مقدمو  4

مجلس نمبر1. 9

قرآن ۽ امام حسين عليه السلام. 9

ڪربلا ۾ هدف،اخلاص،خوشي۽ آگاهي.. 15

مسئله هدف.. 17

مسئله آگاهي.. 19

مجلس نمبر 3. 22

امام حسين عليه السلام جي تحريڪ قرآن جي بنياد تي.. 22

قرآن ۽ امام حسين عليه السلام جا اهداف.. 29

مجلس نمبر5. 34

امام حسين عليه السلام ۽ امر بالمعروف.. 34

بيهودا توجيهون. 37

مجلس نمبر 6. 38

ڪربلا ۾ قرآن جا جلوا 38

مجلس نمبر 7. 43

ڪربلا ۾ عزت ۽ ذلت.. 43

ڪجھ ضروري نڪتا 45

مجلس نمبر 8. 50

نماز ۽ امام حسين عليه السلام. 50

مجلس نمبر 9. 55

قرآن ۽ شهداء جي ياد

55

مجلس نمبر 10. 62

زيارت عاشورا قرآن جي نگاهه ۾.. 62

 

 

       

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

          

 

     انتساب

هن ڪتاب کي بشريت جي نجات جي ضامن حضرت صاحب العصر والزمان عليه السلام  جي مقدس بارگاهه ۾ پيش ڪريان ٿو .جنهن جي انتظار ۾ڪائنات جو هر باشعور انسان آهي .

اميد ٿو ڪريان ته الله سائين هن ڪتاب کي محمد وآل محمد جي صدقي ۾ ۽ خاص طورتي ڪربلا جي سر زمين تي شهيد ٿيندڙ شهيدن جي صدقي ۾ منهنجي لاءِ ۽ منهنجي خاندان جي مرحومين خاص طور تي والد محترم ۽ ڏاڏي لاء آخرت جو ذخيرو قرار ڏئي .

 

 

                

      

 

 

 

 

 

 

     

مترجم جو مقدمو:

             الحمد لله الذي جعلنا من المتمسکين بولاية امير المومنين والائمة

ڌڻي تعالى جا لک شڪر آهن جو مون حقير کي ان خاندان ۾ دنيا تي آندو جنهن جي خون ۾ محمد وآل محمد ۽ خاص ڪري سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جي مودت ۽محبت جا قطرا شامل هيا لهذا محمد و آل محمد جي خاص عنايت ۽ امڙ جي مقدس ٿڃ جواهواثرآهي جوحضرت فاطمه المعصومه سلام الله عليها جي بارگاه ۾ علوم آل محمد جي چشمي کان سيراب ٿيڻ جي سعادت حاصل ٿي رهي آهي.

خدا وند عالم جا ڪروڙين احسان آهن جنهن مون کي هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي  جيڪو ڪتاب جڳ جي مشهور عالم دين ۽ مفسر قرآن حجت الاسلام استاد محسن قرائتي صاحب  جن جي هٿن سان ڪائنات جي عظيم هستي اسلام جي بقاء جي ضامن حضرت سيد الشهداءامام حسين عليه السلام جي عظمت تي لکيو ويوآهي .

هن ڪتاب ۾ امام حسين عليه السلام جي عظمتن کي قرآن جي روشني ۾ بيان ڪيو ويو آهي . اميد آهي ته هن ڪتاب جومطالعو پڙهڻ وارن دوستن ، مومنن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾رهندڙ امام حسين عليه السلام جي عاشقن لاء مفيد ثابت ٿيندو ۽ انهي ڪتاب جي ذريعي سان انهن جي محبت ۽ عشق ۾ اضافوٿيندو .

                                            

                                               نور احمد منگي

                                               حوزه علميه قم 

 

 

    مقدمو

  الحمد لله رب العالمين و صلي الله علي سيد نا محمد وآله اجمعين

ڪافي سالن کان اها ڪوشش آهي ته قرآن مجيد جي تفسيرکي عام ڪيو وڃي خدا جو شڪرآهي ته ان مون کي انهئَ پنهنجي مقصد ۾ ڪافي توفيق عنايت فرمائي آهي ۽ مون کي ان راه ۾ڪاميابي عطا فرمائي آهي .2001 ۾ جڏهن خدا جي گھر جي زيارت جي سعادت حاصل ڪرڻ کان پوءموٽي آيس ته عيد غدير جي ڏينهن ۾منهنجي دوستن طرفان ڏنل مشوري مون کي ڏينهن رات سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هيو ته ڇا ٿي سگهي ٿوته محرم الحرام جي مجلسن کي قرآني بڻايو وڃي ؟ لهذا اهو فڪر ڪيم ته ڇو نه امام حسين عليه السلام جي هدف ۽ مقصد کي قرآن جي روشني ۾ بيان ڪيو وڃي ۽ انهن واقعن کي قرآن جي روشني ۾ بيان ڪيو وڃي جيڪي ڪربلا ۾ واقع ٿيا.

 مثال جي طور:جهاد،عزم،ارادو،عشق،ايمان،خلوص،۽ شهادت ،نماز،حر جي توبه، ۽ انهن کان علاوه ٻيا سڀ موضوع جيڪي ڪربلا ۾ واضح ۽ روشن ٿيا .جن ۾ امام حسين C جو پنهنجيجوان ٻچڙي کي سڀ کان پهريان جنگ جي ميدان ڏانهن روانو ڪرڻ ،يا امام جي صحابين جون وفاداريون يا انهن کان علاوه ٻيا موضوع جنجي باري ۾ قرآن جون آيتون اشارو ڪري رهيون آهن . انهن سڀني موضوعن کي جيڪڏهن قرآن جي روشني ۾ بيان ڪيو وڃي ته ڪيترو ته بهترين نمونو ٿيندو جو تقريرن جو محور ۽ معيارقرآن هوندو ليڪن حقيقت ڪربلا جي هوندي جنهن کي قرآن جي سائي ۾ بيان ڪيو ويندو .

مان پنهنجو پاڻ کي چوندو رهيس ته جيڪڏهن ٻين شين جي جاء تي قرآن کي بيان ڪيو وڃي ته قرآن پنهنجي مقدس نورانيت سان ۽ پنهنجي نوري اثرن سان دل کي نوراني  علم جي فيض سان منورڪري ڇڏيندو ۽ قرآن کان دور رهڻ واري حالت به ختم ٿي ويندي  ۽ نبي پاڪ (ص) جي قول ته * منهنجي اهل بيت ۽ قرآن هڪٻئي کان جدا ناهن * تي به عمل ٿي ويندو .

جناب رسول خدا (ص) جن فرمائن ٿا : ”اني تارک فيکم الثقلين  کتاب الله و عترتي اما ان تمسکتم بهما لن تضلوا ابدا فانهما لن يفترقا حتي يردا علي الحوض “

پنهنجي پاڻ کي چيو ته ان فڪر کي مضبوط ۽ بي عيب ڪرڻ لاء تمام گھڻي وقت جي ضرورت آهي جڏهن ته ٻئي طرف محرم جو مهينو به مٿان اچي رهيو هيو ۽ ان مهيني کي به هٿ مان وڃڻ کي صحيح نه پيو سمجھان .لهذا هڪ رات ۾ انهن سڀني آيتن کي گڏ ڪيو جيڪي حسيني قافلي سان مربوط ۽ منسوب هيون ۽ انهن سڀني آيتن کي ڏهن مجلسن جي قالب ۾ بند ڪيو .جڏهن ته هر مجلس کي (مبلغين لاء) ڏهن کان ويهن آيتن تي بيان ڪيو آهي.مون کي اميد آهي ته مبلغ ۽ خطيب حضرات انهن آيتن جي مشابه جيڪي آيتون آهن انهن کي اضافو ڪندا ته انهن جون مجلسون بهترين ٿي وينديون .اسان جو هي سڀ مجلسون هڪ قسم جو مقدمو آهن تاڪي اسان انهي مقدمي جي برڪت سان آهسته،آهسته قرآن سان محبت ڪيون ۽ پنهنجي نوراني ۽ معصوم رهبرن جي قريب ٿي وڃون .۽ خداوند عالم جي آڏوسرخرو ٿي سگهون .

حضرت امام علي رضا عليه السلام جن فرمائن ٿا :مان جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آهي جيڪڏهن انهي جي باري ۾ ڪو سوال ڪري ته اهو حڪم قرآن جي ڪهڙي آيت مان ورتو ويو آهي ته مان ان جي جواب ۾ ضرور چوندس ته هي حڪم قرآن جي فلاڻي آيت مطابق بيان ٿيل آهي .

 پهرين مجلس کي ڪتاب ”همگامي امام حسين عليه السلام با قرآن “ مان ورتو آهي ۽ ٽئين مجلس” ڪتاب موسوعه ڪلمات امام حسين عليه السلام  ” مان ورتو آهي .باقي سڀ مجلسون الله سائين جي عنايت سان پاڻ جستجو ڪري لکيون آهن ،ان اميد سان ته هڪ ڏينهن ضرور اسان جاسڀ قصا۽دليلون،عرفاني.۽اخلاقي درس،اجتماعي،سياسي۽اقتصادي زندگي جا مسئلا،انٽرنيشنل رابطا، ايتري قدر جو اسان جون مجلسون ۽ مصائب به قرآن ۽ اهل بيت جي ڪلمات جي مطابق هوندا .

انهي لاء اسان تي ضروري آهي ته اسان خوابن،ڪمزور تاريخ،لفاظي،۽ ڪوڙين ڪهاڻين کان پرهيز ڪيون ۽ حقيقي نور جي تلاش ڪريون ۽ پنهنجو پاڻ کي امام حسين عليه السلام   جي صحابين وانگر بڻايون۽انهن ماڻهن وانگر نه ٿيون جن اهل بيت عليهم السلام جي علم مان گھٽ استفادو ڪيو .اسان کي گھرجي ته قرآن جي حفظ  جو جلسو هجي يا قرائت جو ، يا عزاداري جا جلسا هجن يا ٻيا جلسا ،انهن ۾ اسان کي فرق نه ڪرڻ گھرجي ڇو جو ائين ڪرڻ سان آهسته آهسته تاريخ ۽ ڪربلا جي واقعي جي اهميت ( جيڪو تمام اهم آهي )گھٽجي ويندي . اسان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي ته ڪو اهڙو به دور هيو جنهن ۾ علامه اميني  جهڙيون شخصيتون منبرن تي اينديون هيون. جڏهن ته اڄ علمي دنيا آهي ۽ نوجوانن جي ذهنن ۾ گھڻائي مسئلا پيدا ٿين ٿا لهذا اسان کي هن زماني جي گھرج مطابق هجڻ گھرجي .

