فهرست

مترجم جو مقدمو

.. 2

مؤلف جو مقدمو.. 3

سوال نمبر1 : سڀ کان پهرين ڪهڙي شخص رسول خدا3 جن جي قبر مبارڪ جي زيارت کان روڪيو؟   4

سوال نمبر2 : ڇا پاڻ سڳورن 3 جن جي قبر مبارڪ کي مس ڪرڻ يا ان جي خاڪ کي تبرڪ طور کڻڻ جائز آهي؟ ۽ ڇا اصحابن منجھان ڪنهن اهڙو ڪم انجام ڏنو.؟. 5

سوال نمبر3 : ڇا مذاهب اربعه جا علماء، اوليائن جي قبرن تان تبرڪ کڻڻ ۽ انهن جي قبرن کي مس ڪرڻ جائز سمجھندا هئا؟. 6

سوال نمبر 4 : اهل سنت جي پنهنجن بزرگن جي قبرن مان تبرڪ حاصل ڪرڻ جو نمونو بيان ڪريو.؟   9

1 رسول خدا4 جا صحابي ۽ حضرت سعد بن معاذ جي قبر ۽ ان جي خاڪ مان تبرڪ: 9

2 عبدالله حداني جي قبر مان تبرڪ: 9

سوال نمبر 5 : ڇا غير خدا کان حاجت طلب ڪرڻ جائز آهي؟. 9

سوال نمبر6 : قبرن جي زيارت جي جائز هجڻ تي ڪهڙي دليل موجود آهي؟   13

سوال نمبر 7 : ( لاتشدالرحال الا الى ثلاثة مساجد) ڇا هيءَ حديث قبرن تي وڃڻ کان روڪي ناهي رهي؟   15

سوال نمبر8 : ڇا هن حديث (لعن الله زائرات القبور) ترجمو:(الله پاڪ زيارت ڪرڻ وارين عورتن تي لعنت ڪئي آهي) جي باوجود به عورتون قبرن تي وڃي سگھن ٿيون.. 18

سوال نمبر9 : ڇا انبياءG ۽ اوليائن جي قبرن جي پاسي ۾ بيهي نماز پڙهڻ يا دعا گھرڻ جائز آهي؟   20

سوال نمبر 10 : ڇا هيءَ حديث ( خدا لعنت ڪري يهودين تي جو انهن پنهنجن وڏن جي قبرن کي مسجد بڻايو. اهڙي طرح هيءَ حديث ( پروردگار منهنجي قبر کي بُت قرار نه ڏجان). رسول خدا4 جي قبرمبارڪ ۽ ٻين جي قبرن جي ڀرسان نماز پڙهڻ يا دعا گھرڻ کان روڪي ناهي رهي؟. 23

سوال نمبر 11 : ڇا شريعت اسلام ۾ قبرن تي گنبذ ۽ ضريح وغيره ٺاهڻ کان روڪيو ويو آهي؟   27

سوال نمبر 12 : ڇا هي حديث( نهى رسول الله4 ان يجصص القبر و ان يعقد عليه وان يبنى عليه) روضه ٺاهڻ کان منع ڪري رهي آهي.؟. 30

سوال نمبر 13 : ڇا قبرن تي چراغ وغيره ٻارڻ شرعي طور تي اعتراض جوڳو عمل آهي؟   31

سوال نمبر 14 : ڇا زندھ يا وفات ڪيل الله جي ولين جي قبر تي وڃي باس باسڻ جائز آهي؟   33

سوال نمبر 15 : امام حسينC جي عزاداري ۽ رسول خدا4 جي جشن ميلاد جي باري ۾ اسلام جو ڇا نظريو آهي؟   36

سوال نمبر 16 : شيعه ڇا جي لاءِ هٿ ٻڌي نماز نٿا پڙهن؟. 38

سوال نمبر 17 : نماز تراويح ڇا آهي ۽ ڇا جي ڪري اهل سنت وارا ان کي ادا ڪرڻ لاء ايترو زور ڀريندا آهن؟   42

سوال نمبر 18 : ڇا بدعت کي سُٺي ۽ خراب (بدعة الحسنة و بدعة السيئة) ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو ۽ سُٺي بدعت مان ڇا مراد آهي؟. 44

