ظهور جون حتمي علامتون

تحرير: نظير احمد بهشتي (چانڊيو)

مهاڳ:

سڀن آسماني اديان جو گڏيل عقيدو آهي ته قيامت کان اڳ هڪ اهڙي شخص جو ظهور ٿيندو جيڪو دنيا ۾ عدل ۽ انصاف واري حڪومت قائم ڪندو. جنهن وقت دنيا ظلم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان ڀرجي ويندي ته ان وقت اها هستي اچي ڪري هن دنيا ۾ عدالت ۽ انصاف جو بول بالا ڪندي. البته مصاديق ۾ اختلاف آهي ته ان جو نالو ڇا هوندو، ان جون علامتون ۽ نشانيون ڪهڙيون هونديون. دين اسلام ۾ خاص ڪري مذهب جعفريه ۾ ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ کانئس پوءِ ايندڙ جانشينن جي زباني ان نجات ڏياريندڙ جو سهڻي نموني تعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ان بابت سڀني ننڍين وڏين ڳالهين کي بيان ڪيو ويو آهي. هر ماڻهو، ٽولو، ثقافت ۽ معاشرو ان شخصيت کي ذهن ۾ رکندي پنهنجي ذميداري کان آگاهه ٿي پنهنجي عمل کي پرکي سگهي ٿو.  الله ۽ سندس رسول جي ان عظيم وعدي ڏانهن نهاريندي اسلامي مذهبن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ان گڏيل موضوع تي گفتگو لاءِ ماحول سازگار بڻائي سگهجي ٿو ۽ مسلمانن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو ڇو جو امام مهدي سان لاڳاپيل ڪيترا ئي موضوع سڀني اسلامي مذهبن ۾ مشترڪ آهن.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته مسلمانن جي اتحاد سان جن ماڻهن جا شيطاني مفادات خطري ۾ پون ٿا اهي هميشهه مسلمانن ۾ تفرقو پيدا ڪرڻ جي  چڪر ۾ رهيا آهن ۽ ائين ظاهر ڪندا آهن ته شيعن وٽ جيڪو مهدويت جو عقيدو آهي ان جي ڪا ڳالهه به اهل سنت سان نه ٿي ملي. صرف مهدي نالي ۾ شيعه سني ٻنهي جو عقيدو ساڳيو آهي. تڪفيري ۽ وهابي ٽولو اها فڪر ڦهلائڻ ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي بر عڪس آهي. هڪ ته انهن ماڻهن شيعه توڙي سني  ڪتابن جون روايتون پڙهيون ئي ناهن. ڇو جو اگر ٿورڙي به ڪتابن تي نظر وجهن ها ته کين پتو پئجي وڃي ها ته شيعه توڙي سني مهدويت جي عقيدي ۾ ڪيتري قدر هڪٻئي سان ويجهڙائپ رکن ٿا..

ظهور جي علامتن مان ڇا مراد آهي؟

لغت ۾ علامت جي معني نشاني آهي. تنهن ڪري ظهور جي علامتن مان مراد اهي نشانيون آهن جيڪي ظهور جي نزديڪ هجڻ کي بيان ڪن. جڏهن اسان ظهور جي علامتن جي حقيقت کي سمجهي ويندا سين ته معلوم ٿيندو ته انهن نشانين ۽ علامتن جو ظهور سان سببي ڳانڍاپو ناهي. يعني ائين ناهي جو خالي اهي نشانيون ظاهر ٿيڻ سان اهو چئون ته هاڻي ظهور به يقيني طور ٿيڻ وارو آهي. بلڪه اهي نشانيون ان ڳالهه کي بيان ڪندڙ آهن ته هاڻي ظهور جو وقت ويجهو آهي.

انهن علامتن کي مختلف لحاظن کان ورهائي سگهجي ٿو. انهن جي ورهاست جا ڪجهه نمونا ذڪر ڪريون ٿا مثال طور:

1_ عادي يعني معمولي علامتون ۽ غير معمولي ۽ معجزي جهڙيون علامتون

2_ ظهور بابت آيل روايتن جي روشني ۾  حتمي علامتون ۽ غير حتمي علامتون

3_ زماني جي لحاظ کان ظهور جي قريب واريون علامتون ۽ ظهور جي زماني کان بعيد واريو روايتون.

