بسم الله الرحمن الرحيم

امام مهدي عليه السلام جي امامت تي عقلي دليلون

 سڀئي اسلامي فرقا نبيءَ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم کانپوءِ هڪ اڳواڻ ۽ رهبر کي خليفي جي عنوان سان قبول ڪن ٿا.انهيءَ ڳالھ تي شيعه توڙي سني سڀ متفق  القول آهن.

اهلسنت ۾ هيءُ مسئلو ايتري قدر اهميت جوڳو آهي جو اڃا حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي جسد مبارڪ کي غسل ۽ ڪفن ئي نه ڏنو ويو هو ته اصحاب (جن ۾ پهريون ۽ ٻيوخليفو به شامل هئا) سقيفي ۾ جمع ه وسل،ٿيا ۽ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشينيءَ واري مسئلي تي سوچ ۽ ويچار ڪرڻ لڳا ۽ جانشيني ۽ خلافت واري مسئلي کي مک سمجهندي چوڻ لڳا  ته امامت ۽ اسلامي امت جي رهبري ۽ اڳواڻي پاڻ سڳورن صلي الله عله وآله وسلم جي ڪفن ۽ دفن  کان اهم آهي.

بس امام (نبيءَ جي جانشين) جي ضرورتجو مسئلو نه فقط شيعه بلڪ اهلسنت جي  مختلف فرقن جي لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿو  ۽ اهو نظريو رکن ٿا ته امام ۽ خليفي جو هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ۽ شبهو نٿا رکن البته اهو ڪئين هجڻ کپي؟ ان مسئلي ۾ اهلسنت جو شيعه مڪتب سان اختلاف آهي.

هتي سڀ کان پهريان اسان شيعه ۽ اهلسنت جي فرقن جي هن مسئلي ۾ راءِ بيان ڪنداسين.

شيعا ڪلامي فرقا

اماميه اثنا عشري ؛اماميه جي نظر ۾ امامت واجب آهي ان جي تائيد جي لاءِ اماميه جي هڪ برک عالم خواجه نصرالدين طوسي قدس سره جو قول نقل ڪريون ٿا هو چون ٿا ته الاماميه يقولون نصب الامام لطف ،لانه يقرب من الطاعه ويبعد عن المعصيه واللطف واجب علي الله.[i]

اماميه چون ٿا ته امام جو هجڻ لطف آهي ڇو جو امام ماڻهن کي اطاعت جي قريب ڪندو آهي ۽ گناهن کان پري ڪندو آهي ۽لطف الله تعاليٰ تي واجب آهي.

اهلسنت ڪلامي فرقا

1)اشاعره؛هي امامت جي وجود جا قائل آهن  ليڪن  ڇو جو هي حسن و قبح عقلي جا قائل نه آهن تنهڪري امامت جو انتخاب ماڻهن تي سمجهندا آهن ٻين لفظن ۾ وجوب  وجوب فقهي جا قائل نه آهن هيءُ وجوب انهن جي نزديڪ به دليل نقلي جي ذريعي ثابت آهي.[ii]

2)معتزله؛جي اڪثريت وجوب امامت جا قائل آهن ۽ هيءُ وجوب انهن جي نزديڪ به دليل نقلي جي ذريعي ثابت آهي

3)ماتريديه؛هيءُ به اشاعره وانگر آهن

4)وهابيه؛هي به امامت ۽ خلافت کي واجب سمجهندا آهن ليڪن ان جي واجب ڪفائي هجڻ جا قائل آهن.[iii]

ان معلوم ٿيو  ته شيعه ۽ سني ٻئي فرقا امامت جي وجوب جا قائل آهن ان لحاظ سان متفق آهن،ليڪن اختلاف ٻين مسئلن ۾ آهي ته  ڇا امام جو انتخاب ۽ چونڊڻ خدا تي واجب  آهي يا ماڻهن تي ؟

هاڻي اتان کان سوال پيدا ٿئي ٿوته وجوب امامت تي ڪهڙيون دليلون آهن؟ هتي اجمالي طور تي اسان ڪجھ دليلن جي طرف اشارو ڪريون ٿا.

(1)قاعده لطف؛اهو عقلي دليل ۽ برهان جنهن جي بنا تي اڪثر متڪلمين، وجوب امامت تي استدال قائم ڪيو آهي، قاعده لطف آهي.

شيخ طوسي ان بابت چوي ٿو ته ؛ لطف هڪ عنايت آهي، انسان کي جيڪو ڪم ضروري ڪرڻ کپي ان کي انجام ڏيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان جي ان ڪم ۾ مدد ڪندو آهي، جيڪڏهن ان جي طرفان اها ڪوشش ۽ مدد نه هجي ته انسان اهو ڪم انجام نه ٿو ڏئي سگهي ۽اهڙي طرح اهو ڪم جيڪو انسان کي نه ڪرڻ کپي ”لطف“ ان (انسان) کي ان ڪم کان پري ڪندو آهي.

لطف جي تعريف

لطف الله جي صفت فعلي منجهان آهي.اهڙو خدائي فعل آهي جنهن جي بنا تي ماڻهو اطاعت جي قريب ۽ معصيت کان پري ٿين ٿا.