خدايا! قرآن کي اسان جي فڪر ،عقيدي.قلم۽ گفتگو  لاء نور ۽ هر فرد ۽ معاشري لاء باعث عمل قرار ڏئي .(آمين )

 

 

 

 

 

 

          مجلس نمبر1 

 قرآن ۽ امام حسين عليه السلام 

 

v       جيڪڏهن قرآن مجيد هر ڪلام جو ۽ هرڪتاب جو سردار آهي[1]. ته امام حسين عليه السلام    به سڀني شهيدن جو سرادا رآهي [2].    *جيڪڏهن صحيفه سجاديه جي 42 نمبر دعا ۾ قرآن جي باري ۾ پڙهون ٿا ”ميزانُ قسط “(يعني قرآن عدل ۽عدالت جو ترازوآهي) ته زيارت ۾ امام حسين عليه السلام  جي باري ۾ چئون ٿا ”اشهد انک امرت بالقسط“[3]يعني جيڪڏهن  قرآن عدل ۽ عدالت جو ترازو ۽ ميزان آهي ته امام حسين عليه السلام به عدل ۽ عدالت جا حاڪم آهن .

v       جيڪڏهن قرآن مجيد خدا جي طرف کان نصيحت بڻجي آيو آهي ” موعظة من ربکم [4]“ته امام حسين عليه السلام  به اهو اهي جيڪو هميشه نصيحت ڪندو رهيو ايسيتائين جوعاشور جي ڏينهن به فرمائيندا رهيا ”لاتعجلو حتي اعظکم بما يحق لکم[5]“جلدي نه ڪيو تاڪي مان توهان کي حق جي نصيحت ڪيان .

v       جيڪڏهن قرآن ماڻهن کي نيڪئ جي طرف هدايت ڪري ٿو ”يهدي الي الرشد“.[6]ته امام حسين  عليه السلام  جن فرمائن ٿا :ادعوکم الي سبيل الرشاد[7]“مان توهان کي نيڪي ۽ سعادت جي راهه ۽ رستي جي هدايت ڪريان ٿو .

v       جيڪڏهن قرآن عظيم آهي ” والقرآن العظيم[8] “ ته امام حسين عليه السلام  به عظيم ڪارنامه انجام ڏنا آهن ”عظيم السوابق “[9]

v       جيڪڏهن قرآن حق ۽ يقين آهي ”وانه الحق اليقين“[10]ته امام حسين عليه السلام  جي زيارت ۾ پڙهون ٿا: ته امام حسين عليه السلام  به ايتري قدر ته عبادت ڪئي جو پاڻ يقين جي درجي تي فائز هيا .”حتي اتاک اليقين[11]

v       جيڪڏهن قرآن شفاعت جو درجو رکي ٿو ” نعم الشفيع القرآن “[12]ته امام حسين  عليه السلام  پڻ شفاعت ڪرڻ وارا آهن .” وارزقني شفاعةالحسين “[13]

v       جيڪڏهن صحيفه سجاديه جي دعا نمبر42 ۾ قرآن جي باري ۾ پڙهون ٿا ته قرآن نجات جو علم ۽ پرچم آهي .” ان القرآن علم النجاة“ ته زيارت امام حسين عليه السلام  ۾پڙهون ٿا ته امام حسين عليه السلام  به هدايت جا علم آهن ” انه راية الهدى“[14]

v       جيڪڏهن قرآن شفا ڏيندڙ آهي ”وننزل من القرآن ماهو شفاء[15]ته امام حسين عليه السلام جي قبر جي مٽي ۾به شفا آهي ”طين قبر الحسين شفاءٌ من کل داء[16]“امام حسين عليه السلام  جي قبر مبارڪ جي مٽي هر مرض۽ بيماري جي دوا ۽ شفاء آهي .

v       جيڪڏهن قرآن حڪمت جو ٿنڀو آهي ته امام حسين عليه السلام  پڻ حڪمت جو دروازو آهي” السلام عليک يا باب حکمة رب العالمين “[17]

v       جيڪڏهن قرآن امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪري ٿو ” فالقرآن آمر وزاجر[18]ته امام حسين عليه السلام  جن فرمايو آهي ته منهنجي ڪربلا وڃڻ جو مقصد ۽ هدف امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪرڻ آهي.”اريد آمر بالمعروف وانهى عن المنکر[19]

v       جيڪڏهن قرآن نور آهي.”نورا مبينا“[20]ته امام حسين عليه السلام  پڻ نور آهن ” کنت نورا في الاصلاب الشامخة“[21]

v       جيڪڏهن قرآن هرزماني۽ هر انسان لاء آهي ”لم يجعل القرآن لزمان ولا لناس دون ناس“[22]ته امام حسين عليه السلام  جي باري ۾ پڻ پڙهون ٿا ته ڪربلا جا آثار تاريخ مان ڪڏهن به مٽجي نٿا سگھن ”لا يدرس اثره ولا يمحى رسمه “(يعني ڪربلا جا آثار قيامت تائين باقي رهندا)[23]

v       جيڪڏهن قرآن مبارڪ ڪتاب آهي .”کتاب انزلناه اليک مبارک[24]ته امام حسين عليه السلام  جي شهادت اسلام جي لاء برڪت ۽ ترقي جو سبب آهي ”اللهم فبارک لي في قتله“[25]

v       جيڪڏهن قرآن ۾ڪابه ٽيڙائپ نه آهي ” غير ذي عوج“[26]ته امام حسين عليه السلام  جي باري ۾ پڙهون ٿا ته هڪ مرتبو به حق کان باطل جي طرف منهن نه موڙيائون ”لم تمل من الحق الي الباطل “[27]

v       جيڪڏهن قرآن، ڪريم آهي ”انه لقرآن کريم[28]ته امام حسين  عليه السلام  پڻ ڪريم اخلاق رکندڙ آهن ”وکريم الخلائق“[29]

v       جيڪڏهن قرآن ، عزيز آهي”انه لکتاب عزيز[30]ته امام حسين عليه السلام  پڻ فرمايو آهي ته”هيهات من الذلة“[31]ذلت مون کان دورآهي.

v       جيڪڏهن قرآن ،مضبوط رسي آهي ”ان هذا القرآن....العروة الوثقى[32]ته امام حسين عليه السلام  پڻ نجات جي ٻيڙي ۽ مضبوط رسي آهن” ان الحسين.....سفينة النجاة والعروة الوثقى“[33].

v       جيڪڏهن قرآن، واضح دليل آهي ”جائکم بينة من ربکم “[34]ته امام حسين عليه السلام  پڻ روشن دليل آهن” اشهد انک علي بينة من ربک“[35]

v       جيڪڏهن قرآن کي آهسته ۽ غور ۽ فڪر سان پڙهڻ ضروري آهي”ورتل القرآن ترتيلا“[36]ته امام حسين عليه السلام  جي زيارت کي  پڻ آهسته قدمن سان انجام ڏيڻ جوحڪم آهي”وامش بمشي العبد الذليل“[37]

v       جيڪڏهن ضروري آهي ته قرآن جي تلاوت حزن ۽ غم سان گڏ هجي” فاقروه بالحزن “[38]ته زيارت امام حسين عليه السلام  پڻ ضروري آهي ته حزن ۽ غم جي حالت ۾ انجام ڏجي ”فزره وانت کئيب شعث[39]بيشڪ امام حسين عليه السلام  قرآن ناطق ۽ ڪلام الهي جي جھلڪ آهن

          مجلس نمبر2

       ڪربلا ۾ هدف،اخلاص،خوشي۽ آگاهي

 

اڄ جي دنيا۾ دولت،قدرت،علم،مهارت،ٽيڪنالوجي ۽ ٻين جي حمايت تي ٽيڪ آهي ليڪن ان جي ابتڙ اسلام تمام ڪمن ۽ ارادن جي محور کي خدا تي ايمان ،خلوص،خوشي ۽ چاهت ۾ ڄاڻي ٿو .

مثال:جيڪا نماز خوشي ۽ چاهت جي بغير آهي ان تي قرآن جي تنقيد ٿيل آهي ”قاموا کسالى“[40]( منافقين نماز لاء سستي سان قيام ڪندا آهن ).

v       اهڙي طرح بغير خوشي جي خرچ ۽ انفاق تي پڻ قرآن ۾ تنقيد ٿيل آهي “وهم کارهون“[41] (يعني منافقين بغير خوشي جي خرچ ڪندا آهن ).

قرآن جي نگاه ۾ ڪوئي ڪم بغير خوشي يا بهاني سان گڏ انجام ڏيڻ،نه ڏيڻ جي برابر آهي .بني اسرائيل جڏهن گھڻن بهانن کان پوء ڳئون کي ذبح ڪيو ته قرآن فرمائي ٿو ڄڻ ته ذبح نه ڪيائون”وماکادو يفعلون “.[42]

v       ڪافي مرتبا قرآن مجيد انهن ماڻهن تي تنقيد ڪئي آهي جيڪي ميدان جهاد ۾ وڃڻ مهل بغير چاهت ۽ خوشي جي وڃن پيا ”اثاقلتم الي الارض[43]

v       اهڙي طريقي سان انهن ماڻهن جي  ايمان تي پڻ تنقيد ڪئي آهي جيڪي مجبوري ۾ ايمان آڻن ٿا .قرآن فرمائي ٿو :جڏهن غرق ٿيڻ جي قريب آهن تڏهن خدا کي پڪارن ٿا ليڪن جڏهن نجات حاصل ڪن ٿا خدا کي فراموش ڪن ٿا ”فاذا رکبوا في الفلک دعو الله...فلما نجاهم الي البر اذا هم يشرکون[44].خطري جي حالت ۾ ايمان آڻڻ فرعوني ڪم آهي جيڪوغرق ٿيڻ مهل چئي پيو ته ايمان آندم“۽ خداوند عالم ان جي جواب ۾ فرمايو ”الآن وقد عصيت قبل “.[45]

v       ڪربلا ۾ به خوشي هئي. امام حسين عليه السلام جن فرمايو :موت نوجوان عورت جي سيني ۾ خوبصورت لڳندڙ هار جي مانند آهي . امام حسن عليه السلام جي 13 سالن جي نوجوان فرزند (جناب قاسم عليه السلام (فرمايو : ته موت منهنجي نزديڪ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺو آهي . امام حسين عليه السلام جا اصحابي فرمائن پيا :جيڪڏهن ڪيترائي مرتبا اسان کي زنده ڪيو وڃي ۽ وري قتل ڪيو وڃي تڏهن به توهان کان منهن نه موڙيندا سين.

v       خوشي ،رضايت ۽ تسليم ٿيڻ کان مٿانهين آهي .خوشي جو بنياد راه، رهبر ۽ هدف تي ايمان رکڻ ۾ آهي .۽ عدم چاهت راه ، رهبر ۽ هدف تي اعتماد نه ڪرڻ جي نشاني آهي .

             مسئله هدف

اسلام انسان جي هدف تي تمام گھڻي توجھ ڏني آهي ايستائين جو بکايلن جي پيٽ ڀرڻ ۾ اگر خلوص نه هجي۽ الهي هدف ۽ خدا جي رضايت جي بغير هجي ته ڪابه اهميت نٿو رکي .

v       قرآن جي سورتن مان هڪ سورت ”عبس“ آهي ان سورت جي ابتدا وارين ڏهن آيتن ۾ شدت سان ان شي تي تنقيد ڪئي وئي آهي ته نابيني انسان جي سامهون چهري کي ڇو خراب ڪيو ويو .جڏهن ته نابينو انسان نه چهري جي کنڊائپ کي ڏسي ٿو ۽ نه ئي چهري جي مسڪراهٽ کي ڏسي ٿو .ليڪن اسلام ذاتي طور تي کنڊائپ کي خراب ڄاڻي ٿو چاهي ڪوئي سمجھي يا نه سمجھي .اسلام اخلاقيات ۽ غير اخلاقيات کي واقعي ڄاڻي ٿو .هٿرادو،سياسي،اقتصادي ۽ تعصبي نٿو ڄاڻي .

v       امام حسين عليه السلام جو هدف ڏيکاء ،قدرت حاصل ڪرڻ يا انتقام وٺڻ نه هيو بلڪي امام عليه السلام ۽ ان جي اصحاب جو هدف امام عليه السلام جي ناني جي دين جي اصلاح هيو . امام عليه السلام جي اصحاب جو هدف مال،مقام۽ مرتبي تي پهچڻ نه هيو . انهن خدا سان معاملو ڪيو هيو ،اهو ئي سبب آهي جو امام جو قيد ٿيل ننڍڙو ٻاربني اميه جي محل ۾ تقرير ڪرڻ مهل چئي ٿو  ته خدا جي واريءَ جي ذرن جي برابر شڪرادا ڪيان ٿو ”الحمد لله عدد الرمل والحصى“ جناب زينب ڪبرى عليها السلام پنهنجي عزيزن جي شهادت کان پوءفرمائي ٿي :مان سواء حسن ۽ زيبائي جي ڪجھ نٿي ڏسان .”ما رايت الا جميلا “ جڏهن ته اگر هدف غير خدا هجي ها ته شڪوا، گلا  ۽ ڪمن ۾ نا شڪري نظر اچڻ گھرجي ها .

v       خلاصي جي طور تي اگرچه اسلام دشمن جي مقابلي ۾ هر قسم جي آمادگيءَ تي توجھ ڏياري آهي ”واعدولهم ما استطعتم من قوة[46]مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي توجھ ڏني آهي ڀلي دشمن کان ئي ڇو نه سکڻي پوي ” اطلبوا العلم ولو بالصين“،ماڻهن جي حمايت تي توجھ ڏني آهي ”تعاونواعلي البر والتقوى“[47]مال ۽ علم تي توجھ ڏني آهي ليڪن اهي سڀ شيون هڪ عينڪ وانگر ڏسڻ جو وسيلو آهن.ليڪن اصل ڏسڻ اکين جو ڪم آهي .لهذا توفيق فقط خدا جي طرفان آهي ”وما توفيقي الا بالله“[48]۽ مدد فقط ان جي ئي طرفان آهي ”وما النصر الا من عند الله “[49].

