يوم القدس جي اهميت

 

تحرير: غلام قاسم تسنيمي

 

مهاڳ

 

جياپو، وجود ۽ زندگي الله سائين جون عظيم نعمتون آهن، پر جياپو رڳو جسماني چرپر جو نالو نه آهي، اصل جياپو مقصد لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، البت جهڙي نموني فرد يا هر انسان جو جياپو هوندو آهي اهڙي نموني قومن لاءِ به جياپو ۽  موت هوندا آهن، فرد جو جياپو سندس فردي مقصد جي بلندي سان پرکيو ويندو ته قوم جو جياپو سندس اجتماعي تشخص، ميراث جي حفاظت، جڳ جي قومن ۾ پنهنجو قومي معيار برقرار رکڻ سان ماپيو ويندو آهي.

 

قرآن مجيد ڪيترين ئي آيتن ۾ قومن جي موت جي حوالي سان گفتگو ڪئي آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

 

وَ لِكلُ‏ أُمَّةٍ أَجَلٌ  فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً  وَ لَا يَسْتَقْدِمُون[1]؛ ۽ سڀ ڪنهن گروھ لاءِ (ناپيد هئڻ) جو هڪ خاص وقت آهي. پوءِ انهن جو وقت اچي پهچي ٿو ته نه هڪ گهڙي پٺ تي ٿيندا ۽ نه وڌي سگهندا.

 

 هتي قوم جي موت جو مسئلو بيان ٿيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قوم جو به هڪ جياپو آهي، ٿي سگهي ٿو ته فردي طور تي ڪنهن به قوم جا تمام فرد زندھ هجن پر قومي طور تي اها قوم مرده هجي، جنهن مان مراد اها ٿي سگهي ٿي ته ان قوم پنهنجي قومي تشخص، عزت سربلندي يا پنهنجو وطن يا پنهنجيون سرزمينون هٿان وڃائي ڇڏيون هجن.

 

هڪ امت ۽ قوم هجڻ جي ناطي اسان مسلمانن جون به ڪي قومي ذميواريون آهن، اسلام جي ميراث جي حفاظت اسان جو فرض آهي، مسلمانن جا علائقه، اسلام جا علائقه آهن خاص طور تي اها سرزمين جيڪا ڪيترائي سال مسلمانن جو قبلو رهي، جتي ڪيترائي خدا جا نبي مدفون آهن، جتي ڪيتريون ئي خدائي نشانيون ظاهر ٿيون، جتي انسانن لاءِ خدائي پيغام کڻي آڻڻ وارا آيا. جنهن کي پاڪ پالڻهار پنهنجي معجزاتي ڪلام ۾ نبي پاڪ جي معجزاتي سفر معراج ۾ ذڪر فرمايو: سُبْحانَ الَّذي أَسْرى‏ بِعَبْدِهِ لَيْلاً مِنَ الْمَسْجِدِ الْحَرامِ إِلَى الْمَسْجِدِ الْأَقْصَى الَّذي بارَكْنا حَوْلَهُ لِنُرِيَهُ مِنْ آياتِنا إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ الْبَصير[2]؛ اهو خدا (هر عيب کان) پاڪ صاف آهي جنهن پنهنجي عبد کي راتو رات مسجد حرام (ڪعبي) کان مسجد اقصى (آسماني مسجد) تائين سير ڪرايو، جنهن جي چوڌاري اسان هر قسم جي برڪت بنائي رکي آهي ته جئين کيس پنهنجي (اعلى قدرت جون) نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ (اهو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڏسندڙ آهي.

 

اهڙي سرزمين مسلمانن جي قومي سرزمين آهي، ان مٿان دشمنن جو ناجائز قبضو ڪرڻ مسلمانن کي اتان کان بي دخل يا جلاوطن ڪرڻ هڪ تاريخي ظلم آهي جنهن خلاف آواز اٿارڻ، پنهنجي مسلمه حق جو دفاع ڪرڻ ۽ قومي ذميواري آهي.

 

يوم القدس يوم الله آهي

 

هونهن ته هر گهڙي، هر لمحو، هر ثانيو ۽ لحظو پالڻهار جو ئي آهي پر پوءِ به ڌڻي سڳوري ڪجھ خاص شين کي پاڻ ڏانهن نسبت ڏني آهي جيڪا انهن جي فضيلت جي دليل آهي. انهن ڏينهن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي عظمت کي سمجهڻ ۽ زندھ رکڻ ايمان وارن جي ذميواري آهي.

