بسم الله الرحمن الرحيم

حضرت حبيب ابن مظاهر ( ڪربلا جو پيرسن مرد مجاهد) 

 

ليکڪ : سيد احمد علي نقوي

امام حسين عليه السلام جي تحريڪ ۾ هر عمر جا ماڻهو شريڪ هئا ، کير پياڪ ٻارن کان وٺي پيرسن ۽ ٻڍڙن مجاهدن تائين ، سيد الشهداء عليه السلام جي عاشقن اهڙي ته فداڪاري جو مظاهرو ڪيو جو هر انسان لاءِ سندن  قرباني نموني عمل بڻجي وئي .

جنهن مرد مجاهد جو اسان ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا اهو پير مرد حضرت حبيب ابن مظاهر آهي ، جنهن کي رسول اڪرم ص جي صحابي هجڻ جو به شرف حاصل آهي ۽ امام المتقين جي وفادار ۽ پيروڪار هجڻ جو به اعزاز حاصل آهي.

نالو ۽ نسب

حبيب ابن مظاهر يا ( مُظهر) بن رئاب ابن اشتر بن حجوان بن قفعس بن طريف بن عمرو بن قيس بن حارث بن ثعلبه بن دودان بن اسد اسدي ڪندي فقعسي [1]

قديمي منابع ۾ والد جو نالو مُظاهر [2]ڪٿي مُظهَّر[3] ڪٿي  ڪٿي مطهّر ذڪر ڪيو ويو آهي ،  مامقاني[4] جيئن زيارتن ۾ نالو مشهور آهي مُظاهر کي درست قرار ڏنو آهي . پر سيد محسن امين تاريخي ڪتابن تي اعتماد ڪندي مظهر کي درست قرار ڏنو آهي [5]

فضائل

رسول خدا ص جي بعثت کان هڪ سال اڳ ۽ هجرت کان چوڏهن سال اڳ بني اسد قبيلي ۾ يمن جي سرزمين تي حضرت حبيب ابن مظاهر اسدي[6] جي ولادت ٿئي ، 9 هجري تي پنهنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گڏ مديني آيا ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون ، ننڍپڻ ۾ ئي  امام حسين بن علي ابن ابيطالب سان دوستي ٿي وئي  ۽ ننڍپڻ ۾ ئي امام حسين جو وڏو احترام ڪندا هئا مزي جي ڳالهه ته اها آهي جو سندن ننڍپڻ جا اها ڏينهن هئا  جن ڏينهن ۾ پاڻ سڳورا ڪافرن ۽ مشرڪن کي توحيد جي دعوت ڏئي رهيا هئا، حضرت حبيب جي امتيازن مان هڪ اهو آهي جو سندس جوان ٿيندي ئي ڪافرن ۽ مشرڪن جي وڏيرائپ ختم ٿي ۽ اسلامي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي ، ان سنهري دور ۾ پاڻ سڳورن ص جو هر جنگ ۾ ساٿ ڏنائون . پاڻ سڳورن ص جي بابرڪت وجود مان اهڙو ته فيض حاصل ڪيائين جو تاريخ  اسلام ۾ ان مرد مجاهد جي قرباني ۽ فداڪاري کي هميشا ياد ڪيو وڃي ٿو .

حضرت حبيب هڪ عابد متقي ۽ پارسا انسان هئو ، پوري قرآن جو حافظ هيو[7] ، راتين جي تاريڪين ۾ رب جي عبادت ڪندڙ هئو ، امام حسين عليه السلام حبيب لاءِ فرمايو : حبيب هر رات قرآن جو ختم ڪڍندو آهي ، سندس زندگي نهايت ئي سادي ۽ پاڪ هئي ، جڏهن مولا امام حسين ع جي بيعت ڪيائين ڪجهه خبيثن حبيب کي مال دولت جي لالچ ڏني پر حبيب انهن کي رد ڪندي چيو :فرزند رسول اڪيلو قتل ڪيو وڃي اسان زندا رهون اهو ٿي ئي نٿو سگهي جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته رسول خدا ص کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين [8]

رسول خدا جي زماني ۾

حضرت حبيب پاڻ سڳورن جا صحابي هئا يا نه ان ۾ اختلاف آهي

ابن ڪلبي [9] ۽ ابن حجر عسقلاني [10] پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته حضرت حبيب پاڻ سڳورن جي صحآبين مان آهن

شيخ طوسي[11] کيس اصحاب رسول خدا ۾ نه لکيو آهي بلڪي امام علي ، امام حسن ۽ امام حسين جي اصحابن جي فهرست ۾ لکيو آهي . اهڙي طرح اسد الغابة ، الاستيعاب  به کيس پاڻ سڳورن ص جي صحابين ۾ نه لکيو آهي