                                                 

معرفت

 

اڄ جيڪڏهن هڪ ماهر پائليٽ هڪ شهر تي بمباري ڪري ٿو ته بغير آگاهي جي ته بمباري ڇو ٿو ڪيان ۽ ڇاجي لاء ٿو ڪيان؟ ليڪن ڪربلا ۾ تمام اصحاب ۽ امام حسين عليه السلام جا دوست سڀ آگاهه هيا . سفرجي ابتدا کان ڪربلا تائين امام عليه السلام جا تمام جملا ان ڳالهه جي دليل اهن ته هن سفر ۾ مادي ڪاميابي نه آهي ۽ هن سفر کان واپسي به نه آهي .هي سفر ،آزادي،آگاهي،خلوص۽ عشق سان اختيار ٿيل آهي .

v       اسلام ۾ ڳوڙها ۽ ڏک تڏهن قيمت رکن ٿا جڏهن معرفت سان گڏ هجن ”اعينهم تفيض من الدمع مما عرفوا“[50]

v       جڏهن اعتماد ۽ يقين هوندو آهي تڏهن انسان جي ڪمن ۾ شڪ ۽ منهن موڙڻ نه هوندو آهي .جناب زينب سلام الله عليها يزيد کي مخاطب ٿي ڪري فرمايو : مان توکي پست ۽ هلڪو سمجھان ٿي ”اني لاستصغرک“.

v       لهذا جڏهن انسان معرفت ۽ سڃاڻپ جي مدد سان يقين پيدا ڪري ته اهڙو مضبوط ٿي ويندو آهي جو ڪنهن به طاقت ۽ حڪومت جي آڏو ناهي جھڪندو ،ليڪن جيڪڏهن احساسن ،۽ نعرن جي بنياد تي گرم ٿئي  ته ممڪن آهي ڪجھ مدت کان پوء شڪ ۾ مبتلا ٿي ،ٿڌو ٿي وڃي جئين هر گرم شيءِ سرد ٿي ويندي آهي.

v       قرآن مجيد ۾ ٻن قسمن جو داخل ٿيڻ موجود آهي.

1.ماڻهن جو ايمان جي فضا ۾ داخل ٿيڻ .       2.ايمان جو دل جي فضا ۾ داخل ٿيڻ.

ماڻهن جو ايمان جي فضا ۾ داخل ٿيڻ آسان آهي ”يدخلون فيدين الله افواجا“[51] ليڪن ايمان جو دل ۾ داخل ٿيڻ تمام ڏکيو ڪم آهي” ولما يدخل الايمان في قلوبکم“[52]

اڄ جي رات جنهن ۾ مان هي سٽون لکي رهيو آهيان اها رات آهي جنهن جي ڏينهن ۾ حضرت امام علي  عليه السلام غدير خم ۾ امامت تي فائز ٿيا. اهي ماڻهو جيڪي ” يدخلون في دين الله افواجا “هيا ان منظر کي ڏٺو ۽ مبارڪون ،مبارڪون به چوندا رهيا .ليڪن ٿوري عرصي کان پوءِ مولا علي عليه السلام  کي اڪيلو ڇڏي ڏنائون ڇو جو انهن جي دلين ۾ ايمان داخل ئي نه ٿيو هيو لهذا ماڻهن جو دين ۾ داخل ٿيڻ ۽ دين جو ماڻهن ۾داخل ٿيڻ ۾ اهو ئي فرق آهي .

 

        مجلس نمبر 3

امام حسين عليه السلام جي تحريڪ قرآن جي بنياد تي

 

اهي آيتون جن کي امام حسين عليه السلام پنهنجي راهه ۾دليل جي طور تي بيان فرمايو.

1.جڏهن يزيدجي نمائندي (مروان) مديني۾ ارادو ڪيو ته امام حسين عليه السلام کان يزيد جي لاء بيعت وٺان ته امام حسين عليه السلام جن فرمايو :” ويلک يا مروان فانک رجس“حيف هجي توتي اي مروان ؛تون هڪ پليد انسان آهين۽  جڏهن ته اسانجو اهو خاندان آهي جنهن جي باري ۾ خدا وند عالم فرمائي ٿو :” انما يريد الله ليذهب عنکم الرجس اهل البيت ويطهرکم تطهيرا “[53]خداجو اهوئي ارادوآهي ته اي اهل بيت توهان کان هرپليدي(چاهي احتمالي هجي يا.شڪ،۽ شبهي واري ) کي دور ڪيان ۽ توهان کي اهڙوپاڪ ڪيان جئين پاڪ ٿيڻ جو حق ٿيندو آهي .

2.امام حسين عليه السلام پنهنجي وصيت نامي جي آخر ۾ جيڪو ڪربلا ڏانهن وڃڻ کان پهريان لکيو هيو ،فرمائن ٿا : ” الا بالله عليه توکلت واليه انيب[54]۽ انهي آيت سان دليل پيش ڪن ٿا. منهنجي توفيق صرف الله سائين سان وابسطا آهي۽ ان تي ئي منهنجو اعتماد ۽ ڀروسو آهي۽ ان جي طرف ئي توجھ ڪيان ٿو .

3. امام عليه السلام جڏهن بيعت جي انڪار ڪرڻ کان پوءِ مديني کان مڪي ڏانهن روانا ٿيا (28 رجب جي رات ) ته هن آيت جي تلاوت فرمائي ” فخرج منها خائفا يترقب قال رب نجني منالقوم الظلمين“[55].جڏهن حضرت موسي عليه السلام اتان خوف جي حالت ۾ خارج ٿيو ته چيائين پروردگارا؛ مون کي ظالم قوم کان نجات عطا فرماء .

4. شيخ مفيد عليه الرحمة فرمائن ٿا : جنهن وقت امام حسين عليه السلام ڪربلا ڏانهن روانا ٿيا ته جنن ۽ فرشتن مان ڪجھ ٽولا امام حسين عليه السلام جي مدد لاء امام جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ليڪن امام عليه السلام هنن آيتن جي تلاوت فرمائيندا رهيا :”اينما تکونوا يدرککم الموت ولو في بروج مشيدة[56]توهان جتي به هجو موت توهان کي ضرور ايندي ڀلي مضبوط قلعن ۾ ئي ڇو نه پناه وٺو .ياهن آيت جي تلاوت ڪندا رهن پيا : ”لبرز الذين کتب عليهم القتل الي مفاجعهم[57]جنهن جي لاء شهادت لکي وئي هجي  اهي پاڻ پنهنجي قدمن سان پنهنجي قتل گاهه ڏانهن هلي ويندا آهن .

5.جڏهن امام حسين عليه السلام 3 شعبان جمعي جي رات (ڪربلا ڏانهن روانو ٿيڻ کان پهريان ) مڪي ۾ داخل ٿيا ته هن آيت جي تلاوت فرمائي :”ولما توجه تلقاء مدين قال عسىربي ان يهديني سواء السبيل“[58]جڏهن حضرت موسي عليه السلام مدين جي طرف رخ ڪيو ته فرمايائين اهو وقت نزديڪ آهي جومنهنجو پروردگار مون کي سڌي رستي جي طرف هدايت ڪندو .

6.مڪي ۾ جڏهن ابن عباس سان گفتگو ڪري رهيا هيا ته بني اميه جي باري۾ هنن آيتن جي تلاوت فرمائي : ”انهم کفروا بالله وبرسوله ولا ياتونالصلاة الا وهم کسالى“[59]انهن الله ۽ ان جي رسول جو انڪار ڪيو آهي ۽ نماز کي سستي ۽ بي دلي سان انجام ڏيندا آهن.

اهڙي طرح هن آيت جي به تلاوت فرمائي :”يرائون الناس ولا يذکرون الا قليلا “ ماڻهن لاء رياڪن ٿا ۽ سواء ٿوري وقت جي خدا کي ياد نٿاڪن .

۽هن آيت جي تلاوت فرمائي” ومذبذبين بين ذلک لا الي  هولاء ولا الي هولاء ومن يضلل فلن تجدله سبيلا“[60]اهي ڪفر ۽ ايمان جي درميان حيران آهن نه ايمان جي طرف آهن نه ڪفر جي طرف: ليڪن جنهن کي خداگمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ان لاءِ توهان کي ڪو به رستو نه ملندو . يا فرمايائون:”کل نفس ذائقة الموت وانما توفون اجورکم“[61] هر نفس کي موت جو مزو چکڻوآهي ۽ توهان جو مڪمل اجر ته فقط قيامت جي ڏينهن ملندو .

7. عيد قربان جي نزديڪ جڏهن امام حسين عليه السلام مڪي کان ڪربلا جي طرف حرڪت ڪئي ته يزيد جي نمائندي مڪي ۾ امام عليه السلام جي رستي کي بند ڪيو ،جھڳڙو وڃي تازيانن تائين پهتو .يزيد جي نمائندي امام عليه السلام کي چيو : مان ان کان ڊڄان ٿو جو توهان ماڻهن جي درميان اختلاف نه پيدا ڪيو ؛ امام عليه السلام هن آيت جي تلاوت فرمائي ” ليعملي ولکم عملکم انتم بريئون مما اعمل وانا بري مما تعملون[62]منهنجو عمل منهنجي لاء توهان جو عمل توهان جي لاء آهي ،توهان ان شئ کان جيڪو مان انجام ڏيان ٿو بري آهيو ۽ جيڪو توهان انجام ڏيو ٿا ان کان مان بري آهيان .

8.جڏهن ڪربلا جي رستي ۾ امام عليه السلام جناب مسلم جي شهادت جي خبر ٻڌي ته فرمايائون :” انا لله وانا اليه راجعون[63]جڏهن ماڻهن تي مصيبت اچي ته چون اسان خدا جي طرف کان آيا هياسين ۽ انهيءَ خدا جي طرف ئي موٽي وڃڻو آهي .

9.ڪربلا جي ويجھو جڏهن حر امام عليه السلام کي چيو ته ڇو آيا آهيو ته امام عليه السلام فرمايو :توهان جي خطن ۽ دعوتن مون کي هتي آندو آهي ليڪن ڇا هن وقت اوهان پشيمان ٿيا آهيو ؟

 ۽ پوء هن آيت جي تلاوت فرمائي .”فمن نکث فانما ينکث علي نفسه“[64]بس جنهن به واعدو ٽوڙيو ان پنهنجي ئي نقصان ۾ ٽوڙيو آهي .

10.جڏهن ڪربلا جي رستي ۾ امام عليه السلام پنهنجي سفير ”قيس ابن مسهرصيداوي“ جي شهادت جي خبر ٻڌي ته گريو ڪندي هن آيت جي تلاوت فرمائي :”فمنهم من قضي نحبه ومنهم من ينتظر وما بدلو تبديلا [65]مومنن مان ڪجھ اهڙا اهن جن پنهنجن واعدن کي انجام ڏنو ۽ ڪجھ (شهادت جو) انتظارڪري رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن پنهنجن ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي پيدا نه ڪئي آهي .

11.جڏهن ڪوفي جي والي (ابن زياد) حر جي نالي هڪ حڪم نامو موڪليو ته امام حسين عليه السلام جي رستي کي بند ڪيو وڃي .حر ان نامي کي امام عليه السلام جي آڏو پيش ڪيو ته امام عليه السلام هن آيت جي تلاوت فرمائي : ” وجعلناهم ائمة يدعون الي النار [66]اسان انهن کي جهنم جي طرف سڏڻ وارو پيشوا قرار ڏنو آهي .

12.امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ پنهنجي ڌيءَ سڪينه سلام الله عليها جي سامهون يزيدي لشڪر جي باري ۾ هن آيت جي تلاوت فرمائي .” استحوذ عليهم الشيطان فانساهم ذکر الله [67]انهن تي شيطان غالب ٿي چڪوآهي  ۽ انهن کي خدا جي ذڪر کان غافل ڪري ڇڏيو آهي .

13.عاشورا جي ڏينهن يزيد جي لشڪر لاء هنن آيتن جي تلاوت فرمائي . ”فاجمعواامرکم وشرکائکم ثم لا يکن امرکم عليکم غمة ثم اقضوا الي ولا تنظرون “[68]توهان پنهنجو ارادو پڪو ڪيو ۽ پنهنجن شريڪن کي به سڏيو ۽ پنهنجي ڪمن ۾ پردا پوشي نه ڪيو ۽ جيڪو چاهيو انجام ڏيو ۽ مون کي (ڀلي ) ذري برابر مهلت نه ڏيو .