روايتن جي ظاهر منجهان جيڪا ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچي ٿي اها هي ته علامتون غير حتمي يعني موقوف ۽ حتمي علامتن جي طرف تقسيم ٿين ٿيون.  غير حتمي يا موقوف علامتن مان مراد اهي علامتون آهن جن جو ظهور کان اڳ واقع ٿيڻ يقيني ناهي. ٻين لفظن ۾ ممڪن آهي ته شرائط موجود نه هجڻ يا ڪا رڪاوٽ پيش اچڻ سبب ظهور کان اڳ اهي علامتون ظاهر نه ٿين. ليڪن حتمي علامتو اهي آهن جن جو ظهور کان اڳ ظاهر ٿيڻ حتمي ۽ يقيني آهي. راوايتن جي ذخيري ۾ گهڻيون ئي سياسي ۽ اجتماعي تبديليون، طبيعي ۽ غير طبيعي حادثا ۽ واقعا، ظهور جي نشانين طور ذڪر ٿيا آهن. واضح آهي ته هن مسئلي ۾ ذڪر ٿيل روايتون ٻين مسئلن وانگر، معتبر ۽ صحيح هجڻ جي لحاظ کان هڪجهڙيون نه آهن. انهن روايتن مان ڪجهه سند جي لحاظ کان اعتماد جوڳيون ناهن ۽ ڪجهه وري مضمون ۽ مطالب جي لحاظ کان قابل غور آهن. ان ڪري صرف هڪ روايت کي ڏسي ان جي سند ۽ دلالت جي تحقيق ڪرڻ بغير مٿس اعتماد نه ٿو ڪري سگهجي. انهن علامتن ۾ ڪجهه ظهور جي حتمي ۽ يقيني علامتن طور ذڪر ٿيون آهن. جيڪي 5 پنج آهن.

حتمي علامتن طور ذڪر ٿيل پنج علامتون

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام هڪ معتبر روايت ۾ فرمائن ٿا: خمس علامات قبل قيام القائم: الصيحة والسفياني والخسف و قتل النفس الزکية واليماني...[1]

حضرت امام  علي عليه السلام فرمائن ٿا: من المحتوم الذی لابد منه ان یکون قبل القائم « خروج السفیانی و خسف بالبیداء و قتل النفس زکیه و المنادی من السماء و خروج الیمانی»[2] قائم جي ظهور کان اڳ جيڪي حتمي ۽ يقيني علامتون ظاهر ٿينديون اهي هي آهن: سفياني جو خروج، بيداء جي مقام تي ماڻهن جو زمين ۾ دٻجي وڃڻ، پاڪ انسان جو قتل، آسماني آواز ۽ يماني جو خروج.

1_ سفياني جو خروج

ظهور جي نشانين منجهان هڪ اهم نشاني جيڪا روايتن ۾ چٽي ريت بيان ٿي آهي سفياني جو خروج آهي. حضرت امام مهدي عليه السلام جي ظهور کان اڳ ابو سفيان جي نسل منجهان هڪ مرد شام مان ظاهر ٿيندو ۽ اسلامي سرزمين جي ڪجهه حصن تي قبضي کان پوءِ شيعن کي هٿ ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ لاءِ انعام مقرر ڪندو.[3]

۽ دينداري جي لباس ۾ مسلمانن جي گهڻي تعداد کي ڌوڪو ڏيئي پنهنجي لشڪر ۾ شامل ڪندو ۽ اسلامي سرزمين جو وسيع حصو پنهنجي قبضي ۾ آڻيندو ۽ ڪجهه علائقن جيئن شام، حمص، فلسطين. اردن، حلب جي نزديڪي شهر  قنسرين ۽ عراق جي ڪجهه حصي تي قبضو ڪندو. ۽ ڪوفي ۽ نجف ۾ شيعان حيدر ڪرار جو قتلام ڪندو ۽ انهن جي قتل يا انهن کي پڪڙي اچڻ لاءِ انعام معين ڪندو. جڏهن کيس امام جي ظهور جي خبر پوندي ته وڏو لشڪر وٺي امام سان جنگ لاءِ ويندو. مڪي ۽ مديني جي وچ واري مقام بيداء تي امام جي لشڪر سان آمهون سامهون ٿيندو ۽ الله جي حڪم سان ڪجهه کي ڇڏي ان جا باقي سڀ ماڻهو زمين ۾ دٻجي مرندا.[4]