مولا علي عليه السلام جي ظاهري خلافت

مولا علي عليه السلام جي ظاهري خلافت واري دور ۾ به حضرت حبيب جنگ جمل هجي يا صفين يا نهروان مولا سان هميشا گڏ رهيا ، ۽ جنگ جمل لاءِ مولا متقيان سان گڏ بصره جا راهي ٿيا ۽ جنگ ختم ٿيندي ئي ڪوفي ۾ رهڻ لڳا ، حضرت حبيب عام سپاهي نه هئا بلڪي مولا جي فوج ۾ مختلف ٽولا ۽ گروپ هئا انهن مان هڪ فوج جو نالو تاريخ ” شرطة الخميس “ لکيو آهي، حضرت حبيب ابن مظاهر ان فوج جا سپه سالار ۽ سردار هئا[12] ، حضرت حبيب جي جنگي مهارت ۽ بصيرت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت ميثم تمار هميشا حبيب ابن مظاهر ۽ رُشيخ هَجَري سان جنگ جي طور طريقن ۽ ايندڙ حڪمت عمليءَ بابت مشورو ڪندا هئا[13] ،

امام حسن جي امامت وارو دور

امام حسن عليه السلام جي امامت واري دور ۾ امام کان اهڙو ته صبر جو درس پرايائون جو مولا سان ايڏا ظلم پنهنجي اکين سان ڏسندي به مولا جي امر جي ڪري سدائين خاموش رهيا بهادري اها ناهي هوندي جو انسان تلوار کڻي ميدان جنگ ۾ اچي بلڪي سن کان وڏي بهادري اها آهي جو انسان زماني جي بهترين انسان تي ظلم ٿيندي ڏسي وري به انسان هادين جي هدايت تي هلي ڪري صبر ۽ سڪوت اختيار ڪري .

 ڪوفين جا خط ۽ حضرت حبيب جو ڪردار

  جڏهن امام حسين عليه السلام يزيد جي بيعت نه ڪئي ۽ مديني کان مڪي ڏانهن هجرت ڪيائون ، ڪوفين امام ڏانهن ڪجهه خط موڪليا ويا جن ۾ اهو لکيل هيو ته مولا اوهان قيام ڪيو اسان اوهان سان گڏ آهيون ، انهن خطن سڀ کان پهريون خط جيڪو لکيو ويو هيو ان خط ۾ چئڻ ڄڻن جون مهرون ۽ دستخط هئا 1 سليمان بن صرد خزاعي 2 مسبب بن نجبه 3 رفاعه بن شدّاد 4 حبيب ابن مظاهر .[14]

امام حسين عليه السلام حضرت مسلم بن عقيل کي ڪوفي پنهنجو سفير ڪري موڪليو ته جيئن اتان جو جائزو وٺي اچن ، حضرت مسلم جي ڪوفي پهچڻ سان ئي حبيب بن مظاهر  ۽ حصرت مسلم بن عوسجه ماڻهن کان لڪي ڪري امام حسين جي بيعت وٺڻ شروع ڪئي ۽ سندن ڪوشش هئي ته ڪو لشڪر تيار ڪري پنهنجي مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿيان ، پر عبيد الله ابن زياد جي مڪاري ۽ ظلم جيڪري حبيب ۽ سندس قبيلي وارا ڪجهه دير لاءِ لڪي ويا ته جيئن ان جي ظلم کان بچي سگهجي ۽ موقعو ملندي ئي مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿجي [15]

محبوب جو سنيهو

امام حسين عليه السلام ڪوفي اچڻ کان پهريان حضرت حبيب نالي هڪ خط لکيو

اي حبيب ! توکي خبر آهي ته مان رسول خدا ص جو ڪير آهيان ان سان منهنجو ڪهڙو رشتو آهي ، تون با اخلاق ۽ هڪ غيرتمند انسان آهين ، اسان جي واٽ ۽ رستي ۾ پنهنجي جان ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجان ، منهنجو نانو رسولخدا صلى الله عليه وآله وسلم  قيامت واري ڏينهن ان جو توکي اجر عنايت ڪندا [16]

ڪربلا جو راهي

مولا جي ان خط کان بعد ۾ حضرت حبيب ابن مظاهر ڪربلا جو راهي ٿيو ، ابن زياد جيڪي به رستا امام حسين عليه السلام جي ڪاروان ڏانهن وڃن سڀ بند ڪري ڇڏيا هئا ، پر حضرت حبيب ابن زياد جي شيطان ڪارندن کان لڪندي راتين جو سفر ڪري نيٺ ست محرم تي ڪاروان حسيني سان وڃي ڪربلا ۾ مليا [17]