اهڙي طرح هي آيت تلاوت فرمائي: ” ان ولي الله الذي نزل الکتاب وهو يتولي الصالحين “[69]بيشڪ منهنجو مالڪ ۽ مختار اهو خدا آهي جنهن ڪتاب نازل ڪئي آهي ۽ اهوئي نيڪ بندن جو وارث آهي .۽ هن آيت جي پڻ تلاوت فرمائي :”واني عذت بربي وربکم ان ترحمون“[70]مان ان شر کان جو مون کي سنگسار ڪيو پنهنجي ۽ توهان جي پروردگار جي پناهه چاهيان ٿو .۽ پڻ هن آيت جي به تلاوت فرمائي .” اني عذت بربي وربکم من کل متکبر لايومن بيوم الحساب[71]مان پنهنجي ۽ توهان جي پروردگار کان هر ان متڪبر (جي شر) کان پناهه وٺان ٿو جيڪو قيامت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو رک                                                 

              مجلس نمبر 4

 قرآن ۽ امام حسين عليه السلام جا اهداف

اسلام جيتري قدر فساد تي تنقيد ۽ ان سان مقابلوڪيو ويو آهي ايتري ئي قدر اصلاح جي سفارش ۽ تاڪيد ڪئي وئي آهي .

v       قرآن فقط ايمان ۽ باطني تقوا تي اڪتفاء نٿو ڪري بلڪي اصلاح کي ايمان ۽ تقوا سان گڏ لازم ڄاڻي ٿو :”آمن واصلح“[72](ايمان آندائون ۽ اصلاح ڪيائون). ” فمن اتقى واصلح“[73](جيڪو تقوا اختيارڪري۽اصلاح ڪري).

v       خداود متعال پاڻ پهريون مصلح يعني اصلاح ڪرڻ واروآهي”واصلح بالهم[74](انهن جي حالت جي اصلاح ڪيائين(لهذا انسانن کان به اهو ئي چاهي ٿو ته پهريان پنهنجي اصلاح ڪن .”تابواواصلحوا[75](جيڪي توبه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ) بعد ۾ معاشري جي اصلاح لاء ڪوشش ڪن”ماتقوا الله واصلحوا ذاتبينکم“[76](الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جي اصلاح ڪريو ).

v       اصلاح ڪندڙ ڪڏهن به فتني کي ايجادڪرڻ جي پٺيان ناهي هوندو ۽ ان جي پٺيان نه هلندو آهي .”واصلح ولا تتبع سبيل المفسيدين[77](اصلاح ڪيو ۽فساد ڪندڙن جي پيروي نه ڪريو) ليڪن ضروري آهي ته اصلاح عدل ۽ انصاف۽قانون جي مطابق هجي ”فاصلحوابينهما بالعدل ۽اقسطوا[78](عدل جي ذريعي اصلاح ڪريو ۽ انصاف مان ڪم وٺو )

v       جيڪو انسان پنهنجي لاء اصلاح۽ هدايت جون راهون بند ڪري ڇڏيندو ته حتما اهو نابود ٿي ويندو ڀلي اهو ڪنهن پيغمبر جو پٽ ئي ڇو نه هجي .” انه ليس مناهلک انه عمل غير صالح[79](اي نوح )هو تنهجي خاندان مان نه آهي تحقيق ان جو عمل صالح ناهي.

v       خدا جا ولي هميشه خدا کان اهائي درخواست ڪندا هيا ته صالحن سان ملحق ٿين ” الحقني بالصالحين[80](مون کي صالحين سان ملحق ڪر ).

v       قرآن اڪثرڪري ايمان کي عمل صالح سان گڏ بيان ڪيو آهي ”الذين آمنواوعملوا الصالحات “ (جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل انجام ڏنا )

v       نيڪ عملن جو تعلق ۽ انهن جو اثر ڪنهن زمان ۽ مڪان سان مخصوص نه آهي  بلڪي بعد ۾ ايندڙ نسل به پنهنجي ابن ۽ ڏاڏن جي صالح عمل کان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿي .”وکان ابوهما صالحا[81](انهن ٻنهي جو پيءُ نيڪ هيو).

v       قرآن نعمتن کان استفادو حاصل ڪرڻ جوهدف به صالح عمل انجام ڏيڻ قرار ڏنو آهي .” يا ايها الرسل کلوا من الطيبات واعملوا صالحا “[82](اي منهنجا رسولو ؛ توهان پاڪيزا غذا مان کائو۽ صالح عمل انجام ڏيو ) يعني توهان جو نعمتن کان استفادو ڪرڻ۽ فائدو وٺڻ ضروري آهي ته نيڪ ڪمن ۽ صالح عملن کي انجام ڏيڻ لاء هجي

v       خدا وند عالم زمين تي حڪومت ڪرڻ کي صالح بندن جو حق قرار ڏنو آهي .” ان الارض يرثها عبادي الصالحون “[83](تحقيق زمين جا وارث منهنجا صالح بندا آهن).

v       انسان کي گھرجي ته پنهنجي اصلاح ڪرڻ کان پوء ٻين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري ۽ ان راه ۾ پنهنجي تمام تر قوت کي استعمال ڪري.”ان اريد الا الاصلاح ما استطعت “[84]( مان فقط اصلاح چاهيان ٿو جيستائين منهنجي لاء ممڪن آهي .)

v       خدا وند عالم حقيقي اصلاح ڪندڙن کي انهن ماڻهن کان جدا ڪيو آهي جيڪي فقط اصلاح جا نعرا هڻندڙ آهن۽ خدا ڪوڙيون دعوائون ڪندڙن جي چهرن کي ظاهر ڪيو آهي .”قالو انما نحن مصلحونالا انهم هم المفسدون ولکن لا يشعرون“[85] اهي چون ٿا ته فقط اسان اصلاح ڪندڙ آهيون ،آگاه ٿيو ته اهي پنهنجو پاڻ فساد ڪندڙ آهن ليڪن انهن کي شعور ناهي .جي ها ؛ خداوند عالم حقيقي اصلاح ڪندڙن کي سڃاڻي ٿو ” والله يعلم المفسد من المصلح “[86]( الله سائين بهتر نموني سان ڄاڻي ٿو ته اصلاح ڪندڙ ڪير آهي ۽ فساد ڪندڙ ڪير آهي )

v       توجھ جي قابل اها ڳالهه آهي ته جيتري قدرفساد جي مقدار وڌيڪ هوندي اوترو ئي وڌيڪ اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي پوندي ( جيتري قدر هوا وڌيڪ گرم هوندي آهي پاڻي جي اوتري ئي بلڪي ان کان به وڌيڪ ضرورت پوندي آهي .) جيتري قدر فساد ڪندڙ وڌيڪ خطرناڪ هوندا ته اوتري قدر عظيم مُصلِحَن (اصلاح ڪندڙن)جي ضرورت آهي . نمرود جي مقابلي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام کان علاوه ،فرعون جي مقابلي ۾ حضرت موسي عليه السلام کان علاوه ۽ يزيد جي مقابلي ۾ امام حسين عليه السلام کان علاوه ٻيو ڪو به مقابلي جي طاقت نه پيو رکي سگھي .

v       اها شيءِ واضح آهي ته هميشه اصلاح فقط ،خطن ، گفتگو۽قرقردادن سان پيشرفت نه ڪندي آهي بلڪي ڪڏهن اهڙو موقعواچي ويندو آهي جو پنهنجو پڻ کي (اصلاح جي خاطر)خطري ۾ وجھڻو پوندو آهي .

v       امام حسين عليه السلام پهريون اسلامي مُصلِح (اصلاح ڪندڙ) آهي جيڪو اصلاح جي خاطر سخت ترين مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي جان جو نذرانو خدا جي بارگاه ۾پيش ڪيو۽ شهادت جي عظيم رتبي تي فائز ٿيا .( امام حسين عليه السلام جي سيرت تمام عالم اسلام جي لاءِ نمونه عمل آهي ته اگر اصلاح خاطر پنهنجي جان ، مال ،عزت ۽ ناموس ئي ڇو نه قربان ڪرڻو پوي  ته به قربان ڪجي ، ليڪن انسانيت جي هر موڙ ۽ مقام تي اصلاح ۽ هدايت کي هٿ مان نه ڇڏجي .

 

          مجلس نمبر5

   امام حسين عليه السلام ۽ امر بالمعروف

 

v       امر بامعروف ۽ نهي عن المنڪرزنده ضمير ،مڪتب سان عشق ۽ دلسوزي رکڻ ،ميدان ۾ حاضر ٿيڻ ۽ ماڻهن سان عشق ڪرڻ جي نشاني ۽ علامت آهي

v       امر بالمعروف۽ نهي عن المنڪر  نيڪو ڪارن جي تشويق ،خلاف ورزي ڪرڻ وارن تي ڪنٽرول۽ مظلومن جي حقن جي حفاظت جو سبب آهي

v       خاموش ۽ بغير فرق جي معاشرو .مردا ۽ ترقي نه ڪندڙ معاشرو آهي .حضرت لوط انهن ماڻهن کي جيڪي گناهه جي مقابلي۾ خاموش هيا فرمايو :” اليس منکم رجل رشيد “[87]( آيا توهان ۾ هڪ به رشد ڪندڙ (ترقي ڪندڙ) مرد موجود نه آهي .

v       قرآن مجيد بهترين امت هجڻ جي شرط امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي قرار ڏنو آهي .” کنتم خير امة اخرجت للناس تامرون بالمعروف و تنهون عن المنکر “[88]( توهان بهترين امت آهيو جو ماڻهن کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪرڻ لاء نڪتا آهيو )

جڏهن خدا وند عالم پهنجي مخالفت ڪندڙ تي عذاب نازل ڪندو آهي ته خدا براين کان روڪڻ وارن کي نجات ڏيندو آهي .”انجينا الذين ينهون عن السوء واخذنا الذين ظلموا بعذاب بئيس“[89]( اسان براين کان روڪڻ وارن کي نجات ڏني ۽ ظالمن کي سخت ترين عذاب ۾ مبتلا ڪيو سين ).

نماز جي برڪتن مان هڪ اها برڪت آهي ته نماز انسان کي براين کان روڪيندي آهي ” ان الصلاة تنهى عن الفحشاء والمنکر[90]( بيشڪ نماز هر برائي ۽ بد ڪاري کان رو ڪيندي آهي )                                              

*نيڪي جو حڪم ڪرڻ نيڪي انجام ڏيڻ جي برابر هوندو آهي . [91]

امر بالمعروف کي ترڪ ڪرڻ ،بد ڪارن جي مسلط ٿيڻ جو سبب آهي .

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر تاريخ ۾تمام انبياء جو وظيفو رهيو آهي ” ولقد بعثنا في کل امة رسولا ان اعبدو الله واجتنبوا الطاغوت “ [92]( ۽ يقينا اسان هر امت ۾ هڪ رسول موڪليو آهي تاڪي توهان الله جي عبادت ڪيو ۽ طاغوت کان پرهيز ڪريو )

امام حسين عليه السلام پنهنجي قيام جي علت جي باري ۾ فرمايو آهي ته آيا نٿا ڏسو ته حق تي عمل نٿو ڪيو وڃي ۽ باطل کان روڪيو نٿو وڃي [93].منهنجو ارادو آهي ته (چاهي شهادت تي فائز ٿيان ۽ منهنجي خون کي ڇو نه وهايو وڃي ) نيڪين جي هدايت ڪيان ۽ براين کان روڪيان ” اني اريد ان آمر بالمعروف وانهى عن المنکر “

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جا مختلف مرحلا آهن  ڪجھ اهڙا مرحلا آهن جن ۾ انسان شهادت تائين وڃي پهچندو آهي لهذا مقدس خون به هن راه ( نيڪي جي هدايت۽ براين کان روڪڻ ) ۾ وهايا ويا آهن .” ويقتلون الذين يامرون بالقسط من الناس [94](۽ اهي انهن ماڻهن کي قتل ڪن ٿا جيڪي عدل ۽ انصاف جو حڪم ڪندڙ آهن ).

 

      بيهودا توجيهون

 

ڪجھ انسان خاموش رهڻ جون توجيهون بيان ڪندا آهن ۽ اجايون ڳالهيون ڪند اآهن .مثال جي طور تي.......................

پاڻي سرکان چڙهي ويو آهي .هڪ گل سان بهار نه ٿيندي آهي .

اسان کي ۽ انهن کي هڪ قبر ۾ ته نه وجھندا .

عيسي پنهنجي دين سان ،موسي پنهنجي دين سان.

ٻيا آهن اسان جو ڪهڙو ڪم .

ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ دخالت ڪرڻ صحيح ناهي .

