار، جڏھن ھن جي لاءِ ڊڄين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇوته اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون.

اهڙي طرح سندس ڀيڻ جو زڪر به قرآن ۾ آهي : وَقَالَتْ لِأُخْتِهِ قُصِّيهِ فَبَصُرَتْ بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ [19] ۽ مُوسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين ته سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نه ٿي ڄاتو.

 

انهن آيتن جو جڏهن غور سان مطالعو ڪجي ٿو ته اها خبر پوي ٿي ته الله سائين ۽ دين مبين اسلام عورت کي ڪيڏو نه مان ڏنو آهي ۽ ان جي ڇڱن ڪمن کي قرآن جي آيتن ۾ آندو اٿائين ان مان صاف ظاهر آهي اهو دين اسلام ئي آهي جيڪو اسلام جي عزت ۽ وقار جو قائل آهي ۽ ان جي حقن جو سهڻي نموني سان دفاع ڪيو اٿائين جيئن ڪنهن مرد جي فضائل کي قرآن ۾ بيان ڪيو ويو آهي اهڙي طرح عورت به جيڪو ڪارنامو انجام ڏنو آهي ان کي اسوه حسنه ۽ دنيا وارن لاءِ نموني طور پيش ڪيو آهي ، جيڪڏهن اسلام ۾ مرد ۽ عورت جو انساني ڪمالات ۾ فرق هجي ها يا هڪ کي ٻئي تي برتري ڏي ها ته ان جو ذڪر به ٿئي ها پر سڄي قرآن جو مطالعو ۽ تفسير پڙهڻ کانپوءِ اها خبر پوي ٿي ته الله سائين مرد ۽ عورت جي انسان هجڻ ۾ يعني ان حساب سان جو اهي انسان آهن ڪنهن به فرق ۽ تبعيض جو ذڪر ناهي ڪيو ، البت هر ڪنهن جي جسم ۽ بدن جون ڪجهه تقاضائون ۽ خاصيتون آهن جن جي مطابق ان کي زندگي گذارڻي پوي ٿي ، ان جو اهو هرگز مطلب ناهي ته بدن جي خاص احڪامن جيڪري عورت کان مرد جو مقام وڌيڪ آهي بلڪ انساني ڪمال صرف ان جي روح ۽ نفس سان جڙيل آهي ، بس جنهن جو بدن جنهن به صورت ۾ آيو آهي ڪجهه خاص احڪام ان لاءِ جوڙيا ويا آهن اهي به حڪمتن ۽ خاص سببن جيڪري جنهن ۾ انسان جي ئي ڀلائي آهي ، ان مان هر گز اهو نه سمجهيو وڃي ته مرد کي عورت تي برتري حاصل آهي.

              حضرت مريم J جو خاص مقام

بيبي مريمJ جو به قرآن ڪريم۾ وڏي مان ۽ شان سان زڪر ٿيو آهي ، قرآن ڪريم سندن عظمت ، ڪرامت ، پاڪدامني کي  انسانن لاءِ نموني طور پيش ڪيو آهي وَمَرْيَمَ ابْنَتَ عِمْرَانَ الَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيهِ مِن رُّوحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمَاتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهِ وَكَانَتْ مِنَ الْقَانِتِينَ  ۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي[20]

ان عظيم ۽ بلند مرتبي واري خاتون کي الله سائين فرشتن جي ذريعي خبر ڏني ته اي مريم الله سائين توکي انتخاب ڪيو آهي ،وَإِذْ قَالَتِ الْمَلاَئِكَةُ يَا مَرْيَمُ إِنَّ اللّهَ اصْطَفَاكِ وَطَهَّرَكِ وَاصْطَفَاكِ عَلَى نِسَاء الْعَالَمِينَ

۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زالن تي سڳورو ڪيائين[21]

عورت جو مقام معصومين F جي نگاهه ۾

 