سوال نمبر 19 : اُهي روايتون جن ۾ بيان ٿيو آهي ته حضرت عليCجن نماز تراويح پڙهندا هئا يا ان جي لاءِ امام مقرر ڪندا هئا، انهن کي نماز تراويح جي بدعت هجڻ وارين روايتن سان ڪيئن گڏائي سگھجي ٿو؟   46

سوال نمبر 20 : ڇا هيءُ جملو (الصلاة خير من النوم) شروع کان ئي آذان ۾ موجود هو يا بعد ۾ وڌايو ويو آهي؟   47

سوال نمبر 21 : ڇا هيءُ جملو ( حي على خيرالعمل ) آذان جو حصو آهي ۽ ان کي اصحابن ۽ تابعين منجھان ڪنهن پڙهيو آهي؟. 50

 

 

 

 


 

مترجم جو مقدمو

هن ڪتاب ۾ دين حق تي ٿيڻ وارن اعتراضن جا جواب تمام سهڻي نموني سان پيش ڪيا ويا آهن ته جيئن پڙهڻ وارا مؤمن ڀائر حقيقت کان آگاھ ٿي سگھن ۽ حق جي رستي کي پرکي انهيءَ تي قائم رهن. اميد آهي ته هيءُ سوالن جوابن جو ننڍڙو مجموعو سڀني دوستن ۽ ڀائرن کي پسند ايندو ۽ انهن کي پڙهي ۽ سمجھي ٻين تائين به پهچائيندا ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ ويٺل شُبها دور ٿي وڃن ۽ بنا ڪنهن گھٻراهٽ جي حق جي رستي کي پروڙي ان تي قائم رهن.

والسّلام على من اتبع الهدى

نجف علي لغاري

(حوزه علميه قم المقدس ايران)

 

 

 

مؤلف جو مقدمو

 

الحمد لله ربّ العالمين وصلّى الله على محمد و اهل بيتہ الطاهرين سيّما الامام الثاني عشر الحجة بن الحسن العسکري C .

هيءُ ڪتاب ڪجھ انهن سوالن جي جوابن جو مجموعو آهي جن کي ڪلاس جي دوران بيان ڪيو ويو ۽ اختصار کي نظر ۾ رکندي اهلسنت جي معتبر ڪتابن جي حوالن سان تمام سليس انداز ۾ ترتيب ڏيندي هن کي عوام جي سامهون پيش ڪيو وڃي ٿو.

اميد آهي ته پڙهڻ وارا مؤمن ڀائر هن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ ٻين تائين به پهچائيندا.

 

نجم الدّين طبسي

22 ربيع الثاني 1422 هجري قمري

 

 

 

سوال نمبر1 : سڀ کان پهرين ڪهڙي شخص رسول خدا3 جن جي قبر مبارڪ جي زيارت کان روڪيو؟

جواب: اهل سنت جو معتبر عالم دين حاڪم نيشاپوري (متوفّي 405 ھ) داؤد بن صالح کان نقل ڪري ٿو ته: هڪ ڏينهن مروان بن حڪم هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو پنهنجي رخسارن کي قبر مبارڪ تي رکي رياض ۽ نياز ڪري رهيو هو. مروان ان کي ڳچيءَ مان پڪڙي چيو ته: ڇا توکي خبر آهي ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ هن جي چوڻ جو مقصد هيءُ هو ته هي پٿر ۽ مٽي آهي ان جي زيارت جو ڇا مقصد آهي؟ جڏهن مروان غور سان ڏٺو ته اهو رسول خدا3 جن جو پيارو صحابي جناب ابوايوب انصاريL هو. پاڻ جواب ۾ فرمايائين ته آءٌ چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته ڇا ڪرڻ آيو آهيان؟ آءٌ ڪنهن پٿر وٽ ناهيان آيو بلڪه پنهنجي نبي 3 وٽ آيو آهيان مون کانئن ٻڌو آهي ته دين تي ان وقت تائين نه روئجي جيستائين ان جي حفاظت با اهل انسان ڪري رهيا هجن پر ان وقت روئجي جڏهن نا اهل انسان ان جا محافظ بڻجي ويهي رهن. تعجب جهڙي ڳالھ هيءَ آهي ته  اهل سنت جي امام حاڪم نيشاپوري ۽ علم رجال جي ماهر امام ذهبي هن حديث کي صحيح قرار ڏنو آهي. جنهن مان واضح طور اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي عقيدي جي ابتداء ڪندڙ بنواميه خاص ڪري مروان بن حڪم هو جنهن کي نبي اڪرم 3 جن ملڪ بدر ڪيو هو.[1]