ليڪن امام حسين عليه السلام جي قيام اهو ثابت ڪيو ته هڪ خالص حرڪت سان ،تاريخ کي تبديل ڪري سگھجي ٿو ،هڪ گل سان بهار به ٿي سگھي ٿي . (لهذا اسان جي لاء ضروري آهي ته طاغوت سان مقابلو ڪيون،ڀلي گھوڙن جي سنبن ۽ پيرن ۾ وڃڻو پوي پر ظلم جي هيٺيان نه وڃون ،چاهي سر ڪٽرائجي ليڪن سر کي ( ظالم جي سامهون) نه جھڪائجي . ۽ اهو به تصور نه ڪرڻ گھرجي ته امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جا آثار فوري آهن .ڇو جو ڪڏهن هڪ ڪلام ،قيام ۽ حرڪت جا آثار سالن کان پوء جلواگر ۽ ظاهر ٿيندا آهن.                              

 

 مجلس نمبر 6

         ڪربلا ۾ قرآن جا جلوا

 

قرآن مجيد ڪافي مرتبا فرمايو آهي  ته عقل ۽ حق جي حمايت ڪيو ۽ افراد جي تعداد تي توجھ نه ڏيو ۽ هن قسمن جي تعبيرن کي استعمال ڪيو آهي .مثلن؛”اکثرهم لا يعلمون“[95]( انهن مان اڪثر علم نٿا رکن ) يا فرمايو :(”اکثرهم فاسقون [96]( انهن مان اڪثر فاسق آهن )يا فرمايو :”اکثرهم کاذبون[97](انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن ).

قرآن فرمايو آهي :هر قدم ۽ هر گفتگو بصيرت جي بنياد تي هجي ” ادعوا الي الله علي بصيرة آنا ومن اتبعني[98]( مان بصيرت سان خدا جي طرف دعوت ڏيان ٿو ۽ مون سان گڏ منهنجي اتباع ڪرڻ وارو آهي ). امام حسين عليه السلام ۽ حضرت ابو الفضل العباس عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جي سڀنين صحابين عاشورا جي ڏينهن ماڻهن جي بصيرت ،اصلاح ۽ وعظ  نصيحت لاء ڏهه خطبا ارشاد فرمايا .

v       قرآن ايثار ۽ قرباني ڪندڙن جي مدح ڪئي آهي .”ويوثرون علي انفسهم“[99] (پنهنجي نفس تي ٻين کي مقدم ڪندا آهن ).ڪربلا ۾ ڪافي ايثار ۽ قرباني جا نمونه نظر اچن ٿا جن مان حضرت عباس Cجو ايثار قابل ذڪر آهي .

v       قرآن فرمائي ٿو : ” والعاقبة للمتقين“[100]( بهترين عاقبت ۽ آخرت متقين جي لاء آهي .)” والعاقبة للتقوى[101]( بهترين آخرت تقوا جي لاء آهي .).ڪربلا مان هزارين جنايتڪارن مان ڪنهن هڪ کي به چڱي نالي سان ياد نٿو ڪيو وڃي ،ليڪن امام حسين عليه السلام جي 72 جانثارن جا نالا ۽ انهن جو ڪردار اڄ به زندا آهي .

v       قرآن فرمايو آهي  اي پيغمبر! اسان تنهنجي ذڪر کي بلند ڪيو آهي ” ورفعنا لک ذکرک“[102]ڪربلا ۾ هميشه لاء امام حسين عليه السلام جو نالو مشهور ٿي ويو.

v       قرآن فرمائي ٿو :” وامرت لان اکون اول المسلمين[103]( مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان سڀ کان پهريان اطاعت ڪندڙ هجان )يعني رهبر لاء ضروري آهي ته هميشه پهريون پاڻ قدم وڌائي ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام جناب علي اڪبر عليه السلام کي بني هاشم جي تمام جوانن کان پهريان ميدان جي طرف موڪليو .

v       قرآن فرمائي ٿو ”فاستقم کما امرت ومن تاب معک“[104](اي پيغمبر تون ۽ تنهنجا اصحاب استقامت (ثابت قدمي) حاصل ڪيو .

v       استقامت جو بهترين نمونو ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام ۽ ان جي اصحاب ۾ نظر اچي ٿو .

v       قرآن مجيد افراد جا نالا کڻڻ جي جاءِ تي انهن جي معيار۽ ملاڪ ۽ وصفن کي بيان ڪيو آهي .مثال جي طور تي فرمايو آهي :”توهان جو مولا اهو آهي جنهن نماز جي رڪوع ۾ زڪات جي طور تي فقير کي منڊي عطا فرمائي ۽ هڪ لحظي ۾ نماز ۽ زڪات کي جمع ڪيو۽ اهو ماڻهن جو ڪم آهي ته جستجو ڪري ان آيت جو مصداق تلاش ڪن .ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام اهو نه فرمايو ته مان يزيد سان بيعت نٿو ڪريان بلڪي فرمايو ” مثلي لا يبايع مثله“ يعني هميشه کان حق ۽ باطل جي درميان فاصلو رهيو آهي ۽ هميشه رهندو .۽ ماڻهن جو ڪم آهي ته حق ۽ باطل کي سڃاڻن.

v       قرآن فرمايو آهي ته ماڻهن جي بدي جو جواب نيڪي سان ڏيو ”يدرون بالحسنت السيئة“[105](اهي نيڪي جي ذريعي بدي کي رفع ڪندڙ آهن ). ڪربلا ۾ حر ،امام حسين عليه السلام جي رستي کي بند ڪيو ليڪن امام حسين عليه السلام  ان جي اڃايل ۽ پياسي لشڪر کي ايستائين جو لشڪر جي گھوڙن کي به پاڻي پياريو .

v       قرآن ،خدا ۽ اولياءِ الهي جي پيروي ۽ انهن سان وفاداري جي سفارش ڪئي آهي .امام حسين عليه السلام جي ڪجھ صحابين پنهنجي جان کي عاشور جي ڏينهن نماز ظهر لاء ڍال بڻائي نذرانو پيش ڪيو ۽ هر ايندڙ تير کي پنهنجي سيني سان روڪيندا رهيا.جڏهن امام حسين عليه السلام 2 انهن جي عمر جي آخري لحظن ۾ انهن جي مٿان آيو ته امام عليه السلام کان اهو پڇيائون ته مولا ڇا اسان وفاداري ڪئي آهي ؟ ڄڻ ته ان لحظي تائين (ايترين سخت مرحلن جي گذرڻ کان پوء به) پنهنجي وفاداري جي باري ۾ شڪ ۾ هيا .

v       قرآن ڪيترين ئي آيتن ۾ توحيد جي سفارش ڪئي آهي .امام حسين عليه السلام جو هي جملو ” لا معبود سواک“( توهان کان سواء ڪو به معبود نه آهي ) ان آيت جو بهترين جلوو آهي .

v       قرآن براين کان روڪڻ ،ديني غيرت ۽ ناموس جي دفاع ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي .ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام قتل گاهه ۾ يزيد جي لشڪر کي آخري اهو جملو فرمايو ته  منهنجن خيمن تي حملو نه ڪجو ۽ منهنجي ناموس جي عزت جو خيال رکجو.جيڪڏهن توهان وٽ دين ناهي ته گھٽ ۾گھٽ آزاد مرد بڻجو.

v       قرآن ،خدا جي بارگاهه ۾ تسليم ٿيڻ ۽ رضايت جي سفارش ڪئي آهي .امام حسين عليه السلام پڻ ان ڏينهن جڏهن پيغمبر (ص) جي ڪلهن تي سوار هيا ۽ ان ڏينهن جڏهن گھوڙن جي ٽاپن ۽ سنبن جي هيٺيان هيا .هر حالت ۾ خدا جي رضايت تي راضي ۽ تسليم رهيا .

            مجلس نمبر 7

         ڪربلا ۾ عزت ۽ ذلت

 

v       اسلام جي تعليمات ۾عزت جي مسئلي تي خاص توجھ ڏني وئي آهي .خداوند عزيز جي عبادت عزت جو باعث آهي .ليڪن غير خدا جي آڏو جھڪڻ(چاهي جمادات هجن ياغيرجمادات هجن) ذلت آهي .

امير ڪائنات علي ابن ابي طالب F جن فرمائن ٿا: ” کفي بي عزاان اکون لک عبدا “( منهنجي عزت لاء اهو ڪافي آهي ته مان تنهنجو عبد آهيان).

v       انسان جو غير معصوم رهبرن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ انسانيت جي توهين ۽ بشر جي ذلت آهي .غير خدا لاء ڪم کي انجام ڏيڻ (ڀلي ڪنهن به شي لاء هجي ) نقصان ۽ خسارت آهي”خابالافدان علي غيرک وخسر المتعرضون الا لک“

v       اگر اسلام ۾ غيبت ڪرڻ ،ٻين لاء غلط نسبت ڏيڻ توهين ڪرڻ ،مسخري ڪرڻ ،تحقير ڪرڻ ،راز کي ظاهر ڪرڻ ،طعنو هڻڻ،منت گذاري ڪرڻ، ماڻهن کي بد نالن سان سڏڻ ،گار گند ڏيڻ حرام آهي ته.انهيءَ ڪري حرام آهي جو انهن ڪمن سان ٻين جي عزت خراب ٿئي ٿي .

v       اگر ظالم جي تعريف ڪرڻ عرش الهي کي لوڏي ڇڏي ٿي ته  به ان جي ڪري جو نااهل کي عزيز ڪيو وڃي ٿو .

v       اگر انسان کي اهو حق ناهي ته پنهنجي عيبن،گناهن،۽ خامين کي ايستائين جو نزديڪ ترين دوستن لاءِ به بيان ڪري  ته به فقط انسان جي عزت جي حفاظت جي خاطر آهي .

v       اگر تشييع جنازه،فقراء جي مدد ڪرڻ ،بيمارن جي عيادت ڪرڻ ،قرض ڏيڻ،هڪٻئي سان ملاقات ڪرڻ ۽ ٻين جي عيبن کي لڪائڻ جي سفارش ٿيل آهي ،تڏهن به انسانن جي عزت  جي حفاظت لاء سفارش ٿيل آهي .

v       اگر صبر ۽ قناعت جو حڪم ۽ ماڻهن کان گھرڻ ۽ چاپلوسي ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي ته به انسانن جي عزت کي محفوظ ڪرڻ لاء آهي .

                                         

      ڪجھ ضروري نڪتا

 

v       1.عزت ،ڪنهن جي اثر (ظلم) کي قبول نه ڪرڻ جي معنا ۾ آهي نه ڪي امڪانات ۽ وسايل زندگي جو هجڻ عزت آهي .ممڪن آهي ڪو انسان ڪابه مادي سهولت نه رکندو هجي ليڪن ڪا به لالچ ۽ ڌمڪي ان تي اثر نه ڪندي هجي اهو فرد عزيز آهي ،۽ ممڪن آهي ڪي انسان هر قسم جون مادي سهولتون رکندا هجن ليڪن پوءِ به ماڻهو يا شيون انهن تي اثر انداز ٿين ته اهڙا ماڻهو ذليل آهن.

2.تمام عزتن جو سرچشمو خدا جي پاڪ ذات آهي .قرآن مجيد ۾ بار بار پڙهون ٿا ته ”ان العزة لله جميعا “(تحقيق تمام عزت خدا جي لاء ئي آهي .) غيرخدا کان عزت طلب ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي آهي .” ايبتغون عندهم العزة“[106]( آيا هي انهن وٽان ( غير خدا وٽان )عزت تلاش ڪري رهيا آهن ).