بهترين انسان رسول خدا جي نظر ۾

رسول خدا 7  فرمايو : توهان مان اهو انسان بهتر آهي جيڪو پنهنجي عورتن سان ڀلي نموني سان پيش اچي ۽ خوش رفتار هجي ۽ مان پنهنجي عورتن سان خوش رفتاري سان پيش ايندو آهيان [22]

ڌيءِ جي عظمت امام صادق Cجي نظر ۾

جارود بن منذر چئي ٿو ته امام صادق عليه السلام هڪ ڏينهنمون کي چيو : مون تائين خبر پهتي آهي ته الله سائين توکي نياڻي عطا ڪئي آهي ۽ تون خوش ناهين جڏهن ته نياڻي هڪ خوشبودار گل جيان آهي ۽ ان جي روزي ۽ رزق به الله جي ذمه آهي ۽ رسول خدا به ڪيترين نياڻين جو پيءُ هيو [23]

پهريون ڌيءَ  لاءِ تحفو وٺو

رسول خدا  فرمايو : جيڪو مرد بازار وڃي ۽ ڪو تحفو پنهنجي خاندان ۽ گهرواران لاءِ خريد ڪرڻ چاهي ان جو ثواب ايترو اهي ڄڻ ان هڪ فقير ۽ محتاج قوم کي صدقو ڏنو ) خريد ڪرڻ وقت (يعني جڏهن خريد ڪرڻ شروع ڪري ) سڀ کان پهريان تحفو پنهنجي ڌيئن لاءِ وٺي [24]

ان روايت مان اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته الله جي نبي نياڻين کي پٽن تي اهميت ڏني آهي ان ڪري اسان کي انهن جو خيال ڪرڻ گهرجي ۽ ڪڏهن به صرف پٽَ کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي ۽ پاڻ سڳورن جي سيرت تي عمل ڪندي عورتن کي انهن جا پورا حقَ ڏيڻ گهرجن.

ڀاڳ واري عورت

رسولخدا7 فرمايو : ڀاڳ واري عورت اها آهي جنهن جو پهريون ٻار ڌيءَ هجي [25]

ان حديث ۾ الله جي نبي ان عورت کي جنهن جو پهريون ٻار ڌيءَ هجي ڀاڳ واري عورت چيو آهي ، ان مان ڀلي ڀت سمجهه ۾ اچي ٿو ته الله جي نزديڪ عورت جو ڪيڏو نه عظيم مقام آهي جيڪڏهن نبي سڳوري7 وٽ مردن کي عورتن تي فوقيت حآصل هجي ها ته ڪڏهن اهڙي عورت کي ڀاڳ واري نه چون ها بلڪي اهو چون ها ته اها عورت ڀاڳ واري آهي جنهن جو پهريون ٻار پٽ هجي لهذا تعليمات اسلامي ۽ نبي7 جو اهو فرمان ان ڳالهه تي روشن دليل آهي ته عورتن جو مقام مردن کان گهٽ ناهي بلڪ ڪجهه جاين تي عورت کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي .

گهرواريءَ سان ويهڻ اعتڪاف کان بهتر

رسول خدا 7فرمايو : جيڪو شخص پنهنجي گهرواريءَ سان ويهي ٿو اهو منهنجي نزديڪ مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي [26]

ڪجهه خشڪ قسم جا انسان جيڪي پنهنجو پاڻ کي پرهيزگار سمجهندا آهن ۽ گهروارن ۽ ٻارن کي بلڪل به ٽائيم نه ڏيندا آهن ۽ شايد اهي مسجد ۽ نمازن پڙهڻ کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن انهن لاءِ اها پاڻ سڳورن 7جي حديث درس آهي ته اي مسلمانو! پنهجا سنتي ڪم ۽ نمازون گهر ۾ اچي پرهو ۽ جيترو ٿي سگهيوَ پنهنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن کي ٽائيم ڏيو ۽ اسلامي نڪته نگاهه سان عورت جو اعتڪاف کان ۽ سنتي نمازن کان وڌيڪ حق آهي ۽ڪڏهن به ان جي حقن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي .

 عورت ۽ لاءِ هزار شهيد جو اجر

ميمونه پاڻ سڳورن کان روايت نقل ڪندي فرمائي ٿي پاڻ فرمايائون : منهنجي امت مان بهترين مردَ اهي آهن جيڪي پنهنجي گهرواريء سان ڀلي نموني ۽ خوش اخلاقي سان پيش اچن ۽ منهنجي امت مان بهترين اهي عورتون آهن جيڪي پنهنجي مڙسن سان ڀلي نموني پيش اچن ۽ سندن ڪردان ڀلو ۽ نيڪ هجي ۽ جيڪا عورت حمل (ڳورهاري) آهي ان جو هر ڏينهن ۽ رات هزار شهيد جي ثواب ۽ اجر جي برابر آهي ۽ بهترين گهرواريون ۽ زالون اهي آهن جيڪي گناهه کان پرهيز ڪن ۽ پنهنجي مڙس جي راضي رکن ، ۽ بهترين مڙس اهي اهن جيڪي پنهنجي زالن سان ڀلي نموني پيش اچن ۽ انهن کي خوش رکن ۽ جيڪو مردُ پنهنجي زال سان ان نموني سان پيش ايندو الله ان کي ان هر ڏينهن جي بدلي سؤ سهيد جيترو اجر ڏيندو .

ابن خطاب چيو : اي الله جا رسول ! اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو جيڪا عورت مڙسَ کي راضي ۽ خوش رکي ان و اجر هزار شهيد جي برابر هجي !؟ پاڻ فرمايائون : تون ڄاڻ ته عورتن جو اجر الله جي نزديڪ  مردن کان وڌيڪ آهي، الله جي قسم ! جيڪو مڙس پنهنجي گهرواريءَ تي ظلم ڪري ٿو اهو شرڪ کان بعد ۾ وڏو گناهه آهي [27]

اسلام ۾  ڪسوٽي ۽ ميزان

اسلام جيئن مردن جي عفيف ۽ سڳوري هجڻ جو ذڪر قرآن ۾ ڪيو آهي[28] اهڙي طرح  اهي عورتون جيڪي پاڪدامن ۽ سڳوريون رهيون آهن انهن جو ذڪر ڪيو آهي[29] يعني اسلام جي نگاهه ۾ معيار تقوا ۽ پاڪدامني آهي پوءِ اهو مرد هجي يا عورت ان ۾ ڪو به فرق ناهي اسلام اسانجي ناقص سماج وانگر ناهي جو انهن وت فقط عورت تي ڪاهه هوندي اهي مرد ڀلي جهڙو به هجي ان کي ڪو چوڻ واو ئي نه هوندو آهي اهي فرقَ جيڪي اڄڪلهه معاشري ۾ محسوس ٿين ٿا انهن جو اهم ڪارڻ تعليمات اسلامي کان جهالت آهي ، جيڪڏهن اسان اسلام جي حقيقت ان جي معارف کان آگاهه هجون ته اسان کي اها پڪ ٿي ويندي ته اسلام وٽ ڪرامت ، عزت ، شرافت جو معيار تقوا ۽ پرهيزگاري آهي ، اسلام هميشا جيئن مردن جي حق جو دفاع ڪيو آهي اهڙي طرح عورتن جي حقن جو به دفاع ڪيو آهي .

نتيجو

هن مختصر مقالي ۾ اسان اهو بيان ڪيوسين ته مرد ۽ عورت انسانيت ۾ برابر آهن ۽ دين مبين اسلام مرد ۽ عورت ٻنهي جي حقن جو دفاع ڪيو آهي ۽ قران ڪريم ۾ به انهن خاص عورتن جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي دنيا جي تمام عورتن لاءِ آئيڊيل بڻجي آيون اسان به هن مقالي ۾ انهن مان ڪجهه جو ذڪر ڪيوسين ۽ وسَ آهر مختصر وضاحت به ڪئي سين البت جيڪو ان کان وڌيڪ جو طالب آهي اهو انهن آيتن جي تفسير پڙهي ڌڻي در دعاڳو آهيان ته الله سائين اسان کي نيڪ مردن ۽ نيڪ عورتن جي ڏنل ڏسن ۽ انهن جي پاڪ سيرت تي هلڻ جي توفيق عنايت فرمائي .