ظهور جي ٻين نشانين ۽ علامتن جي ڀيٽ ۾ ان علامت بابت گهڻيون ۽ متواتر روايتون موجود آهن. [5] جيڪا پراڻن ۽ اصلي شيعه ڪتابن توڙي سني ڪتابن ۾ ذڪر ٿي آهي. سفياني بابت ڪيترائي سوال آهن جيئن سفياني ڪير آهي؟ سندس شخصيت منفي آهي يا مثبت؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي قيام ڪندو؟ ان جا مقاصد ڇا هوندا؟ ان جي قيام ۽ امام جي ظهور ۾ ڪيترو فاصلو هوندو؟ وغيرهه...

سفياني واري موضوع جي اهميت تي هيٺيان دليل پيش ڪري سگهجن ٿا

1 روايتن ۾ سفياني جي خروج کي حتمي علامتن منجهان ڳڻيو ويو آهي.

2 سفياني جي قيام جو هڪ بنيادي مقصد شيعن جي رهائشي علائقن تي حملو ۽ کين قتلام ڪرڻ هوندو. ڇو جو ان جو سنئون سڌو تعلق مذهب شيعه سان آهي. تنهن ڪري سفياني بابت مختلف رخن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ  ضروري آهي.

سفياني جو نالو

متعدد روايتن ۾ سفياني ۽ ان سان لاڳاپيل حادثن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سفياني ڏانهن اشاري لاءِ گهڻي قدر ٻن اصطلاحن کي ڪتب آندو ويو آهي. هڪ سفياني[6] ٻئي ابن آکلة الاکباد[7] (جگر چٻاڙيندڙ عورت جو پٽ) انهن منجهان به ٻئين اصطلاح گهٽ استعمال ٿي آهي. بغير ڪنهن شڪ جي ان اصطلاح ۾ شخص جو حقيقي نالو مطلوب نه آهي بلڪه سندس نسب ڏانهن اشاروآهي. پهرئين اصطلاح به شخص جي حقيقي نالي کي بيان نه ٿي ڪري. ڇو جو  هڪ ته سفيان جي آخر ۾ ياء نسبت جي واڌاري سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو ابو سفيان جي خاندان مان هوندو.  ٻيو اهو ته ڪجهه روايتن ۾ امام معصوم کان سفياني جو نالو پڇيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي روايتون سند جي لحاظ کان قوي نه آهن پر معلوم ٿئي ٿو ته راوي جي نظر ۾ به سفياني نالو نه آهي بلڪه ان جو نالو ڪو ٻيو آهي. اسان جي امامن وٽان سفياني جي نالي بابت ٽي روايتون پهتيون آهن. هڪ روايت ۾ سندس نالو حرب ٻئي روايت ۾ عنبسه ۽ ٽئين روايت ۾ سندس نالو عثمان ذڪر ٿيو آهي. جيئن امام علي ع فرمايو: يخرج ابن آکلة الاکباد من الوادي اليابس...اسمه عثمان و ابوه عنبسة،[8] جگر کائيندڙ عورت جو پٽ خشڪ زمين تان قيام ڪندو... جيڪو عنبسه جو پٽ هوندو ۽ سندس نالو عثمان هوندو.

پر هڪ پاسي انهن روايتن جي ضعيف هجڻ ۽ انهن جي تائيد نه ٿيڻ ۽ ٻئي پاسي انهن روايتن جي هڪٻئي سان ٽڪراءُ سبب انهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نتيجي ۾ اسان يقيني طور تي سفياني جي نالي بابت ڪا راءِ قائم نه ٿا ڪري سگهون.