3.حق جي مقابلي ۾ جھڪڻ عزت آهي.” العز ان تذل للحق[107] شيطان پنهنجي عزت کي باه جي جنس مان هجڻ کي ڄاڻي پيو جڏهن ته ان جي عزت خدا جي اطاعت ڪرڻ ۾ هئي .

v       دنياوي عزت،حقيقت ۾ ذلت آهي .جناب علي عليه السلام جن فرمائن ٿا : ته دنيا اهڙي طرح آهي جو ان جي عزت ذلت آهي .بهترين سواري جو هجڻ ظاهر ۾ عزت آهي ليڪن حقيقت ۾ هڪ قسم جي وابستگي ۽ ان جي محبت ۾ اسير ٿيڻ آهي .باغ ۽ زمين جو هجڻ ظاهر ۾ هاري لاء عزت آهي ليڪن اها زمين ۽ باغ جيستائين ان جي تمام عمر ۽ قدرت کي ختم نه ڪري ان کي آساني سان رها نه ڪندي آهي .

v       اها عزت قيمتي آهي جيڪا تڪبر ۽ فخر جو سبب نه ٿئي ۽ جيتري قدر عزت ۾ اضافي ٿئي انسان پنهنجو پاڻ کي اندر ۾ گھٽ محسوس ڪري ۽ تواضع ڪري .” الهي اعزني ولا تبتليني ولا تحدث لي عزا ظاهرا الا احدثت لي ذلة باطنة عند نفسي بقدرها “[108](خدايا؛مونکي عزت عطا ڪر۽ تڪبر ۾ مبتلا نه ڪر ۽ جيتري قدر تون ظاهر۾ منهنجي عزت کي وڌائين اوتري قدر مون کي منهنجي نفس جي نگاه ۾ ذليل ڪر ).

v       قرآن ڪافرن جي مومنن جي مٿان سلطنت کي ممنوع قرار ڏنو آهي .”لن يجعل الله للکافرين علي المومنين سبيلا[109]( خدا ڪافرن کي مومنين جي مٿان حڪومت ڪرڻ جو حق نه ڏنو آهي .)

v       قرآن ظلم قبول ڪرڻ کي خود ظلم ڪرڻ وانگرحرام قرار ڏنوآهي .”لاتظلمون ولا تُظلمون[110](نه تون ظلم ڪندي ۽ نه توتي ظلم ڪيو ويندو ).قرآن ذلت سان گڏ زندگي کي موت ۽ موت کي عزت سان گڏ زندگي قرار ڏنو آهي .

v       قرآن جنهن شي کي (عزت لاء) معيار قرار ڏنو آهي اهوخدا جي راه ۾ هجڻ آهي فقط مرڻ ۽ مارڻ معيار نه آهي .”ان الله اشتري من المومنين انفسهم واموالهم بان لهم الجنة يقاتلون في سبيل الله فيَقتلون ويُقتلون“[111]( بيشڪ الله صاحبان ايمان کان انهن جي جان ۽ مال کي جنت جي عيوض ۾ خريد ڪيو آهي .اهي ماڻهو راه خدا ۾ جهاد ڪندا آهن ۽ دشمنن کي قتل ڪندا آهن ۽ پاڻ به قتل ٿي ويندا آهن ).

v       قرآن انسان کي عزت بخشي آهي .۽ فرمايو آهي :

تمام ڪائنات توهان لاء خلق ڪئي آهي .”خلق لکم“[112]،خدا جو روح تو ۾ آهي .”فنفخت فيه من روحي “[113]تون مسجود ملائڪه آهين.”فسجدوالاابليس [114] ،تون خدا جو خليفو آهين” اني جاعل في الارض خليفة“[115]،توهان جو سرپرست ۽ ولي خدا آهي .”الله ولي الذين آمنوا[116]،انبياء اوهان جا پيئر آهن ”ملة ابيکم ابراهيم[117]، تنهنجي خلقت مقصد ۽ هدف واري آهي .” وما خلقت الجن والانس الا ليعبدون “[118].

v       ڪربلا ۾خداجي عطا ڪيل عزت جا جلوا ڏسڻ ۾ اچن ٿا تيرهن سالن جو جوان جناب قاسم عليه السلام فرمائي ٿو اگر معاشري جا سرپرست ۽ چڱا مڙس يزيد ۽ ان جا طرفدار آهن ته بس موت ماکي کان وڌيڪ شيرين آهي . امام حسين عليه السلام جن فرمايو : ته بني اميه مون کي شهادت ۽ بيعت جي درميان مخير قرار ڏنو آهي .( جڏهن ته بيعت ڪرڻ ذلت ۽ شهادت عزت آهي ) لذا هيهات من الزلة ( جڏهن ته ذلت مون کان دور آهي ).

v       ڪربلا ۾ امام جو بدن سوراخ سوراخ ٿي ويو پر امام جي عزت تي ڪو به حرف نه آيو ،حضرت زينب سلام الله عليها ۽ امام سجاد عليه السلام تي غمن جا انبوه نازل ٿيا پر انهن جي عزت جا جلوا انهن جي خطبن ۾واضح نظراچن ٿا جن بني اميه  جي نظام ۽ فڪر کي نابود ڪري ڇڏيو .

 

 

 

                 مجلس نمبر 8

     نماز ۽ امام حسين عليه السلام

 

v       اگر قرآن شروع ۾ وڏي ۾ وڏي سورت (بقره) ۾ فرمائي ٿو :”الذين يومنون بالغيب ويقيمون الصلاة[119](مومن اهي اهن جيڪي غيب تي ايمان رکندا هجن ۽ نماز کي قائم ڪن ).اهڙي طرح ننڍي۾ ننڍي سورت (ڪوثر ) ۾ به نماز جي باري ۾ گفتگو ڪئي آهي .

امام حسين عليه السلام به نماز کي قائم ڪيو آهي .” اشهد انک قد اقمت الصلوة“[120](مان گواهي ڏيان ٿو بيشڪ توهان نماز کي قائم ڪيو ).

v       جيڪڏهن قرآن فرمائي ٿو ”وارکعوا مع الراکعين “[121](رڪوع ڪرڻ سان گڏ رڪوع ڪريو ). ته امام حسين عليه السلام به نماز کي دشمنن جي درميان جماعت سان قائم ڪيو .

v       اگر قرآن پيغمبراسلام (ص) کي ميدان جنگ ۾ نماز پڙهڻ جو طريقو سمجھائي ٿو .” اذا کنت فيهم فاقمت لهم الصلوة فلتقم طائفة منهم معک ولياخز واسلحتهم“[122](۽ جڏهن تون مجاهدن جي درميان هجين ۽ انهن لاء نماز قائم ڪرين ته انهن جي هڪ جماعت توهان سان گڏنماز پڙهي ۽ پنهنجو اسلحو پاڻ سان گڏ رکن ) ته امام حسين عليه السلام به ميدان جنگ ۾ نماز کي ان طريقي ادا ڪيو آهي .

v       اگر قرآن نماز کي غيبي امداد جو سرچشمو۽ مومنين کي ان کان مدد وٺڻ جو حڪم ڪيو آهي .” واستعينوا بالصبر والصلاة[123](نماز۽ صبر کان مدد حاصل ڪريو) ته امام حسين عليه السلام پڻ جنگ جي ماحول ۽ مشڪلاتن ۾ نماز کان مدد طلب ڪئي آهي .

v       اگر قرآن نماز کي اول وقت ۾ ادا ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي .”اقم الصلاة لدلوک الشمس“[124](توهان نماز کي قائم ڪيو زوال آفتاب کان ) ته امام حسين عليه السلام پڻ عاشورا جي ڏينهن نماز ظهر کي اول وقت ۾ ادا ڪيو .

v       اگرحضرت عيسى عليه السلام کي جيستائين زندا آهن نماز کي قائم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي .” اوصاني بالصلات والزکاة ما دمت حيا “[125]( الله مون کي نماز ۽ زڪوات جي وصيت ڪئي آهي جيستائين مان زندا آهيان ) ته امام حسين عليه السلام پڻ آخري لحظي تائين نماز سان گڏ هيا .

v       اگر قرآن انهن ماڻهن جي مدح ۽ تعريف ڪئي آهي جن کي تجارت نماز کان غافل نٿي ڪري سگهي .” رجال لا تلهيهم تجارة ولا بيع عن ذکر الله واقام الصلوة“[126](اهي ماڻهو جن کي تجارت ۽ خريد و فروخت الله جي ذڪر کان غافل نٿي ڪري ) ته امام حسين عليه السلام جي باري ۾ ايترو چئي سگھجي ٿو ته جان جي حفاظت به امام کي نماز کان غافل نه ڪيو .

v       امام حسين عليه السلام نه فقط پنهنجي لاء نماز پڙهي بلڪي امام عليه السلام جي نماز ،نماز گذارن جي نماز جي قبوليت جو سبب بڻجي وئي هڪ حديث ۾ آهي ته :ٽي شيون نماز جي قبوليت جو سبب آهن .1.حضور قلب 2.نافله نماز  3. خاڪ ڪربلا .

v       امام حسين عليه السلام پنهنجي ڀيڻ جناب زينب ڪبرى سلام الله عليها کي فرمايو هيو ته پنهنجي نماز ۾ مون کي ضرور ياد ڪجان .

v       نماز ضروري آهي ته معاشري ۾ ظاهر ظهور انجام ڏني وڃي ”اقيموا الصلوة“ امام حسين عليه السلام پڻ ان جي باوجود جو خيمي جي اندر نماز پڙهي سگھن پيا  پرپوء به امام ماڻهن جي سامهون نماز کي ادا ڪيو.

v       عاشورا جي ڏينهن نماز ظهرکي ادا ڪرڻ وقت تقريبا 30 تير امام عليه السلام کي هنيا ويا يعني سورت حمد ۽رڪوع۽ سجدي جي ذڪر جي ڪلمن مان هر هڪ جي عيوض ۾ هڪ تير هنيو ويو هيو .

v       واقعا نماز ڪيڏي ته عظيم عبادت آهي جو امام حسين عليه السلام نائين محرم جي ڏينهن جڏهن امام کي حملي ڪرڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي ته امام ڪجھ مرحلن ۾ دشمن سان گفتگو ڪري جنگ کي هڪ ڏينهن موخر ڪن ٿا ۽ فرمائن ٿا : ”اني احب الصلاة“امام عليه السلام اهو نه فرمايو آهي ته مان چاهيان ٿو ته نماز پڙهان بلڪي فرمايو ته مان نماز کي دوست ۽ محبوب رکان ٿو .(اسان امام حسين عليه السلام جا عاشق آهيون) اسان مان گھڻائي ماڻهون نماز ته پڙهڻ ٿا ليڪن اهو ڏسون ته اسان نماز کي ڪيترو محبوب رکون ٿا .

زراره ،امام جعفر صادق عليه السلام کان ڪعبي جي باري ۾ سوال ڪيو ته ڪافي سال ٿي ويا آهن ته جڏهن به توهان کان حج ۽ ڪعبي جي باري ۾ سوال ڪيان ٿو توهان جديد جواب ڏيو ٿا : توهان جو ڪلام ڪهڙي شي سان متصل آهي . امام عليه السلام فرمايو ته ڇا توهان اهو چاهين ٿو ته جيڪو ڪعبو حضرت آدم عليه السلام کان هزارين سال پهريان هيو ان جا اسرار ۽ فضيلتون هڪ ڪلمي ۾ ختم ڪيا وڃن.

جڏهن ته جن اسرارن ۽ فضيلتن جي طرف امام اشاروڪيو آهي اهو فقط نماز جو قبلو آهي ۽ قبلو نماز جي شرطن مان هڪ شرط آهي .( ته خود نماز جاڪيترا اسرارهوندا )

v       امام حسين عليه السلام ان شي لاء حاضر آهن ته ڀلي جسم پارا پارا ٿي وڃي پر نماز جي عظمت کي پارا پارا قرآن پڙهي پيو ،يعني ڀلي سر بدن کان جدا ٿي وڃي پر اهو ئي سر ۽ دل قرآن کان جدا نٿو ٿي سگھي.

اي حسيني عزادارو! عاشورا جي ڏينهن جتي به هجو امام حسين عليه السلام ۽ امام جي ڪربلا ۾ آخري نماز کي ياد ڪندي امام زمانه عليه السلام سان گڏجي نماز ظهر کي عظمت ۽ خلوص سان ضرور انجام ڏجو .