سوال نمبر2 : ڇا پاڻ سڳورن 3 جن جي قبر مبارڪ کي مس ڪرڻ يا ان جي خاڪ کي تبرڪ طور کڻڻ جائز آهي؟ ۽ ڇا اصحابن منجھان ڪنهن اهڙو ڪم انجام ڏنو.؟

جواب: جي ها! رسول خدا3 جي نياڻي حضرت فاطمه زهراءI پاڻ سڳورن3 جي قبر مبارڪ جي مٽي کڻي پنهنجن اکين تي لڳائي ۽ ڪجهه شعر پڙهيائون.[2]

رسول خدا4 جي صحابي حضرت ابوايوب انصاري K جنهن پنهنجن رخسارن کي سندن قبر مبارڪ سان مس ڪيو.[3]

نبي اڪرم 3 جن جي مؤذن حضرت بلال حبشيK جنهن پنهنجو پاڻ کي پاڻ سڳورن 4 جي قبرمبارڪ تي ڪيرايو ۽ پنهنجي بدن کي قبر مبارڪ سان مس ڪرڻ شروع ڪيو. ( فجعل يبکي عنده ويمرغ عليہ) [4]

عبدالله بن عمر قبرمبارڪ تي هٿ رکندو هو.[5]

ابن منڪدر تابعي پنهنجي رخسارن کي رسول خدا4 جي قبر مبارڪ تي رکي چوندو هو: مونکي جڏهن به ڪا مشڪل پيش ايندي آهي يا ڪجھ وساري ويهندو آهيان يا زبان ۾ هٻڪ پيدا ٿيندي آهي ته حضور پاڪ 4 جي قبر مبارڪ تي اچي شفاء ۽ مدد طلب ڪندو آهيان.[6]

سوال نمبر3 : ڇا مذاهب اربعه جا علماء، اوليائن جي قبرن تان تبرڪ کڻڻ ۽ انهن جي قبرن کي مس ڪرڻ جائز سمجھندا هئا؟

جواب: جي ها! امام احمد بن حنبل ۽ ٻيا اهلسنت جا علماء جهڙوڪ: رملي شافعي، محب الدين طبري، مڪي جو معروف عالم دين ابوالصيف يماني ، زرقاني مالڪي، عزامي شافعي ان باري ۾ هن ريت چون ٿا:

1 : عبدالله بن احمد بن حنبل چوي ٿو ته : مون پنهنجي والد کان سوال ڪيو ته رسول خدا4 جي منبر کي تبرڪ طور مس ڪرڻ ۽ ان کي چمڻ يا سندن قبر مبارڪ کي تبرڪ طور مس ڪرڻ ۽ ثواب جي نيت سان ان کي چمڻ ڇا حڪم رکي ٿو؟ ان جواب ڏنو ته ان ۾ ڪو عيب ناهي.[7]

2 : رملي شافعي چوي ٿو ته : پاڻ سڳورن 4 جن جي قبر مبارڪ يا ڪنهن ٻئي ولي خدا جي قبر تان خاڪ کي تبرڪ طور کڻڻ جائز آهي ۽ سندن قبر مبارڪ کي چمڻ يا ان تي هٿ رکڻ ۾ ڪو عيب ناهي.[8]

3 محب الدين طبري شافعي لکي ٿو ته : قبر تي هٿ رکڻ ۽ ان کي چمڻ جائز آهي ۽ اها نيڪ ۽ صالح عالمن جي سيرت رهي آهي.[9]

تاريخ ۾ هيءَ ڳالھ ثابت آهي ته ماڻهو نه رڳو پاڻ سڳورن 4 ۽ حضرت حمزهKجي قبر مبارڪ جي مٽي کي تبرڪ طور کڻندا هئا پر مديني منور جي خاڪ کي به تبرڪ جي طور کڻي ويندا هئا. اهڙي طرح روايتن ۾ به بيان ٿيو آهي ته مديني منور جي خاڪ هر قسم جي درد ۽ ڪوڙھ وغيره جي لاء شفاء آهي.