سيد احمد علي نقوي

15 شعبان 1436 قمري

منجي عالم بشريت حضرت امام عصر عجل الله فرجه الشريف جي ولادت واري ڏهاڙي تي هن ڪتاب کي مڪمل ڪيو، الله سائين اسان جي هن ننڍڙي ڪاوش کي پنهنجي بارگاهه ايزدي ۾ قبول فرما  ،الهي آمين

 

مددي ڪتاب

1 قرآن

2 نهج البلاغه

3علامه طباطبائي ، تفسير الميزان

4 علامه طبرسي ، تفسير مجمع البيان

5 آيت الله جوادي آملي ، تفسير تسنيم

6آيت الله جوادي آملي ، زن در آئينه جلال وجمال

7 محمد بن حسن حر عاملي وسائل الشيعه

8 محدث نوري  مستدرک الوسائل

9 تنبيه الخواطر

10 شيخ صدوق ، من لايحضره الفقيه .

11

 

 



[1]  حجرات ، آيت 13

[2]   سوره آل عمران آيه 195

[3]  الميزان ، ج 4 ، ص 94

[4]  احزاب آيت 35

[5]  مجمع البيان ، ج7، ص 375 ۽ 378 ، نور الثقلين ، ج4، ص 275،

[6]

[7]  توارات ، سفر پيدايش فصل 3 ، آيه 16

[8]  ساڳيو

[9]  سوره بقره ، آيت 35 ، 36

[10] يعقوب کليني ، الڪافي ج5 ص 507

[11]  سوره ممتحنه آيت 12

[12]  يوسف بحراني . الحدائق الناضرة ، ج24، ص417 ، زين الدين عاملي (شهيد ثاني) مسالک الافهام ؛ ج8، ص 157 ، 158

[13]  سوره طلاق آيت 6

[14]  سيد محمد حسين طباطبائي ؛ الميزان في تفسير القرآن ؛ ج19 ص 317

[15]  سوره صافات آيت 101

[16]  سوره حجر آيت 55

[17]  سوره هود آيت 71

[18]  سوره قصص  آيت 7

[19]  سوره قصص آيت 11

[20]  سوره تحريم آيت 12

[21]  آل عمران آيت 42

[22]  شيخ صدوق،من لايحضره الفقيه ، ج3 ص 443،فيض ڪاشاني، وافي ، ج22، ص 789

[23]  محمد بن حسن حر عاملي ،وسائل الشيعه ، ج15، ص 102

[24] محمد بن حسن حر عاملي ، وسائل الشيعه ،ج15،ص227

[25] محدث نوری  مستدرک الوسائل ج15، ص 11

[26]  ابي الحسن ورّام ،تنبيه الخواطر ،ج2 ص 122

[27]  روش خوشبختي ، ص 78، 79

[28]  جيئن حضرت يوسف ج پاڪدامني جو زڪر قرآن ۾ آهي ته رب اني احب السجن مما يدعونني اليه پروردگار اي منهنجا رب ! مان زندان (جيل) سان ان شيءِ کان وڌيڪ محبت ڪيان ٿو جنهن جي هي مون کي دعوت ڏئي رهيا آهن

[29]  جيئن حضرت مريم جي پاڪدامني جي قران گواهي ڏني ته اي مريم اسان تون کي انتخاب ڪيو آهي ۽ تون طاهره آهين ان قصي جو ذڪر به قرآن جي سورت آل عمران جي آيت نمبر 42 ۽ 43 ۾ ٿيو آهي اهل معرفت انهن آيتن جو تفسير پرهي ري وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا 

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top