حضرت حبيب جي ڪربلا ۾ امام حسين ع جي لشڪر تي نظر پئي ته مولا کان اجازت وٺندي چيائين مولا اجازت ڏيو ته مان ـ قبيله بني اسد “ کي به اوهانجي مدد لاءِ وٺي اچان ، حضرت حبيب قبيلي بني اسد کي راضي ڪيو پر عمر بن سعد کي جيئن خبر پئي انهن کي ڪربلا اچڻ نه ڏنائين [18]

حبيب ابن مظاهر جي جيڪڏهن زندگيءَ تي نظر وجهون ٿا ته سندن زندگي اطاعت اهل بيت ۾ گذري آهي رسول خدا ص جي دور کان وٺي سيد الشهداء عليه السلام جي زماني تائين هميشا سر تسليم خم نظر آيا،

عصر تاسوعا ( نائين محرم )

حبيب ابن مظاهر نائين واري ڏينهن جڏهن عمر ابن سعد جو هڪ شخص خط کڻي آيو ان کي نصيحت ڪندي چيو : انهن ظالمن ڏي وري واپس موٽي نه وڃجانءِ .[19] نائينءَ جي شام جو جڏهن يزيد جي لشڪر مولا حسين ع جي لشڪر تي حملو ڪرڻ ٿي گهريو حضرت حبيب انهن کي روڪيندي چيو توهان کي خبر ناهي توهان ڪنهن سان دشمني ڪئي آهي مولا حسين جا فضائل ۽ صفتون بيان ڪندي انهن کي ان حملي کان روڪيائين [20]

شب عاشور

ڏهه محرم واري رات هلال بن نافع چئي ٿو ته جڏهن اصحاب حسيني کي سائڻ زينب عاليه س جي پريشاني جي خبر پئي ، مولا حشين جي بارگاه ۾ مان ۽ حبيب سڀني صحابين کي آندوسين ، ۽ اتي مولا جي محضر ۾ اهو اعلان ڪيوسين ته خون جي آخري قطري ته اي اسان جا مولا ! اسان توهان سان ۽ توهانجي خاندان سان  گڏ آهيون ۽ توهان جا حامي ۽ مددگار آهيون [21]

روز عاشور

امام حسين عليه السلام جڏهن ڏهين واري ڏينهن خطبو ڏيندي پنهنجو حسب ۽ نسب بيان ڪندي فرمايو ته توهان کي ناني رسول جي  هي حديث ” هذان سيدان شباب اهل الجنة “ هي (حسن ۽ حسين ) جنت جي جوانن جا سردار آهن) وسري وئي آهي  ، توهان ۾ ڪيترا ئي آهن جن ناني رسول کان اها حديث ٻڌي هئي . ايتري ۾ شمر خبيث چيو مان جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه ٻڌم ڄڻ خدا تي شڪ ۽ ترديد جي صروت ۾ عبادت ڪيم ، ايتري ۾ حضرت حبيب شمر ملعون کي جواب ڏيندي فرمايو : تون ته جڏهن الله جي عبادت به شڪ ۽ وسوسي جي صروت ۾ ڪندو آن مان گواهي ڏيان ٿو ته تون سچ چوين ٿو ڇو جو تون کي معصوم جو ڪلام سمجهه ۾ ئي نه ايندو ان ڪري جو تنهجو دل ڪارو ۽ پليت ٿي چڪو آهي ۽ ان تي مهر لڳي وئي آهي [22]

جڏهن ابوثمامه امام حسين کي نماز جو وقت ياد ڏياريو امام فرمايو : انهن يزيدن کي چئو ته جنگ بند ڪن ته جيئن نماز پڙهي سگهون ، ايتري ۾ حصين بن نمير چيو : توهانجي نماز قبول ناهي . حبيب ابن مظاهر کيس جواب ڏيندي فرمايو : الله جي رسول جي خاندان جي نماز قبول ناهي ۽ اي شرابي گڏهه تنهنجي نماز قبول آهي ، حبيب غيظ وغضب ۾ اچي ويو ۽ حصين تي حملو ڪيائين ۽ ان جي گهوڙي جي منهن ۾ تلوار هنيائين ايتري ۾ حصين بن نمير جي لشڪر حصين کي حضرت حبيب کان بچائي ورتو نه ته حصرت حبيب ان کي اتي ئي في النار ڪري ها [23]