زرڪشي چوي ٿو ته : حرم شريف جي خاڪ کڻڻ کان روڪيندڙ روايت حضرت حمزه جي قبر جي خاڪ کڻڻ جي جائز هجڻ کي جدا ڪيو آهي انهيءَ لاءِ جو مٿي ۾ سور جي علاج لاءِ ان خاڪ کڻڻ جي جائز هجڻ تي سڀني جو اتفاق آهي.[10]

ابو سلمى رسول خدا4 کان نقل ڪري ٿو ته پاڻ سڳورن4 فرمايو: ( غبارالمدينة يطفي الجذام) مديني جي خاڪ ڪوڙھ جو علاج آهي.

ابن اثير جزري نبي اڪرم 4 جن کان نقل ڪري ٿو ته: ( والذي نفسي بيده ان في غبارها شفاء من کل داء) مونکي ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ (قدرت) ۾ منهنجي جان آهي مديني منور جي خاڪ هر مرض جي لاءِ شفاء آهي.

سمهودي لکي ٿو ته: اصحابن ۽ ٻين ماڻهن جي سيرت هيءَ هئي ته نبي اڪرم4 جي قبر مبارڪ جي خاڪ پاڻ سان گڏ کڻي ويندا هئا.[11]

سوال نمبر 4 : اهل سنت جي پنهنجن بزرگن جي قبرن مان تبرڪ حاصل ڪرڻ جو نمونو بيان ڪريو.؟

جواب : هيٺ اسان ان جا ٻه نمونا بيان ڪريون ٿا.

1 رسول خدا4 جا صحابي ۽ حضرت سعد بن معاذ جي قبر ۽ ان جي خاڪ مان تبرڪ:

اهل سنت جا معروف علماء ابن سعد ۽ ذهبي لکن ٿا ته : هڪ شخص سعد بن معاذ  جي قبر مان ٿوري خاڪ کنئي ۽ ان جي طرف ڏٺائين ته اها اوچتو مُشڪ ۾ تبديل ٿي ويئي.[12]

2 عبدالله حداني جي قبر مان تبرڪ:

ابو نعيم اصفهاني ۽ ابن حجر عسقلاني چون ٿا ته : حداني 183 ھ ۾ اٺ ذي الحج ترويه جي ڏينهن قتل ٿيو ماڻهو ان جي قبر جي خاڪ کي مُشڪ سمجھي کڻي ويندا هئا ۽ ان کي پنهنجي لباس ۾ رکندا هئا.[13]

سوال نمبر 5 : ڇا غير خدا کان حاجت طلب ڪرڻ جائز آهي؟

جواب : جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته يا رسول الله4 منهنجي حاجت پوري ڪريو ۽ سندس مقصد رسول خدا4 جو واسطو ۽ شفاعت قرار ڏيڻ هجي ۽ سندس اها دعا قبول ٿئي ته ان ۾ ڪو اشڪال ۽ اعتراض نظر نٿو اچي. اسان وٽ  گھڻيون آيتون موجود آهن جن ۾ الله سائين فعل (ڪنهن ڪم يا عمل) جي صادر ٿيڻ کي ظاهري طور پنهنجن بندن جي طرف نسبت ڏيئي رهيو آهي:

1 وارزقوهم فيها واکسوهم...(سورت نساء،آيت نمبر5)

 2 وما نقموا الّا ان اغناهم الله ورسولہ...(سورت توبه، آيت74)

3 ولوانهم رضوا ما آتاهم الله ورسولہ...(سورت توبه،آيت59)

جيتوڻيڪ بي نيازي خدا جي صفت آهي پر انهن آيتن ۾ الله پاڪ پيغمبر اسلام 4 ۽ مؤمنن کي رزق ڏيڻ ۽ بي نيازي ۾ شريڪ قرار ڏنو آهي ان کان سواء اصحابن کي جڏهن به مشڪل پيش ايندي هئي ته اُهي نبي اڪرم 4 جن جي قبر مبارڪ کي سهارو بڻائيندا هئا.

عسقلاني چوي ٿو ته : عمر جي خلافت جي زماني ۾ ڏڪار آيو ته هڪ شخص رسول خدا4 جي قبر مبارڪ تي آيو ۽ چيائين : ( استسق امتک فانهم هلکوا ) اي الله پاڪ جا رسول 3 ! پنهنجي امت کي سيراب ڪريو اها هلاڪ ٿي رهي آهي.[14]

اهڙي طرح اهل سنت جون بزرگ شخصيتون ابن حبان، ابن خزيمه، ۽ شيخ الحنابله ابو علي خلال، مشڪل گھڙيءَ ۾ اهل بيتG جي قبرن کي وسيلو بڻائيندا هئا.