 

پاڪ پالڻهار حضرت موسى جي بعثت جي مقصدن کي بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو: وَ لَقَدْ أَرْسَلْنا مُوسى‏ بِآياتِنا أَنْ أَخْرِجْ قَوْمَكَ مِنَ الظُّلُماتِ إِلَى النُّورِ وَ ذَكِّرْهُمْ بِأَيَّامِ اللَّهِ إِنَّ في‏ ذلِكَ لَآياتٍ لِكُلِّ صَبَّارٍ شَكُورٍ،[3]۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ڏئي موڪليو (کيس حڪم ڏنوسون) ته پنهنجيءَ قوم کي (ڪفر جي) اونداهين مان (ايمان جي) روشني ۾ آڻ! ۽ کين خدا جا (اهي ڏينهن ياد ڏيار (جن ۾ خدا جون وڏيون قدرتون ظاهر ٿيون) ان ۾ شڪ نه آهي ته ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ۽ شڪر ڪندڙن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

 

هتي الله سائين حضرت موسى جي بعثت جا ٻه اهم مقصد بيان فرمايا آهن جنهن مان هڪ قوم کي شرڪ، بت پرستي، ذلت، شڪ، وڏن جي انڌي تقليد، ريتن رسمن جي زنجيرن، طاغوت جي پيروي جي اونداهين کان ڪڍي توحيد جي نور ڏانهن آڻڻ ذڪر ڪيو ته ٻيو خدائي ڏينهن کي ياد ڏيارڻ بيان فرمايو.

 

يقنينا هتي خدائي ڏينهن مان مراد ڪي مخصوص ڏينهن آهن، جن بابت مفسرن مختلف رايا قائم ڪيا آهن، ڪن جو خيال آهي ته انهن مان مراد اهي ڏينهن آهن جن ۾ الله سائين گذريل نبين جي امتن کي ڪاميابيون عطا فرمايون، ۽ ان ريت حقدارن کي پنهنجي فضل سان نوازيو. جڏهن ته ڪن رايو آهي ته خدائي ڏينهن مان مراد اهي ڏينهن آهن جن ۾ الله سائين پنهنجي نافرماني ڪندڙ قومن مٿان عذاب نازل فرمائي کين ڌرتي جي گولي کان نابود ڪري ڇڏيو.

 

پر سچ هي آهي ته خدائي ڏينهن کي محدود نٿو ڪري سگهجي جنهن به ڏينهن پالڻهار جي خاص نعمت، فضل ۽ احسان عطا ٿئي يا ڪنهن طاغوت جي نابودي واقع ٿئي اهو ڏينهن خدا جو ڏينهن آهي، جنهن کي ياد رکڻ سان انسان پالڻهار جي عظمت ۽ سندس پيروي جي اهميت جو ويساھ ڪندو رهندو ۽ سندس نافرماني جي انجام کي ڏسي ان کان پاسو ڪندو.

 

امام باقر عليه السلام جي روايت آهي ته: ايام اللَّه، يوم يقوم القائم ع و يوم الكرة و يوم القيامه:[4] خدائي ڏينهن ٽي آهن، هڪ اهو ڏينهن جنهن ۾ قائم آل محمد قيام فرمائيندو، ٻيو اهو ڏينهن جنهن ۾ رجعت واقع ٿيندي ٽيون قيامت جو آهي.

 

پر ان ۽ ان جهڙي روايتن يا انهن مصداقن کي عالمن سڳورن مثال طور ڄاڻايو آهي جنهن جي اها ئي معنى ٿيندي ته اهي ڏينهن مثال طور ذڪر ڪيا ويا آهن نه ته خدا جي ڏينهن رڳو اهي ئي نه آهن.

 

ان بيان روشني ۾ چئي سگهجي ٿو ته يوم القدس، خدا جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي ياد رکڻ گهرجي، ان عظيم ميراث کي واپس وٺڻ تائين ان جي ياد ملهائجي. امام خميني فرمائن ٿا: يوم القدس، يوم الله آهي.

 

 

 

يوم القدس ۽ دشمن شناسي

 

يوم القدس اسان کي دشمن شناسي جو درس سيکاري ٿو، اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ڪئين مسلمان قوم جيڪا صدين کان انساني تهذيب ۽ تمدن جي علبردار هئي، ڪهڙي ريت پنهنجي سرزمين کان مجبور ٿي پوئتي هٽي وئي. ها!اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته مسلمانن جو اصلي دشمن ڪير آهي؟ ڪير آهي جيڪو مسلمانن جي پاڻ ۾ ويڙھ مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو؟ مسلمانن ۾ اختلاف جو ٻج ڇٽڻ وارو ڪير آهي.