سفياني جو بڻ ۽ نسب

روايتن ۾ چئن صورتن ۾ سفياني جي نسب بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي جيڪي ظاهري لحاظ سان هڪٻئي کان مختلف آهن. ڪجهه ۾ چيو ويو آهي سفياني قريش مان آهي ڪجهه ٻين ۾ چيو ويو آهي سفياني بني اميه منجهان آهي. ڪجهه ۾ چيو ويو آهي ابو سفيان جي نسل مان آهي ۽ ڪجهه ۾ کيس جگر کائيندڙ عورت جو اولاد ڪوٺيو ويو آهي. حقيقت اها آهي ته اهي لفظ ظاهري طور هڪٻئي کان مختلف آهن پر سڀئي هڪ معني پهچائي رهيا آهن. ڇو جو ابو سفيان پاڻ بني اميه منجهان آهي ۽ قريش آهي ۽ جگر کائيندڙ عورت ابو سفيان جي گهر واري آهي. تنهن ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سفياني ابو سفيان جي نسل منجهان آهي.

سفياني جو دين

سفياني جو دين بيان ڪندڙ روايتون ٽن قسمن تي مشتمل آهن

ڪجهه اهو بيان ڪن ٿيون ته سفياني عيسائي هوندو.

امام علي ع ان بابت فرمائن ٿا: ..و خروج السفياني براية خضراء و صليب من ذهب،[9] سفياني سائو جهنڊو ۽ سونو صليب کڻي قيام ڪندو.

ڪجهه روايتن ۾ آهي ته سفياني ابتدا ۾ مسلمان هوندو ليڪن پوءِ عيسائيت ڏانهن لاڙو ڪندو.

ڪجهه روايتن ۾ سفياني جي مسلمان هجڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.

انهن روايتن کي جمع به ڪري سگهجي ٿو اهو هن ريت ته سفياني ابتدا ۾ مسلمان هوندو پر جڏهن امام مهدي جي تحريڪ يا قيام جو ٻڌندو ته ان جي مقابلي ۾ مغربي طاقتن جي حمايت ڪندو جيڪي امام جي مقابلي ۾ هونديون. ٻين لفظن ۾ امام جي مقابلي ۾ اچڻ وقت عيسائيت ڏانهن راغب هوندو. بهرحال ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ تحقيق ۽ تلاش جي ضرورت آهي

2_ بيداء ۾ غرق ٿيڻ:

خسف بيداء يعني سرزمين بيداء جو لشڪر کي ڳهي وڃڻ وارو حادثو به ظهور جي حتمي علامتن منجهان ڳڻيو ويو آهي بيداء مڪي ۽ مديني جي وچ تي هڪ سرزمين آهي. جڏهن سفياني کي خبر پوندي ته امام مهدي عليه السلام جو ظهور ٿيو آهي ته مڪي ۽ مديني ڏانهن وڏي فوج موڪليندو ۽ اها فوج جيئن ئي بيداء جي سرزمين تي پهچندي. الله سائين جي حڪم سان انهن کي زمين ڳهي ڇڏيندي ۽ اهي هلاڪ ٿي ويندا.[10]

خسف بيداء جو زمانو

البته خسف بيداء بابت به ٽن قسمن جون روايتون موجود آهن ڪجهه ۾ آهي ته خسف بيداء وارو حادثو ظهور کان اڳ پيش ايندو. ڪجهه ٻين ۾ آهي ته ظهور سان گڏ اهو حادثو پيش ايندو جڏهن ته ڪجهه روايتون بيان ڪن ٿيون ته اهو حادثو ظهور کان پوءِ پيش ايندو. ڇو جو جيئن ئي سفياني امام مهدي جي ظهور جو ٻڌندو ته پنهنجو لشڪر ان سان مقابلي لاءِ موڪليندو جيڪو الله جي حڪم سان بيداء جي مقام تي غرق ٿيندو.

3_ يماني جو خروج:

يمن جو هڪ سيد قيام ڪندو ۽ ماڻهن کي حق ۽ عدالت ڏانهن سڏيندو. يماني سيد جي نالي بابت معصومن وٽان اسان تائين ڪا حديث نه پهتي آهي. ان جو نالو ذڪر نه ڪرڻ جو هڪ سبب احتمالي خطرن کان سندس جان جي حفاظت ٿي سگهي ٿو. ته جيئن اهو سيد معين ٿيل وقت تي پنهنجي ذميواري کي سهڻي نموني انجام ڏيئي سگهي. ليڪن غير معصوم جي ڪلام  ۽ اهل سنت جي ڪتابن ۾ ان سيد جي نالي ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. جيئن علامه مجلسي مشارق الانوار برسي  جي حوالي سان، ڪعب بن حارث کان، سطيح ڪاهن کان هن ريت روايت نقل ڪئي آهي:  ...ثُمَّ يَخرُجُ مِن صَنعاءِ اليَمَنِ اَبيَضُ کَالقُطنِ اسمُه حُسَين او حَسَن فَيُذهَبُ بِخُروجِهِ غَمرُ الفِتَنِ فَهُنَاکَ يَظهَرُ مُبَارَکاً زَکِيّاً و هَادِياً مهديّاً... پوءِ يمن جي شهر صنعا کان حسن يا حسين جي نالي سان ڪپهه جهڙو اڇو ماڻهو قيام ڪندو ۽ ان جي قيام سان فتنن جون سختيون ختم ٿينديون. ان مهل هڪ برڪت ڀرئي، نيڪ، هدايت يافته ۽ هدايت ڪندڙ شخص جو ظهور ٿيندو.[11]

ظاهر آهي ته مٿئين روايت ڪنهن معصوم وٽان نه آئي آهي تنهن ڪري ان تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي.

يماني جي قيام جو زمانو به يقيني طور نه ٿو ٻڌائي سگهجي. البته روايتن مان ايترو سمجهه ۾ اچي ٿو ته يماني جو قيام سفياني جي قيام سان گڏيل هوندو.

امام صادق عليه السلام فرمايو: ٽي قيام، سفياني جو، يماني جو ۽ خراساني جو هڪ سال، هڪ مهيني ۽ هڪ ئي ڏينهن تي شروع ٿيندا ۽ ڪو به پرچم يماني جي پرچم جيتري حق ۽ هدايت جي دعوت نه ڏيندو ۽ اهو پڻ فرمايائون ته يماني جو قيام حتمي علامتن منجهان آهي.[12]

مختصر اهو ته يماني جو خروج ظهور جي علامتن ۽ نشانين منجهان آهي. ان مسئلي تي روايتن ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي پر مقالي جي مختصر هجڻ کي مد نظر رکندي اسان اتي اڪتفا ڪريون ٿا.

4_ پاڪ ۽ بيگناهه انسان جو قتل:

حضرت امام مهدي عليه السلام جي ظهور جي ويجهو امام حسن عليه السلام جي اولاد منجهان مولا جي انقلاب جون راهون هموار ڪندڙ هڪ نيڪ ۽ مخلص سيد جنهن نه ڪنهن کي قتل ڪيو هوندو نه ڪو گناهه انجام ڏنو هوندو کي مسجد الحرام ۾ بيگناهه قتل ڪيو ويندو. روايتن ۾ کيس ڪڏهن نفس زڪيه ۽ ڪڏهن وري حسني سيد جي عنوان سان ياد ڪيو ويو آهي. امام محمد باقر ع فرمايو: حضرت مهدي ع جي ظهور ۽ نفس زڪيه جي قتل جي وچ ۾ 15 ڏينهن کان وڌيڪ فاصلو نه هوندو.[13]

5_ آسماني آواز:

يعني اهو آواز جيڪو حضرت امام مهدي عليه السلام جي ظهور وقت آسمان مان ٻڌجڻ ۾ ايندو ۽ سڀ ماڻهو اهو آواز ٻڌندا. ان آسماني آاواز ذريعي حضرت امام مهدي عليه السلام ۽ حق ڏانهن وڃڻ جي دعوت ڏني ويندي. روايتن ۾ ان آسماني آواز لاءِ نداء، صوت ۽ فزعه جا لفظ به استعمال ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن منجهان هر هڪ ظهور لاءِ الڳ نشاني آهي پر لڳي ٿو ته اهي سڀ هڪ حقيقت کي بيان ڪندڙ لفظ آهن ۽ اهو به ممڪن آهي ته ٽن الڳ حادثن بابت خبر ڏني وئي هجي جو پهريان لرزائيندڙ آواز (صيحه) اچي جيڪو سڀني کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ۽ ان جي پويان هڪ ڊيڄاريندڙ ۽ ڀوائتو آواز اچي جيڪو ماڻهن جون دليون لرزائي ڇڏي. ان وقت آسمان مان صدا (نداء) اچي جنهن ۾ ماڻهن کي حضرت مهدي عجل الله فرجه الشريف ڏانهن سڏيو وڃي. ان بابت اهل سنت ۽ شيعه کان گهڻيون روايتون بيان ٿيون آهن.