الف: ابن حبان (متوفى 350 ھ) ڪتاب الثقات ۾ لکي ٿو ته :

مون کي ڪيترائي مرتبا امام موسى ڪاظمC جي قبر مبارڪ جي زيارت نصيب ٿي ۽ جيترو عرصو طوس ۾ گذاريم ان دوران جڏهن به مونکي ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته آءٌ سندن قبر مبارڪ تي وڃي الله پاڪ کان حاجت طلب ڪندو هئس ته الله جي ڪرم ۽ مهربانيءَ سان منهنجي اها حاجت پوري ٿي ويندي هئي.[15]

ب : ابن خزيمه: جيڪو بخاري ۽ مسلم جو استاد ۽ شيخ الاسلام جي لقب سان مشهور آهي ان جو هڪ شاگرد محمد بن مؤمل چوي ٿو ته : آئون پنهنجي استاد ابن خزيمه ۽ ٻين استادن سان علي بن موسى رضا H جي قبر جي زيارت لاءِ طوس ويس منهنجي استاد ابن خزيمه سندن قبر مبارڪ جي سامهون بيهي ايترو ته نياز ۽ نوڙت جو اظهار ڪيو جو سڀ اچرج ۾ پئجي ويا.[16]

ج :  شيخ الحنابله ابو علي خلال چوي ٿو ته : مون کي جڏهن به ڪا مشڪل پيش ايندي آهي ته مان موسى بن جعفرC جي قبر جي زيارت ڪندو آهيان ۽ ان کي پنهنجو وسيلو قرار ڏيندو آهيان ته خداوند متعال منهنجي مشڪل حل ڪري ڇڏيندو آهي.[17]

د : محمد بن ادريس شافعي ابو حنيفه جي قبر ۽ احمد بن حنبل شافعي جي قبر کي پنهنجو وسيلو بڻائيندو هو.[18]

ھ : مسلمان حضرت ابو ايوب انصاري جي قبر کي وسيلو بڻائي برسات جي لاءِ دعا گھرندا هئا.[19]

و : ابن خلڪان ۽ ذهبي چون ٿا ته : ماڻهو مينهن (برسات) جي لاءِ ابن فورڪ اصفهاني(م406 ھ) جي قبر کي وسيلو بڻائيندا هئا.[20]

سڀ کان اهم نڪتو هيءُ آهي ته اهل سنت جي علمائن صريحاً ۽ واضح طور تي ماڻهن کي توسل ۽ استغاثه جو شوق ڏياريو آهي.

قسطلاني چوي ٿو ته : زائرن کي گھرجي ته اهي رسول خدا4 جي قبر مبارڪ جي ڀرسان بيهي بيتابيءَ سان استغاثو ۽ توسل ڪري شفاعت طلب ڪن، الله پاڪ انهن جي حق ۾ رسول خدا4 جي شفاعت کي قبول ڪندو.[21]

سوال نمبر6 : قبرن جي زيارت جي جائز هجڻ تي ڪهڙي دليل موجود آهي؟

جواب : هن سوال جي جواب ۾ قرآن و سنت (پاڻ سڳورن 3 ۽ ائمه معصومين E جي فرمانن) ۽ صحابه ڪرام جي سيرت منجھان هر هڪ مان دليل بيان ڪري سگھي ٿي :

پهرين دليل: قرآن ڪريم: الله پاڪ جو ارشاد ٿي رهيو آهي ته: ( ولوانهم اذظلمواانفسهم جاووک...(سورت نساء،آيت64) ترجمو: ۽ جڏهن انهن ماڻهن پاڻ تي ظلم ڪيو تڏهن جيڪڏهن تو وٽ اچن ها پوءِ الله کان بخشش گھرن ها ۽ رسول خدا4 به انهن لاءِ بخشش گھري ها ته الله پاڪ کي ٻاجھ سان موٽندڙ مهربان لهن ها.