 

ان جو جواب بلڪل روشن ۽ واضح آهي ته مسلمانن جو سڀني کان وڏو دشمن يهود آهي، جنهن جي تصريح قرآن مجيد پاڻ فرمائي آهي: لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النَّاسِ عَداوَةً لِلَّذينَ آمَنُوا الْيَهُودَ وَ الَّذينَ أَشْرَكُوا[5] (اي رسول!) تون ايمان وارن جو دشمن سڀني کان وڌيڪ يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين.

 

 تاريخ شاهد آهي ته يهودين کان وڌيڪ ڪنهن به قوم مسلمانن کي ڇيهو نه رسايو آهي. اڄ به مسلمانن جي پهرين قبلي ۽ انتهائي عظمت ۽ مقدس مقام بيت المقدس تي انهن جو قبضو آهي، فلسطين کي مسلمانن کان خالي ڪرڻ ۽ اتي يهودي آبادڪاري ڪرڻ جو منصوبو به انهن جو ئي بڻايل آهي. اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي حقيقي دشمن سان آشنا ڪري ٿو.

 

 

 

يوم القدس ۽ اسلامي وحدت

 

وحدت ۽ ايڪي جي اهميت کان هر ڪو علقمند انسان با خبر آهي، سڀني جي مڃتا آهي ته ڪو به دين، فڪر ۽ نظريو پنهنجي پيروڪارن جي ايڪي کانسواءِ دنيا جي پنهنجي حيثيت نٿو مڃرائي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن به مڪتب جا مڃڻ وارا ڇڙوڇڙ ۽ هڪٻئي خلاف برسرپيڪار هوندا ته ٻاهريان ماڻهو ان مڪتب تي ڌيان نه ڏيندا.

 

هونهن ته دلين کي ڳنڍڻ ۽ سينن کي محبت سان ڀرڻ پالڻهار جو ئي ڪم آهي، جيڪو ڪنهن به بشر جي وس جي ڳالھ نه آهي. جئين ته ڌڻي سڳوري جو پنهنجي معجزاتي ڪلام ۾ ارشاد آهي: وَ أَلَّفَ‏ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ لَوْ أَنْفَقْتَ ما فِي الْأَرْضِ جَميعاً ما أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَ لكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ‏ بَيْنَهُمْ إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ؛ [6] ۽ انهيءَ انهن (مسلمانن) جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا ڪئي جو جيڪڏهن جيڪي زمين آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته تڏهين به انهن جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا نه ڪري سگهين ها. پر اهو خدا ئي هو جنهن پاڻ ۾ الفت پيدا ڪئي. بيشڪ اهو زبردست حڪمت وارو آهي.

 

پر وري به انسان کي پنهنجي طرفان ان جا مقدمه فراهم ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ۽ سستي نه ڪرڻ گهرجي. رڳو اهو چئي ڪري ته اهو خدائي ڪم آهي اسان پنهنجي ذميواري کان آجا نٿا ٿي سگهون.  رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن مسلمانن جي هڪٻئي تي ان حق جي حوالي سان فرمائن ٿا: ایاکم و الظن؛فان الظن اکذب الحدیث،و لا تحسسوا و لا تجسسواو لا تناجشوا و لا تحاسدوا و لا تدابروا و لا تباغضوا‌،و کونوا‌ عباد اللّه اخوانا،و لا‌ یحل‌ لمسلم ان یهجر اخاه فوق ثلاثة ایام[7]؛

 

 هڪٻئي لاءِ بدگماني کان پاسو ڪريو، ڇو جو بدگماني سڀني کان وڌيڪ ڪوڙي ڳالھ آهي، برو نه سوچيو، جاسوسي نه ڪريو، هڪٻئي سان ساڙ نه ڪريو، هڪٻئي کي پٺ نه ڏيو، الله جا ٻانهو ڀائر ٿي رهو، ڪنهن مسلمان لاءِ جائز نه آهي ته پنهنجي ڀاءُ کان ٽي ڏينهن ڪاوڙيل ڪري.

 

انهيءَ ڀائپي ۽ برادري جو لازمو اهو ئي آهي ته هڪ مسلمان ٻئي جي ڏک ۽ پريشاني کي پنهنجو ڏک ۽ پريشاني سمجهي. ان جو احساس ڪري ان جي حل لاءِ عملي جاکوڙ ڪري. يوم القدس ان وحدت ۽ ايڪي جي عظيم مظاهرو آهي جنهن ۾ مسلمان پنهنجي رنگ، نسل، علائقي، زبان، زميني سرحدن کي اڻ ڏٺو ڪري رڳو ديني ڀائپي ۽ ايماني رشتي جي بنياد تي فلسطيني مظلوم مسلمان ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ روزي جي حالت ۾ روڊن تي اچي ڪري ان عظيم ظلم، ناجائز قبضي، فلسطيني رهواسين کي سندن سرزمين مان جلاوطن ڪرڻ جي ظلم خلاف آواز اٿاريندا آهن ۽ پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا آهن.