 

 

 

مجلس نمبر 9                                     

 قرآن ۽ شهداء جي ياد

 

v       قرآن مجيد ۾ جان بچائيندڙ ۽ ڊڄندڙ ماڻهن تي شدت سان تنقيد ڪئي وئي آهي .”يخشون الناس کخشية الله “[127](ماڻهن کان ائين ڊڄن ٿا ڄڻ الله کان ڊڄندا هجن)”لا طاقة لنا اليوم“[128](اڄ اسان ۾ مقابلي ڪرڻ جي همٿ نه آهي )۽ بهادر انسان جي تعريف ٿيل آهي مثلا: ڪي ماڻهون مسلمانن جي ارادن کي ڪمزور ڪرڻ لاء چوندا هيا ته توهان جا دشمن ڪافي آهن ليڪن مومنين جي دلن ۾ خوف جي جاء تي ايمان ۾ اضافو ٿيندو هيو .” ان الناس قد جمعوا لکم فاخشوهم فزادهم ايمانا “[129]( جڏهن انهن کي چيو ويو ته ماڻهن توهان لاء هڪ عظيم لشڪر تيار ڪيو آهي ته انهن جي ايمان ۾ اضافو ٿي ويو ).

v       قرآن انهن ماڻهن جي مدح ۽ تعريف ڪئي آهي جيڪي جهاد کي پسند ڪن ٿا ۽ ان جا عاشق آهن ليڪن وسائل جي نه هجڻ جي ڪري روئي رهيا آهن ”اعينهم تفيض من الدمع حزنا الايجدواماينفقون“[130]( انهن جي اکين مان ڳوڙها جاري هيا ۽ انهن کي ان ڳالهه جو ڏک هيو ته انهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ لاء ڪجھ به نه آهي .).

v       قرآن انهن ماڻهن جي به مدح ڪئي آهي جيڪي جان ڏيڻ لاء تيار آهن ( پوء ڀلي انهن جو خون نه وهايو ويو هجي )”فلما اسلما وقلة للجبين وناديناه ان يا ابراهيم قد صدقت الرويا“[131].

v       قرآن ان شخص کي مقام ۽ منزلت جي لائق ڄاڻي ٿو جيڪو ميدان جنگ ۾ بهادري ڏيکاري .”قتل داود جالوت آتاه الملک والحکمة وعلمه مما يشاء“[132](داوود جالوت کي قتل ڪيو ۽ الله داودکي حڪومت ۽ حڪمت عطا ڪئي ۽ پنهنجي علم مان جيترو چاهيو ان کي ڏنو ).

v       قرآن مجيد جتي حضرت ابراهيم عليه السلام جي عظمتن کي ذڪر ڪيو آهي انهن مان هڪ عظمت بتن کي ٽوڙڻ تي جرئت ڏيکارڻ کي بيان ڪيو آهي .” وتالله لاکيدن اصنامکم“[133](خدا جي قسم توهان جي بتن لاء ضرور تدبير ڪندس).

v       قرآن گھڻائي مرتبا انهن انبيائن جي مدح ۽ ستايش ڪئي آهي جيڪي پنهنجي با وفا ساٿين سان گڏجي جنگ ۾ ويا ۽ مشڪلاتن جي مقابلي ۾ سستي نه ڪئي ۽ پنهنجي ڪمزورين کي ظاهر نه ڪيو ۽  پنهنجي سر کي (ظالم جي آڏو)نه جھڪايو “کاين من نبي قاتل معه ربيون کثير فما وهنو لما اصابهم في سبيل اللهوما ضعفواوامااستکانوا والله يحب الصابرين [134](۽ گھڻائي اهڙا نبي گذري چڪا آهن جن سان گڏجي گھڻن ئي الله وارن بندن اهڙي طرح جهاد ڪيو آهي جو خدا جي راه ۾ ايندڙ مصيبتن کان نه ڪمزور ٿيا آهن ۽ نه بزدلي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ نه دشمن جي سامهون ذلت جو اظهار ڪيو آهي ۽ الله صبر ڪرڻ وارن کي ئي دوست رکندو آهي .).

v       بيت الله جي حاجين جي مٿانهن جيڪي اعمال واجب آهن انهن مان هڪ مهم رڪن منا ۾ رات گذارڻ آهي شايد ان جو اهو سبب آهي ته منا حضرت اسماعيل عليه السلام جي قرباني جي جاء آهي ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جو شيطان سان مقابلو ڪرڻ جو مورچو آهي . جي ها؛ اولياء خدا جي مقتل گاهه ۾ توقف ڪرڻ هڪ قسم جي عملي عزاداري ۽ شهداء جي ياد کي زندا رکڻ جو عملي نمونو آهي .انهن گروهن جي مقابلي ۾ قرآن گھڻن ئي ٽولن تي شدت سان تنقيد ۽ مذمت ڪئي آهي . مثال جي طور تي:

1.انهن ماڻهن جي جن فقط دنيا جي زندگي سان دل لڳائي ڇڏي آهي .” ارضيتم بالحيوت الدنيا[135]( ڇا توهان فقط دنيا جي زندگي تي راضي آهيو ).

2.انهن ماڻهن جي ،جن زندگي جي سهولتن کي جهاد ۽ مورچي ۾ وڃڻ کان وڌيڪ محبوب قرار ڏنو آهي .” قل ان کان آبائکم وابنائکم واخوانکم وازواجکم وعشيرتکم واموال اقتر فتموها وتجارة تخشون کسادها ومساکن ترضونها احب اليکم من الله ورسوله وجهاد في سبيله فتربصوا[136](اي پيغمبر(ص) ! توهان چئو ته اگر توهان جا ابا۽ ڏاڏا ،اولاد ۽ ڀائر ،گھر واريون،قبيلو ۽ اهو مال جنهن کي جمع ڪيو اٿو ۽ اها تجارت جنهن جي خساري جي فڪر ۾ آهي ۽ اهي گھر جنهن کي محبوب رکو ٿا توهان جي نگاه۾ الله ،ان جي رسول ۽ راهه خدا جي راه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ محبوب آهن ته  پوءِ الله جي امر جو انتظار ڪريو ).

3.انهن ماڻهن جي جيڪي دشمن کان ڊڄن ٿا “ قالو لا طاقة لنا اليوم بجالوت وجنوده[137]( چوڻ لڳا ته اڄ اسان ۾ جالوت ۽ ان جي لشڪر جي مقابلي جي همٿ نه آهي ).

4. انهن ماڻهن جي جيڪي گھر جي حالات صحيح نه هجڻ جو بهانو ٺاهن ٿا ۽پيغمبر (ص)کان جنگ ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي اجازت وٺن ٿا .” يقولون ان بيوتنا عورة وماهي بعورة ان يردون الا فرارا“[138](انهن مان هڪ گروه نبي کان اجازت وٺي رهيو هيو ته انهن جا گھر خالي آهن حالانڪه انهن جا گھر خالي نه هيا بلڪي اهي ماڻهو صرف ڀڄڻ جو ارادو ڪري رهيا هيا ).

5.انهن ماڻهن جي جيڪي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پيغمبر کان عذر خواهي ڪن ٿا ۽ بهانو بڻائن ٿا ته اسان جو جنگ تبوڪ م شريڪ ٿيڻ گناه جو سبب بڻبو ڇو جو جنگ ۾ رومين جي آمهون سامهون ٿيڻ وقت انهن جي عورتن ۽ خواتين تي نگاه پوندي ،لهذا فتني۽ گناه ۾ مبتلا ٿينداسين.جڏهن ته وڏي ۾ وڏو فتنو ۽ گناه جنهن ۾اهي غرق ٿيل آهن خود جنگ کان فرار ٿيڻ ۽ پيغمبر(ص) کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ آهي .” ومنهم من يقول ائذن لي ولا تفتيني الا في الفتنة ..[139](انهن مان اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي چون ٿا ته اسان کي اجازت ڏيو ۽فتني ۾ نه وجھو آگاه ٿي وڃو ته اهي واقعا فتني ۾ گھري چڪا آهن ).

6.انهن ماڻهن جي ،جيڪي هوا جي گرم هجڻ کي جنگ ۾ نه وڃڻ جو بهانو قرار ڏين ٿا ”قالوا لا تنفروا في الحر قل نار جهنم اشد حرا “[140](اهي چون ٿا ته توهان گرمي ۾ ته نه نڪرو اي حبيب تون انهن کي چئو: جهنم جي باهه ان کان به وڌيڪ گرم آهي ).

7.انهن ماڻهن جي جيڪي جنگ ۾ نه وڃڻ ڪري خوشحال آهن ”فرح المخلقون بمقعدهم خلاف رسول الله“[141](جيڪي ماڻهو جنگ تبوڪ ۾ نه ويا اهي رسول الله جي پويان ويهڻ تي خوش ٿي رهيا آهن ).

v       خداوند عالم پنهنجي پاڪ پيغمبر (ص) کي حڪم ڪيو آهي ته ماڻهن جو درد نه رکندڙ ،ڊڄندڙ ۽ جنگ کان فرار ڪندڙ منافقن تي نماز جنازه ادا نه ڪر ايستائين جو جنگ کان فرار ڪندڙن جي قبرن تي به حاضر نه ٿي ليڪن شهداء جي مزارن تي ضرور حاضر ٿي .

v       حضرت فاطمه الزهرا سلام الله عليها هر هفتي ٻه ڏينهن (سومر ۽ خميس) ڪجھ ڪلو ميٽر پيدل رستو طي ڪري: احد جي شهيدن جي مزارن تي وينديون هيون ۽ ايستائين جو شهيدن جي مزار جي خاڪ مان ڪجھ مقدار پنهنجي گھر کڻي آيون ۽ ان مان تسبيح ٺاهي ۽ هميشه پنهنجي هٿ ۾ رکنديون هيون تاڪي شهداء جي ياد فراموش نه ٿئي .

v       خداوند عالم جيڪو ڪجھ زمين ۽ اسمان ۾ آهي ان جو خالق آهي .” الله الذي خلق السموات والارض“[142]۽ ان کي انسان جي تابع قرار ڏنو آهي “سخر اکم مافي السموات وما في الارض[143]۽ انسان کي عبادت ۽ بندگي لاء خلق ڪيو آهي .” وما خلقت الجن والانس الا ليعبدون “[144]۽ عبادت جو قلعو نماز آهي ۽ نماز جو قلعو سجدو آهي ۽ بهتر آهي ته سجدي کي خاڪ ڪربلا ۽ تربت شهداء تي انجام ڏنو وڃي تاڪي  شهداء فراموش نه ٿين .

v       آداب سفر حج ۾ پڙهون ٿا ته جيڪو به مڪي وڃي ليڪن مديني ۾ پيغمبر(ص) جي زيارت نه ڪري اهو جفا ڪار (ظالم) آهي ۽ جيڪو مديني وڃي ۽ پيغمبر(ص) جي زيارت ته ڪري ليڪن مديني جي نزديڪ احد جي شهيدن جي زيارت نه ڪري ته اهو پڻ جفاڪار آهي .لهذا اهو نتيجو وٺي سگھجي ٿو ته مڪي جي عظمت ،مديني جي نبوت ۽ مديني جي نبوت ،احد جي شهيدن سان متصل ۽ پيوند آهي .يعني مڪو ،مديني سان ۽ مدينو احد سان وابسطا آهي .ڇا ائين نه آهي ته احد جا شهيد 72 هيا ۽ ڪربلا جا شهيد به 72 آهن ته حزب جمهوري جا شهيد به 72 آهن .

  مجلس نمبر 10

                زيارت عاشورا قرآن جي نگاهه ۾

قرآني اصولن مان هڪ اصول جنهن تي قرآن تاڪيد ڪئي آهي اهو هي آهي ته نيڪ ۽نيڪين سان محبت،بد ۽بدين کان نفرت ڪجي.

v       قرآن فرمائي ٿو:ته حضرت ابراهيم عليه السلام کان سکو ته ڪهڙي طرح پنهنجي چاچي (جيڪو بدڪارهيو) کان بيزاري اختيار ڪيائين .”فلما تبين له انه عدو لله تبرء منه ان ابراهيم لاواه حليم[145]جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام جي لاء واَضح ٿيوته هو خدا جو دشمن آهي ته ان کان بيزاري اختيارڪيائون جڏهن ته حضرت ابراهيم عليه السلام تمام گھڻومهربان ۽ دلسوز هيو .

v       پيغمبر اسلام (ص) مامور آهن ته مشرڪين کي چون ته ”انني بري مماتشرکون“[146]مان ان شي کان بري ۽ بيزار آهيان جنهن کي توهان خدا جو شريڪ قرار ڏيو ٿا.

v       سورت برائت ان شي کي بيان ڪندڙ آهي ته فقط نيڪين سان محبت ڪافي نه آهي ،بلڪي ضروري آهي ته بيان ۽ گفتگو ، قلم ۽ زبان ،خطن ۽ فريادن ،ڳوڙهن ۽ عملن جي ذريعي بدين کان بيزاري ۽ نفرت جو اظهار ڪجي .

v       هر سال ڪروڙين مسلمان مني جي سر زمين تي خانه ڪعبه جي ڀر سان حضرت ابراهيم عليه السلام جي پيروي ڪندي ٽي ڏينهن لڳاتار شيطان جي علامت کي  49 پٿريون هڻندا آهن ۽ شيطان ۽ شيطان جهڙين قوتن کان بيزاري جو اظهارڪندا آهن .مزي جي ڳالهه اها آهي ته شيطان کي پٿريون هڻڻ کان پوءِ هي دعا پڙهندا آهن ” خدايا منهنجي حج کي قبول فرماءِ “ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حج جي قبولي شيطان ۽ شيطاني قوتن کان نفرت ۽ بيزاري ۾ آهي.

