بسمه تعاليٰ

الصدقه رد البلاء

صدقو بلائن،مصيبتن کي دور ڪري ٿو

معصومين عليهم السلام فرمائن ته صدقو مصيبتن،بلائن ۽ مشڪلاتن کي ٽاري ڇڏي ٿو.انهيءَ حديث جي ضمن ۾ هڪ واقعو پيش ڪجي ٿو؛ جناب عيسيٰ عليه السلام پنهنجي حوارين کي چيو ته سڀاڻي هي ڪاٺير مري ويندو  اتان کان  جناب عيسيٰ عليه السلام هليا ويا صبح جو جڏهن جناب عيسيٰ عليه السلام  پنهنجي حوارين سان گڏ واپس ٿيو ته  اهو ڪاٺير ڪاٺيون کڻي وڃي رهيو هو ته جناب عيسيٰ عليه السلام جا حواري جناب عيسيٰ عليه السلام کان سوال ڪيو ته يا رسول الله  ڪالھ توهان هن ڪاٺير لاءِ فرمايو ته هي سڀاڻي مري ويندو حالانڪه هي ته هيئر جيئرو آهي جناب عيسيٰ عليه السلام ڪاٺير کي سڏ ڪيو چيائين ته ڪاٺير جي بهري رک جڏهن ڪاٺير ڪاٺين جي بهري لاٿي ته جناب عيسيٰ عليه السلام هن ڪاٺير کي چيو ته هاڻي هنن ڪاٺين کي کول ۽ جدا ڪر جڏهن هن ڪاٺين کي کوليو ته انهن ڪاٺين جي وچ ۾ هڪڙو نانگ هيو جنهن جي وات ۾ ڪاٺي هئي  ته جناب عيسيٰ عليه السلام فرمايو اي ڪاٺير تون به ٻد اي صحابيو توهان به ٻدو هي نانگ حقيقت ۾ هن جي موت جو پيغام کڻي آيو هو پر اي ڪاٺير تون مون کي ٻداء ته صبح ڪهڙو ڪم ڪيو؟ هن جواب ڏنو ته اي الله جا رسول مان صبح پنهنجي گهران مانيون کڻي نڪتو هيس جڏهن جنگل ۾ پهتس ته هڪڙو بکايل هيو ان کي هڪڙي ماني کارايم مون مون اهو ڪم ڪيو ته جناب عيسيٰ عليه السلام فرمايو اي صحابيو هي نانگ هن جي موت جو پيغام کڻي آيو هو جڏهن هن صدقو ڏنو ته الله تعاليٰ هن نانگ جي وات ۾ ڪاٺي ڏئي ڇڏي بس حقيقت ۾ معلوم ٿيو ته صدقو مصيبتبن، مشڪلاتن،بلائن ۽ موت کي ٽاري ڇڏي ٿو تڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ته .....عليٰ ڪل مسلم ومسلمه صدقه. ترجمو صدقو ڏيڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي واجب آهي.ڪڏهن جڏهن مشڪلات جي اچڻ جو خوف ۽ خطرو هجي انهيءَ وقت صدقو ڏيڻ واجب آهي.تڏهن ته قرآن مجيد ۾ آيت آهي قد افلح من تزکيٰ[i]

بتحقيق ڪامياب اهو شخص آهي جنهن تزڪيه نفس ڪيو يعني پهنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو ليڪن ٻي روايت جي مطابق ڪامياب آهي اهو شخص جنهن زڪات ڏني زڪات ٻي معنيٰ صدقي جي آهي ليڪن زڪات جي معنيٰ حقيقت ۾ طهارت ۽ پاڪائي ڪئي وئي آهي  لمعه الدمشقيه جي ڪتاب زڪات مطابق. لهذا زڪات صدقو يعني پنهنجي مال  ۽ نفس کي پاڪ ڪرڻ آهي جنهن جو نفس ۽ مال پاڪ هجي ته ظاهرا اهو شخص زمين تي هوندو آهي ليڪن حقيقت ۾ اهو آسمان جا نوراني رستا طئي ڪندو آهي اهو ته سبب آهي جو حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته” من عرف نفسه فقد عرف ربه “ جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو انهيءَ  پنهنهجي رب کي سڃاتو يعني رب جي سڃاڻڻ لاءِ پنهنجي دل جا ڪينا ڪدورت ساڙ حسد بغض ڪڍي ڪري خدا جي بارگاھ ۾ سر جهڪائي چوي خدايا جيڪي غلطيون ٿي ويون آهن اهي معاف ڪر.

ان حوالي سان رسول خدا صليٰ الله عليه وسلم جن فرمائن ٿا ته

1. صدقي جي ذريعي پنهنجي مردن تي رحم ڪيو.

2.صدقو جي ذريعي الله غضب کي ٿڌو ڪري ٿو.

3.صدقو قبر جي گرمي کي ٿڌو ڪري ٿو.

4.قيامت جي سرزمين ۾ باھ ئي باھ هوندي مومن کان علاوه ڪنهن تي سايو نه هوندو ۽ ان تي صدقي جو سايو هوندو.

5.صدقي ڏيڻ وارا ماڻهون بجلي وانگر پل صرط کان گذرندا.

 



[i] ڪتاب حسين بخش جاڙا تفسيرانوار نجف

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top