 

 

 

يوم القدس ۽ مظلومن جي حمايت

 

اسلام، سلامتي، پيار، محبت ۽ امن جو دين آهي. اسلام لفظ جي معني ئي سلامتي ۽ تسليم آهي، اهو ئي سبب آهي جو رسول ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليه و آله و سلم جن مسلمان جي تعريف ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان مسلمان امان ۾ هجن. قَالَ رَسُولُ اللَّهِ (ص): الْمُسْلِمُ‏ مَنْ‏ سَلِمَ الْمُسْلِمُونَ مِنْ يَدِهِ وَ لِسَانِهِ‏ [8]،

 

مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان مسلمان امان ۾ هجن. مسلمان ڪڏهن به ٻئي مسلمان لاءِ برو نه گهرندو، جيڪڏهن ٻئي کي فائدو نه پهچائي ته گهٽ ۾ گهٽ نقصان ته هر گز نه رسائيندس.

 

نه رڳو ايترو ته ڪير مسلمان پاڻ ڪنهن ٻئي تي ظلم نه ڪري بلڪ ٻين کي به مسلمان تي ظلم ڪرڻ کان روڪي. هر مسلمان جي اها ذميواري آهي ته هو پنهنجي مظلوم ڀاءُ جو دفاع ڪري، جيڪڏهن ظلم ڪرڻ وارو مسلمان هجي تڏهن به اسلام جي تعليم اها آهي ته ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ ٻين مسلمانن کي ثالثي جو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي جو انهن ۾ رڳو صلح صفائي ڪرائي ڇڏين ڀلي کڻي ان سان ڪنهن ڌر کي نقصان رسي بلڪ ٻين کي گهرجي ته مظلوم جو ساٿ ڏين ۽ ظالم خلاف مظلوم جا ساٿي بڻجي وڃن. پالڻهار جو ارشاد آهي: وَ إِنْ طائِفَتانِ مِنَ الْمُؤْمِنينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُما فَإِنْ بَغَتْ إِحْداهُما عَلَى الْأُخْرى‏ فَقاتِلُوا الَّتي‏ تَبْغي‏ حَتَّى تَفي‏ءَ إِلى‏ أَمْرِ اللَّهِ فَإِنْ فاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُما بِالْعَدْلِ وَ أَقْسِطُوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطين‏[9]۽ جيڪڏهن مومنن مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي (ڌر) ٻيءَ تي زيادتي ڪري ته جيڪا ڌر زيادتي ڪري ٿي تنهن سان اوهين (به) وڙهو جيستائين (اها ڌر) خدا جي حڪم ڏي موٽي اچي. پوءِ جڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف کان ڪم وٺو. بيشڪ خدا انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکي ٿو.

 

مطلب ته صلح جو حڪ تڏهن ئي آهي جڏهن زيادتي ڪرڻ وارو پنهنجي زيادتي کي تسليم ڪري پر جيڪڏهن هو پنهنجي ڏاڍ تي زور ڀري ته ٻين مسلمانن جي ذميواري اها ئي آهي ته ثالث نه بلڪ ظالم خلاف مظلوم جي ڌر بڻجن.

 

اهو سڀ ته تڏهن هو جڏهن مسئلو مسلمانن جو پاڻ ۾ هجي پر جيڪڏهن ڪو غير مسلمان اچي ڪنهن تي مسلمان تي ظلم ڪري ته اتي سڀني مسلمانن جي ذميواري اها ئي هوندي ته سڀ ملي ڪري ان مسلمان جو دفاع ڪن.