لطف جا قسم

لطف جا ٻه قسم بيان ڪيا ويا آهن

(1)لطف محصل (2) لطف مقرب

1ـ لطف محصل؛الله جي طرف کان اهڙن سببن جو فراهم ٿيڻ جن تي انسان جي خلقت جو هدف موقوف آهي، جيڪڏهن الله تعاليٰ اسباب ۽ احڪام فراهم نه ڪري ته انساني خلقت لغو ۽ بيڪار ٿي ويندي. مثلا شريعت  جا احڪام موڪلڻ، دين جي ترويج، تبليغ ۽ حفاظت جي لاءِ انبياء عليهم السلام کي موڪلڻ.

2ـ لطف مقرب؛ اهي خدائي امور (ڪم) جن جي ذريعي (احڪام تڪليف) جو هدف پورو هجي ڇو جو جيڪڏهن الله تعاليٰ هيءُ لطف نه ڪري ها ته ڪيترائي انسان اطاعت ۽ اتباع جي لاءِ تيار نه ٿين ها. مثلا نيڪ ماڻهن کي جنت جا واعدا ڏيڻ ۽  برن ماڻهن کي جهنم جي عذاب کان ڊيڄارڻ،  امتحان وٺڻ جي لاءِ  ماڻهن کي نعمتون ۽ مصيبتون ڏيڻ. اهڙي قسم جو لطف انسان کي احڪام الهي  کي بجا آڻڻ جي نزديڪ ڪندو آهي ۽ نافرماني ڪرڻ کان پري ڪندو آهي.

نتيجو

جيڪڏهن لطف محصل نه هجي  ته شرعي احڪام موڪلڻ  جي لاءِ انبياء عليهم السلام  جي بعثت جي ضرورت ئي نه رهندي جيڪڏهن لطف مقرب نه هجي ته  پوءِ جيتوڻيڪ انبياء ۽ آئمه عليهم السلام  جي صورت ۾  رهنما هوندا  ليڪن عام طور  تي  ماڻهو  اطاعت  ۽ پيروي  نه ڪندا  ۽  انهن احڪامن کي انجام نه آڻيندا.

3ـ مسلمانن جي سيرت

اسلامي متڪلمين پنهنجي ڪلامي ڪتابن ۾ هيءَ دليل  ذڪي ڪئي،جهڙوڪ؛ خواجه نصرالدين طوسي تلخيص المحصل ۾، سعد الدين تفتازاني شرح مقاصد ۾ ۽ شهر ستاني  نهايه الاقدام ۾ ذڪر ڪيو آهي ته مسلمانن جي سيرت بالخصوص صدر اسلام جي مسلمانن جي سيرت ۾ مطالعي ڪرڻ کان پوءِ هي ءَ ڳالھ واضح ٿي آهي ته هي سڀ ماڻهو امامت جي واجب هجڻ کي هڪ مسلم امر شمار ڪندا هئا ايستائين جو اهي ماڻهو جيڪي سقيفي ۾به حاضر نه هئا جهڙوڪ حضرت علي عليه السلام ۽ ٻيا به اسلامي معاشري جو هڪ امام جي طرف محتاج هجڻ جا انڪاري نه هئا.

4ـ شرعي حدن جو  اجراء ۽ اسلامي نظام جي حفاظت

بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي شارح مقدس مسلمانن کان چاهو آهي ته اسلامي حدن کي جاري ڪن ۽ اسلامي مملڪت جي سرحدن جي حفاظت ڪن، اهي شيون بغير ڪنهن مدبر، رهبر ۽ امام جي ممڪن نه آهي ۽ واجب جو مقدمو واجب هوندو آهي لهذا امام کي نصب ڪرڻ به واجب آهي . اهلسنت جو عالم سعدالدين تفتاراني شرح مقاصد ۾ ان دليل ڏانهن اشارو ڪيو آهي.[iv]

5ـ وڏن خطرن کان بچڻ واجب آهي

هڪ ٻي دليل جنهن کي اسلامي متڪلمين ، جهڙوڪ؛ فخر رازي (تلخيص المحصل ص 407) ۽ سعد الدين تفتاراني (شرح مقاصد ج 5 ص 338ـ337) ۾ هنن امامت جي واجب هجڻ تي دليل آندي آهي ته امامت ۽ رهبري سان امت اسلامي کي وڏا سماجي فائدا حاصل آهن جيڪڏهن انهن فائدن کي نظر انداز ڪري ڇڏجي ته اهو شخص ۽ معاشرو  وڏن خطرن ۽ نقصانن  جي وڪوڙ ۾ اچي  ويندو ، لهذا اهڙن خطرن کان بچڻ شرعي ۽ عقلي طور تي واجب آهي. انهن پنجن  عقلي دليلن کي پيش نظر رکندي چيو ويندو آهي ته شيعه ۽ سني ۽ تمام اسلامي متڪلمين، امامت جي وجود تي متفق آهن .

 

 

 

 

 

 



[i] تلخيص المحصل،صفحو 407

[ii] شرح مواقف،جلد،8،صفحو 345

[iii] لمعه الاعتقاد،صفحو 156

[iv] شرح مقاصد جلد 5، صفحو 237ـ236

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top