رجب جي پهرين جمعي رات جي فضيلت
جيتوڻيڪ رجب جو پورو مهينو بابرڪت آهي پر ان ۾ ڪجھ گهڙين جي خاص اهميت آهي جئين ان مهيني جي پهرين جمعي جي رات. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن فرمائن ٿا: رجب جي پهرين جمعي رات کان غفلت نه ڪريو. فرشته ان رات کي “ ليله الرغائب” سڏيندا آهن. ڇو جو جڏهن رات جو ٽيون پهر گذرندو آهي ته ڪو فرشتو باقي نه رهندو آهي سواءِ ان جي جو ڪعبت الله وٽ اچڻ جو شرف حاصل ڪندو آهي، ان وقت الله سائين پنهنجي رحمت جي نظر سان کين ڏسندو آهي ۽ فرمائيندو آهي: اي منهنجا فرشتوءَ! جيڪو کپيوَ مون کان گهرو. فرشته عرض ڪندا: اي پالڻهار! اسان اِهو گهرون ٿا ته ان مهيني ۾ روزي رکڻ وارن کي بخش ڪري ڇڏ. الله سائين فرمائيندو: مون کين معاف ڪري ڇڏيو. (اقبال الاعمال، ص 632)

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top