v       اها ڳالهه واضح آهي ته شيطان هر دور ۾ هڪ خاص شڪل۽ صورت رکي ٿو .جئين امام خميني رحمت الله عليه فرمايو آهي : ته آمريڪا شيطان بزرگ آهي .

v       زيارت عاشورا۾ امام حسين عليه السلام ۽ امام جي اصحاب تي100 مرتبه سلام موڪليون ٿا ان جي مقابلي۾ امام جي دشمنن تي پڻ جيڪي دين ۽خدا جا دشمن آهن 100 مرتبو لعنت ڪيون ٿا .

v       مني جي سر زمين ۾ شيطان کي بار بار پٿر هڻڻ ۽ زيارت عاشورا ۾ لعنت جو تڪرارڪرڻ ان لاء آهي ته نيڪين سان محبت ۽ بدين سان بغض کي بهتر طريقي سان ياد ڪيون ۽ يادگيري تڪرارسان حاصل ٿيندي آهي .

v       حضرت امام علي عليه السلام مولود ڪعبه ۽ خانه زاد خدا (خدا جي گھر ۾ ڄمندڙ)آهي .خداوند متعال فرمائي ٿو : ته ڪعبه جي چوڌاري چڪرڪاٽيو تاڪي علي عليه السلام جو عشق ،ان جو فڪر ۽ راه توهان جي جان ۾ جاءِ ٺاهي . انسان بغير محبت ۽ نفرت جي ان حيوان وانگر آهي جيڪو فقط (بغيرڪنهن مقصدجي) زندا آهي.

v       هر ڏينهن رات ۾ گھٽ ۾ گھٽ  10 مرتبا خدا کان اها دعا گھرون ٿا ته اسان کي پنهنجي اولياء جي رستي تي ثابت قدم رک ”اهدناالصراط المستقيم،صراط الذين انعمت عليهم“۽ فاسدن ۽تنهنجي غضب ٿيلن جي رستي کان بيزاري اختيارڪيون ٿا .”غير المغضوب عليهم ولا الضالين“ ڪعبه جي پٿرن کي چميون ٿا ليڪن جمرات ثلاثه ( ٽڻ شيطانن)جي پٿرن جي  طرف پٿريون هڻي بيزاري جو اظهار ڪيون ٿا.

v       عرفه جي ڏينهن امام حسين عليه السلام جي عشق ۾  ان جي دعا ۾ گريو ڪيون ٿا  ليڪن هڪ ڏينهن پوء عيد قربان جي ڏينهن ،ڪات هٿ ۾ کڻي راهه خدا۾ خون وهايون ٿا ۽ قرباني ڪيون ٿا،هڪ هٿ سان دعا ۽ هڪ هٿ ۾ ڇري .هائو؛ضروري آهي ته مسلمان جي پوري زندگي اهڙي طرح هجڻ گھرجي.

v       مسلمانن جي امام جمعه جي زبان تي تقوا جوفرمان اکين ۾ ڳوڙها ،هٿن تي سلامتي ۽ قدمن ۾ مضبوطي هجڻ گھرجي  ان جي فڪر بلندي کي ڇوهيندي هجي ۽ان جو ذهن علم سان مالا مال هجي ۽ اهائي اسلام ۾ مڪتب۽ مذهب جي نمائندن علماء ۽ خطيبن جي جامع الشرائط هجڻ جي معني آهي .

v       اگر اسان امام حسين عليه السلام تي درود ۽ سلام موڪليون ٿا ته قرآن کان سکيو آهي.ته آسماني پيغام آڻيندڙن تي ۽ الهي رهبرن تي سلام موڪلبوآهي .”سلام علي نوح في العالمين“[147]”سلام علي آل ياسين “[148]”سلام علي موسي وهارون“[149]”سلام علي ابراهيم[150].

v       اگرپيغمبراسلام (ص) تي صلوات پڙهون ٿا ته به قرآن کان سکيو آهي ” ان الله وملائکته يصلون علي النبي “[151]ياايها الذين آمنواضلو عليه وسلمواتسليما “(تحقيق ته الله ۽ ان جا ملائڪه نبي تي صلوات موڪلن ٿا لهذا اي ايمان وارو توهان به نبي تي صلوات پڙهو )

v        پر جيڪڏهن اسان بني اميه ۽ حق جي حڪومت جي غاصبن تي ۽ تاريخ بشريت ۾ فساد برپا ڪندڙن تي لعنت۽ نفرين ڪيون ٿا ته اهو به قرآن مجيد کان سکيو آهي .قرآن فرمائي ٿو:”ان الذين يوذون الله ورسوله لعنهم الله في الدنيا والآخرة[152]جيڪي ماڻهو خدا ۽ ان جي رسول کي اذيت ڪن ٿا ته خداوند عالم انهن کي دنيا ۽ آَخرت ۾ لعنت ڪري ٿو .

v       اسان خدا جي دشمنن تي لعنت۽ نفرين ڪرڻ پنهنجن نبين کان سکيو آهي .”لعن الذين کفروا من بنياسرائيل علي لسان داود وعيسي بن مريم “[153]ڪافرن تي حضرت داود ۽ حضرت عيسي عليهم السلام  جي ذريعي لعنت ڪئي وئي آهي .

v       اسان لعنت کي جناب پيغمبراسلام (ص) جي سيرت مان سکيو آهي جو مباهلي جي واقعي ۾ فرمايو آهي ته” ثم نبتهل فنجعل لعنة الله علي الکاذبين “[154]اسان گڏجي مباهلو ڪيون ٿا ۽ ڪوڙن تي خدا جي لعنت قرار ڏيون ٿا .

v       ڪجھ مجرمن تي فقط خدا ۽ پيغمبرن لعنت نه ڪئي آهي .بلڪي ڪائنات جي تمام باشعور مخلوق هميشه انهن تي لعنت ڪندي رهي ٿي .”اولئک يلعنهم الله ويلعنهم اللاعنون [155].خلاصو اهو آهي ته اسان جا تمام سلام ۽ لعنتون سڀني زيارتن ۾۽ خصوصا زيارت عاشورا۾ قرآن جي ثقافت ۽ روح کان ورتل آهي .

)اللهم صل علي محمد وآل محمدوعجل فرجهم واهلک اعدائهم ياکريم(

 



[1] مجمع البيان ،ج2 ص،361

[2] ڪامل الزيارات،ص 70

[3] جامع الاحاديث شيعه،ج12،ص 481

[4] سوره يونس .آيت 75

[5] لواعج الاشجان،ص 26

[6] سوره جن آيت 2

[7]لواعج الاشجان ،ص 128

[8] سوره حجر آيت87

[9] بحار الانوار ج 98،ص 239

[10] سوره الحاقة ،آيت 51

[11] ڪامل الزيارت ،ص 202

[12] نهج الفصاحة،جملو 633

[13] زيار عاشورا

[14] ڪامل الزيارات ،ص 70

[15] سوره اسراء آيت 82

[16] من لا يحضر الفقيه،ج 2 ،ص 446

[17] مفاتيح الجنان

[18] نهج البلاغه خطبو 182

[19] سموا المعنى في سمواالذات ،96

[20] سوره نساء 184

[21] ڪامل الزيارات ،ص 230

[22] سفينة لابحار ج2 ص 413

[23] مقتل مقرم ص 397

[24] سوره ص.آيت 29

[25] مقتل خوارزمي ج1 ص 164

[26] سوره زمرآيت 28

[27] فروع ڪافي ،ج 4 ص 561

[28] سوره واقعه 77

[29] نفس المهموم .7

[30] سوره فصلت،.41

[31] لهوف ،54

[32] بحارالانوار ج 92 ،ص 31

[33] پر توي از عظمت حسين .6

[34] سوره انعام آيت 157

[35] فروع ڪافي ،ج 4 ،ص 221

[36] سورم مزمل آيت 4

[37] ڪامل الزيارات .ص 221

[38] وسائل الشيعة،ج 4 ،ص 857

[39]  ڪامل الزيارات ،ص 131

[40]سوره نساء آيت 142

[41] سوره توبه،آيت 54

[42] سوره بقره آيت 71

[43] سوره توبه ،آيت 38

[44] سوره عنڪبوت آيت 65

[45] سوره يونس،آيت 91

[46] سوره انفال آيت 60

[47] سوره مائده،آيت 20

[48] سوره هود ،آيت88

[49] سوره آل عمران آيت 126

[50] سوره مائده آيت83

[51] سوره نصر آيت 2

[52] سوره حجرات،آيت 14

[53] سوره احزاب آيت 33

[54] سوره هود آيت88

[55] سوره قصص،آيت21.

[56] سوره نساء آيت 78

[57] سوره آل عمران آيت 154

[58] سوره قصص آيت 22

[59] سوره تو به آ يت 54

[60] سوره نساءآيت 142. 143

[61] سوره آل عمران آيت 185

[62] سوره يونس آيت 41

[63] سوره بقره 156

[64] سوره فتح آيت 10

[65] سوره احزاب آيت 23

[66] سوره قصص آيت 41

[67] سوره مجادله ايت19

[68] سوره يونس71آيت

[69] سوره اعراف آيت 196

[70] سوره دخان آيت 20

[71] سوره غافر ايت 27

[72] سپره انعام آيت 48

[73] سوره اعراف آيت 35

[74] سوره محمدآيت2

[75] سواره نساء آيت 146

[76] سوره انفال آيت 1

[77] سوره اعراف آيت142

[78] سواره حجرات آيت 9

[79] سواره هود آيت 46

[80] سوره شعراء آيت 83

[81] سوره ڪهف آيت 83

[82] سوره مومنون  آيت 51

[83] سوره انبياء آيت 105

[84] سوره هود آيت 88

[85] سوره بقره آيت 11. 12

[86] سوره بقره آيت 220

[87] سوره اعراف آيت176

[88] سوره آل عمران آيت 110

[89] سوره اعراف آيت 165

[90] سوره عنڪبوت آيت 45

[91] بحار الانوار ج 97 ،ص 87

[92] سوره نحل آيت 36

[93] بحارالانوار ج 44 ص 192

[94] سوره آل عمران آيت 21

[95] سوره انفال ايت34

[96] سوره توبه آيت 8

[97] سوره شعراء آيت 223

[98] سوره يوسف آيت 108

[99] سوره حشر آيت 9

[100] سوره اعراف آيت 128

[101] سوره طه آيت 132

[102] سوره انشراح آيت 4

[103] سوره زمر آيت 12

[104] سوره هود آيت 112

[105] سوره رعد آيت 22

[106] سوره نساءآيت 139

[107] بحارالانوار ج78،ص،228

[108] دعا ء مڪارم الاخلاق.

[109] سوره نساء آيت 141

[110] سوره بقره آيت 279

[111] سوره توبه آيت 111

[112] سوره بقره آيت 29

[113] سوره حجر آيت 29

[114] سوره بقره آيت 34

[115] سوره بقره آيت 30

[116] سوره بقره آيت 257

[117] سوره حج ايت 78

[118] سوره ذاريات آيت 56

[119] سوره بقره آيت 3

[120] زيارت عاشورا

[121] سوره بقره آيت 43

[122] سوره نساء آيت 102

[123] سوره بقره آيت 153

[124] سوره اسراء آيت 78

[125] سوره مريم آيت 31

[126] سوره نور ايت 37

[127] سوره نساء آيت 77

[128] سوره بقره آيت 249

[129] سوره ال عمران آيت 173

[130] سوره توبه ايت 92

[131] سوره صافات آيت 103. 105

[132] سوره بقره آيت 251

[133] سوره انبياء آيت 57

[134] سوره آل عمران ايت 146

[135] سوره توبه آيت 38

[136] سوره توبه ايت 24

[137]سوره بقره آيت 249

[138]سوره احزاب آيت 13

[139]سوره توبه آيت 49

[140]سوره توبه آيت 81

[141]سوره توبه آيت 81

[142]سوره ابراهيم آيت 32

[143]سوره لقمان آيت 20

[144]سوره ذاريات آيت 56

[145]سوره توبه آيت 114

[146]سوره انعام آيت 19

[147]سوره صافات آيت79

[148]سوره صافات آيت 130

[149]سوره صافات آيت 130

[150]سوره صافت آيت 120

[151]سوره احزاب آيت 56

[152]سوره احزابآيت 57

[153]سورهمائده آيت78

[154]سوره آل عمران آيت61

[155]سوره بقره آيت 159

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top