حضرت مسلم بن عوسجه جڏهن جنگ ڪندي ڪندي زخمي ٿي زمين تي آيا ، مولا حسين ۽ حبيب ان وٽ آيا امام حسين فرمايو : اي مسلم الله تنهنجي مغفرت ڪري ۽ هن آيت جي تلاوت ڪئي ”فمنهم من قضى نحبه ومنهم من ينتظر وما بدلوا تبديلا “ حبيب سندس ڀرسان اچي ڪري فرمايو : مسلم تنهنجي شهادت منهنجي لاءِ ڏاڍي ناگوار آهي پر مان تون کي جنت جي بشارت ۽ خوشخبري ٿو ڏيان ، مسلم بن عوسجه چيو : الله تون کي ڀلائي جي بشارت ڏي حبيب چيو : اي مسلم اگر منهنجي شهادت جو وقت ويجهو نه هجي ها مان تون کان وصيت پڇا ڪري ان تي عمل ڪيان ها ۽ ان حق کي ادا ڪيان ها . مسلم بن عوسجه مولا حشين ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو : تون کي مان وصيت ٿو ڪيان پنهنجي جان حسين جي راه ۾ قربان ڪجان . حبيب چيو مان تنهنجي ان وصيت تي عمل ڪندس [24]

حضرت حبيب جي رجز خواني

ميدان نبرد ۾ حضرت حبيب هي شعر پڙهيا

انا حبیب و ابی مظاهر                                          فارس هیجاء و حرب تسعر

و انتم عند العدید اکثر                                           و نحن اعلی حجة و اظهر

و انتم عند الوفاء اغدر                                           و نحن اوفی منکم و اصبر [25]

 

مان حبيب آهيان ، منهنجو بابو مظاهر آهي ، مان جنگ جي ميدان ۾ بهادرن وانگي جنگ ڪندو آهيان ، جيتوڻيڪ توهان جو تعداد گهڻو آهي پر مان الله جي حجت جو پيروڪار آهيان ، توهان جيڪو ( الله ۽ ان جي رسول سان واعدو ڪيو هيو ) ان سان خيانت ڪئي آهي ، پر اسان پنهنجي واعدن جي وفا ڪرڻ وارا ۽ صبر ڪرڻ واران مان آهيون .

حضرت حبيب جي شهادت

بديل بن صريم[26] حضرت حبيب تي تلوار سان وارُ ڪيو ، ۽ ايتري ۾ هڪ ٻئي شقي کين نيزو هنيو ، ان کانپوءِ حضرت حبيب گهوڙي تان زمين تي ڪري پيا ، پر زمين تان اٿڻ اڃان چاهن ئي پيا ته حصين بن تميم تلوار سان مٿي تيوار ڪيو ، تميمي گهوڙي تان لهي اڃان سندن سر بدن کان جدا ڪرڻ ٿئي چاهيو ته حصين تميمي کي چيو مان تنهنجو ان جي قتل ڪرڻ ۾ حصيدار آهيان ، ۽ سر مونکي ڏئي ته جيئن مان فوج کي ٻڌائي سگهان ته مان حبيب کي قتل ڪيو آهي باقي ان جي انعام ۾ منهنجي ڪا به لالچ ناهي ، جڏهن ابن زياد انعام ورهائي تون ڀلي ان کان انعام وٺجان ، ان خبيث حضرت حبيب جي سر کي پنهنجي گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٽنگي ڪري ابن زياد وٽ کڻي ويو[27]، ايتري ۾ امام حسين عليه السلام حضرت حبيب جي لاش تي اچي پهتا ، مولا فرمايو : مان قيامت واري ڏهاڙي پنهجو ۽ اصحاب جو حساب وٺندس[28] ۽ مولا هن آيت کي بار بار پڙهي رهيا هئا : انّا لله وانّا اليه راجعون ،[29] ڪجهه روايتن ۾ ائين آيو آهي : مولا حسين فرمايو : حبيب توتي سلام تون هر رات قرآن جو  ختم ڪڍندو هئين [30]، امام زمانه عجل الله فرجه الشريف زيارت ناحيه  مقدسه ۾ فرمائن ٿا : السلام على حبيب بن مظاهر الاسدي اي ! حبيب بن مظاهر تون تي سلام هجي [31]