 

 

 

يوم القدس ۽ زباني جهاد

 

بنيادي طور تي اسلام صلح، صفائي ۽ امن امان جو دين آهي پر جيڪڏهن اسلام يا مسلمانن تي ظلم ٿئي ته دين عقل جيان اتي پنهنجي دفاع جو حڪم ڏنو آهي، عام طور تي پيغمبر اسلام صلي الله عليه و آله و سلم جن جي دور ۾ دفاعي جهاد ئي نظر اچي ٿو. جهاد ابتدائي جو مصداق شايد نادر ئي هجي پر جيڪڏهن ڪجي ته به اتي معصوم رهبر جي اجازت لازم آهي. البت اسلام جهاد جا درجا بيان آهن، جن مان پهريون درجو جهاد اصغر جو آهي جيڪو نفساني خواهشات خلاف اندروني دشمن نفس سان جهاد آهي. ان کان پوءِ عملي ميدان ۾ جهاد بالسيف کان اڳ جهاد بالقلم يا جهاد باللسان آهن، مطلب ته مرڻ مارڻ کان اڳ هدايت جو پيغام عام ڪجي زبان ۽ قلم سان هدايت کي واضح ڪري شڪ شبهن کا مٽائجي جنهن کان پوءِ سڀني تي حجت تمام ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن ان کان پوءِ به ڪو حق خلاف بغاوت ڪري ته اتي تلوار سان جهاد ڪجي. قرآن پاڪ جهاد نه ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان جي نقصان کي بيان ڪندي ارشاد ٿو فرمائي:

 

وَ ما لَكُمْ لا تُقاتِلُونَ في‏ سَبيلِ اللَّهِ وَ الْمُسْتَضْعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَ النِّساءِ وَ الْوِلْدانِ الَّذينَ يَقُولُونَ رَبَّنا أَخْرِجْنا مِنْ هذِهِ الْقَرْيَةِ الظَّالِمِ‏ أَهْلُها وَ اجْعَلْ لَنا مِنْ لَدُنْكَ وَلِيًّا وَ اجْعَلْ لَنا مِنْ لَدُنْكَ نَصيراً [10]؛ (۽ اي مسلمانو!) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو خدا جي راھ ۾ انهن ضعيف بيوس مردن ۽ عورتن ۽ ٻارڙن (کي ڪافرن جي پنجي مان ڇڏائڻ) لاءِ جهاد نه ٿا ڪريو جي (ويچارا لاچاري جي حالت ۾) خدا کان دعائون گهري رهيا آهن ته: اي اسان جا پالڻهار! ڪنهن طرح به هن ڳوٺ (مڪي) مان جنهن جا رهاڪو ڏاڍا ظالم آهن اسان کي ڪڍ. پنهنجي طرفان ڪنهن کي اسان جو سرپرست بڻاءِ ۽ تون خود ئي ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جو مددگار مقرر ڪر.

 

اڄ جيڪڏهن اسان تلوار سان جهاد نٿا ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ زبان سان ته جهاد ڪري ٿا سگهون.  ظلم کي برملا ڪري ظالم کي بي نقاب ڪري رسوا ته ڪري ٿا سگهون.

 

امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: جاهِدوا في سبيلِ اللّه ِ بأيْديكُم، فإنْ لَم تَقْدِروا فجاهِدوا بألسِنَتِكُم ، فإنْ لَم تَقْدِروا فجاهِدوا بقُلوبِكُم  .[11]

 

الله جي راھ ۾ پنهنجي جهاد هٿن سان جهاد ڪريو، جيڪڏهن اهو نه ڪري سگهو ته پنهنجي زبان سان جهاد ڪريو جيڪڏهن اهو به نه ڪري سگهو ته پنهنجي دلين سان ڪريو.

 

ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته زبان سان جهاد، مسلمان جي ذميوارين جو حصو آهي. يوم القدس ان جو هڪ مصداق آهي. قدس واري ڏينهن مسلمان روڊ تي نڪري ڪري اسلام خلاف سازشون ڪندڙ يهودي دشمنن خلاف احتجاج ڪري زباني جهاد ڪندا آهن.

 

آخر ۾ دعا آهي ته الله سائين تمام سگهو ئي بيت المقدس کي ناپاڪ يهودين کان آزاد فرمائي ته جئين مسلمان پنهنجي عظيم ميراث جا ٻيهر مالڪ ٿي سگهن.

 



[1] سورت اعراف، آيت 34.

[2] سورت اسراءَ، آيت1.

[3] سورت ابراهيم، آيت5.

[4] تفسير نور الثقلين جلد 2 صفحه 526.

[5] مائده، آيت82.

[6] سورت انفال، آيت63.

[7] اصول کافي، ج2، ص244؛ التاج الجامع اللاصول، ج5، ص29.

[8] من لايحضره الفقيه، ج 4، ص 362

[9] سورت حجرات، آيت9.

[10] سورت نساءَ، آيت75.

[11] بحار الانوار، 23، 49، 100.

 

يادواره شهداي دانشجو با نام «عود تا موعود» به همت بسيج دانشجويي دانشگاه پيام نور مهريز از ساعت 15 امروز به مدت سه روز برگزار مي شود

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top