امام محمد باقر عليه السلام فرمائن ٿا: آسمان مان هڪ پڪارڻ وارو اسان جي قائم جو نالو وٺي پڪاريندو پوءِ اولهه توڙي اوڀر ۾ موجود هر شخص اهو آواز ٻڌندو ۽ ان پڪار جي ڀوائتي هجڻ سبب ستل جاڳي پوندا، بيٺل ويهي رهندا ۽ ويٺل اٿي بيهندا، الله جي رحمت وسي ان مٿان جيڪو ان پڪار مان عبرت حاصل ڪري ۽ ان آواز تي لبيڪ چئي. ان لاءِ جو پهرئين ندا جبرائيل روح الامين جي آواز ۾ هوندي ۽ پوءِ مولا فرمايو: اهو آواز 23 رمضان جمعي جي رات ايندو، ان ۾ ڪو به شڪ نه ڪجو ۽ فرمان وٺجو، ڏينهن جي آخر ۾ شيطان فرياد ڪندو ته فلاڻو بيگناهه قتل ڪيو ويو ته جيئن ماڻهن کي شڪ ۾ وجهي ۽ ڌوڪو ڏئي.

۽ امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: ڏينهن جي شروعات ۾ هڪ پڪارڻ وارو آسمان مان ندا ڏيندو ته: ڄاڻي وٺو ته حق علي ۽ ان جي شيعن سان گڏ آهي. ان کان پوءِ ڏينهن جي آخر ۾ شيطان مٿس خدا جي لعنت هجي ايندو ۽ ٻيو نالو وٺي چوندو حق ان سان ۽ سندس پيروڪارن سان آهي. ان مهل باطل ڏانهن مائل ماڻهو شڪ ۾ پئجي ويندا ۽ جڏهن هڪ پڪارڻ وارو آسمان مان پڪاريندو ته: حق محمد جي اولاد سان گڏ آهي. ان وقت مهدي جو ظهور هر زبان جو ورد بڻجي ويندو اهڙي ريت جو ان کان علاوهه ڪنهن ٻئي کي ياد نه ڪندا.[14]

 



[1] الڪافي، ج 8، ص 310

[2]  کتاب ارشاد شيخ مفيد

[3] بحار الانوار، ج 52، ص 182

[4] ڪمال الدين، ص 651 ۽ بحار الانوار، ج 52، ص 215 ۽ ڪنز العمال، ج 14، 272، تاريخ غيبت ڪبرا، ص 518 کان 520

[5] منتخب الاثر، ج 3، ص 88

[6] معجم احاديث الامام المهدي عجل الله فرجه ج 3، ص 88،89،90،274،277 ۽...

[7] الغيبة، باب 18، ص 317، ح 17

[8] ڪمال ادين و تمام النعمة، باب 57، ص 651، ح 3

[9] عقد الدرر، باب 4، فصل 2، ص 73، الغيبة، باب 18، ص 318، ح 18

[10] مراصد الاطلاع، ج1، ص239؛ وافی، ج2، ص 442؛ مسائل العشره چاپ شده در مجموع مصنفات شيخ مفيد، ج 3، ص 122 و غيبت نعماني، ص 252، منتخب الاثر، ص 459؛ کتاب الغيبه نعماني ص 252، تاريخ غيبت ڪبرا ص 499 ـ 520.

[11] بحار الانوار، ج 51، ص 162

[12] تاريخ غيبت ڪبرا، ص 525، کتاب غيبت  نعماني 252.

[13] منتخب الاثر، 459، تاريخ الغيبه الکبری، ص 511؛ الارشاد، ج2، ص374؛ اعلام الوری، ص 427.

[14] ]تاريخ ما بعد الظهور/176 ـ کشف الغمه ج3،  ص 260 ، وافي، ج 2، ص 445 ـ 446، کتاب الغيبه، شيخ طوسي، ص 435 و454 و453 ارشاد، ج2، ص 371؛ کمال الدين / 651 بحار الانوار، ج52، ص204-288-290؛ منتخب الاثر، ص 459، غيبت نعماني/254.

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top