نبش قبر

حضرت حبيب بن مظاهر جي مزار امام حسين عليه السلام جي ڀڪ سان آهي جڏهن به زوار ڪربلا سيد الشهداء جي زيارت لاءِ ويندا آهن حضرت حبيب جي زيارت به پڙهندا آهن ، ڪجهه ڪتابن ۾ ملي ٿو ته نادر بادشاه حضرت حبيب جي قبر کي روضه سيد الشهداء مان منتقل ڪرڻ ٿئي چاهيو ته ايڏي ته تيز هوا ۽ آنڌي آئي جو سڀ بيهوش ٿي ويا ۽ جيئن نادفر بادشاه کي هوش آيو توبه ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته ان جي قبر ڍڪي ۽ تعمير ڪيو [32]

حضرت حبيب جي زيارت

 (السَّلامُ عَليْكَ أَيُّهَا العَبْدُ الصَّالِحُ المُطِيعُ للهِ وَلِرَسُولِهِ وَلأَمِيرِ المُؤْمِنِينَ وَلِفاطِمَةَ الزَّهْرَاءِ وَالحَسَنِ وَالحُسَيْنِ عَلَيْهِمُ السَّلامُ الغَرِيبُ المُواسِى، أَشْهَدُ أَنَّكَ جَاهَدْتَ فِى سَبِيلِ اللهِ، وَنَصَرْتَ الحُسَيْنَ بْنَ بِنْتِ رَسُولِ اللهِ، وَوَاسَيْتَ بِنَفْسِكَ، وَبَذَلْتَ مُهْجَتَكَ، فَعَلَيْكَ مِنَ اللهِ السَّلامُ التَّامُّ، السَّلامُ عَلَيْكَ أَيُّهَا القَمَرُ الزَّاهِرُ، السَّلامُ عَلَيْكَ يَا حَبِيبَ بنَ مُظاهِرِ الأَسَدِى وَرَحْمَةُ اللهِ وَبَرَكاتُهُ)

والسلام مع الاڪرام

نالو نور محمد ديدَ لههُ ئي نه    

 



[1]    الامين ،الاعيان الشيعه ، ج4، ص553

[2]  ابن جرير ، طبري ، ج5، ص252، 355، 416

[3]  بلاذري، انساب الاشراف ، ج2 ص 462 ، 478، 480

[4]  تنقيح المقال في علم الرجال ، ج17، ص 394،395

[5]  الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ص 553

[6]  رجال جي ڪتابن ۾ حبيب ابن مظاهر فقعسي  جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا  (دانشنامه امام حسين ج6 ، ص 233

[7]  شيخ عباس قمي ، نفس المهموم ، ص 124

[8] الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ص554ا

[9]  سماوي ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص 127

[10]  الاصابة في تمييز الصحابة ، ج 2 ص 142

[11]  رجال الطوسي ، ص 60 ،93، 100

[12]  شيخ مفيد ، الاختصاص ، ص 2، 7

[13]  دانشنامه امام حسين ، ج 6 ، ص233

[14]  سماوي ، محمد بن طاهر ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص56.

[15]  مفيد ، الارشاد ، ص203.

[16]  دربندي ، فاضل ، اسرارالشهادة ، ص390.

[17] امين محسن ، اعيان الشيعه ، ج4 ص554، ابصار العين في انصار الحسين ،م ص 57.

[18]  الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ، ص554

[19]  سماوي ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص130

[20]  بلاذري ، انساب الاشراف ، ج 2 ، ص 484

[21]  موسوعة کلمات الامام الحسين ، ص 407 ، 408

[22] مفيد ، الارشاد ، ص 378

[23]  شيخ عباس قمي ، نفس المهموم ، ص 124

[24]  سيد بن طاووس ، لهوف ، ص133

[25]   کتاب الفتوح، ج5، ص 107/ مقتل الحسین خوارزمی، ج2، ص18/ ابصارالعین، ص105.

[26]  موسوعة کلمات الامام الحسین علیه السلام، ص446، ش 424

[27]  الکامل فی التاریخ، ج2، ص567 .

[28]  تاریخ الامم و الملوک، ج5، ص440/ مقتل الحسین علیه السلام خوارزمی، ج2، ص192/ الکامل فی التاریخ، ج2، ص567/ البدایة و النهایة، ج8، ص198/ بحارالانوار، ج45، ص27/ عوالم، ج17، ص27/ اعیان الشیعه، ج1، ص206/ وقعه الطف، ص231/ موسوعة کلمات الامام الحسین علیه السلام، ص446.

[29]   بقره، آیه 156/ مقتل الحسین مقرم، ص301 .

  [30] موسوعة کلمات الامام الحسین، ص446، ش 424، ص231 .

[31]  اقبال الاعمال ج، 3 ص 78 ص 343

[32]  زندگاني حبيب بن مظاهر : 57، وقايع الأيام از بيرجندي : 38

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top