هيءَ آيت پاڻ سڳورن 4 جن جي حياتي توڙي وفات کان پوءِ به مسلمانن کي سندن قبر مبارڪ جي زيارت لاءِ شوق ڏياري رهي آهي جيئن ته اهل سنت جي مشهور عالم سبڪي لکيو آهي ته: علمائن ان آيت مان اڪثر(حياتي ۽ وفات کان بعد) جو استفادو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته حديثن ۾ پاڻ سڳورن 3 جن کان نقل ٿيو آهي ته : ( حياتي خير لکم تحدثون ونحدث لکم و وفاتي خير لکم نفوس على اعمالکم) منهنجي حياتي ۽ وفات ٻئي توهان جي لاء بهتر آهن توهان جا اعمال منهنجي سامهون پيش ڪيا ويندا آهن.[22]

ٻين دليل: سنت پيغمبر4 :

گھڻين حديثن ۾ نبي ڪريم 4 جن جي قبر مبارڪ جي زيارت جو حڪم ڏنو ويو آهي جن مان هڪ هيءَ به آهي: (من زار قبري وجبت له شفاعتي) [23] جنهن به منهنجي قبر جي زيارت ڪئي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويئي.

ٽين دليل: اصحابن جي سيرت:

اهل سنت جي مشهور علمائن عبدالرزاق، بيهقي ۽ عبدالبر کان روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت فاطمه زهراءI جن هر جمعي جي رات پنهنجي چاچي حضرت حمزه K جي قبر تي وينديون هيون ۽ اتي نماز ادا ڪري گريو ڪنديون هيون.

حاڪم نيشاپوري چوي ٿو ته: هن روايت جي سند ۾ سڀ راوي ثقه ( اطمينان وارا ) آهن.[24]

سوال نمبر 7 : ( لاتشدالرحال الا الى ثلاثة مساجد) ڇا هيءَ حديث قبرن تي وڃڻ کان روڪي ناهي رهي؟

جواب : نه هيءَ حديث ان مطلب تي دلالت نٿي ڪري ۽ ان جي دليل هيٺ ذڪر ڪئي وڃي ٿي:

الف : قسطلاني تاڪيد ڪئي آهي ته هتي ” مستثنى منہ “ لفظ ( مسجد) آهي.[25]

تنهن ڪري ان جو قبر جي زيارت سان ۽ سفر ڪرڻ جي حرام هجڻ سان ڪوبه واسطو ناهي.

ب: ان حديث تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ناهي ان ڪري جو جيڪڏهن ان جي متن کي صحيح سمجھيو به وڃي تڏهن به هي پاڻ سڳورن 4 جن جي ظاهري عمل جي مخالف آهي. ڇاڪاڻ ته رسول خدا4 هر ڇنڇر جي ڏينهن مسجد قبا ويندا هئا. جڏهن ته حديث هي بيان ڪري رهي آهي ته ٽن مسجدن کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ مسجد ڏانهن سفر ڪرڻ حرام آهي.

ج: رسول خدا4 جن جو صحابي حضرت بلال حبشيK جنهن جو پاڻ سڳورن 3 جن جي قبر مبارڪ جي زيارت لاءِ شام کان مديني ڏانهن سفر ڪرڻ وارو واقعو مشهور آهي.

د: شيعه ۽ سني علمائن پاڻ سڳورن 3 جي قبر مبارڪ جي زيارت جي ارادي سان سفر ڪرڻ کي بهتر قرار ڏنو آهي، ۽ ابن تيميه جي ان نظريي کي سختي سان رد ڪيو آهي ته قبر جي زيارت جي ارادي سان سفر ڪرڻ حرام آهي.

1: قسطلاني چوي ٿو ته : ( قول ابن تيميه حيث منع زيارة قبرالنبي4 وهو من ابشع المسائل المنقولة عنه ) ابن تيميه کان نقل ٿيل قولن منجھان بدترين قول رسول خدا4 جي قبر مبارڪ جي زيارت کان روڪڻ وارو قول آهي. [26]

2 : غزالي چوي ٿو ته: (کل من يتبرک بمشاهدته4 في حياته يتبرک بزيارته بعد وفاته ويجوزشدالرحال بهذاالغرض) [27] جيڪو شخص نبي اڪرم 4 جن جي حياتيءَ ۾ سندن زيارت سان مشرف ۽ متبرڪ ٿيو آهي اهو پاڻ سڳورن4 جي رحلت کان بعد ۾ سندن قبر مبارڪ جي زيارت سان متبرڪ ٿي سگھي ٿو ۽ قبرمبارڪ جي زيارت جي ارادي سان سفر ڪرڻ جائز آهي.

ھ : شيعه ۽ اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ اهڙيون حديثون بيان ٿيون آهن جيڪي قبرن تي وڃڻ جي تاڪيد ڪري رهيون آهن انهن منجھان هڪ روايت هن ريت آهي:

عن النبي4 : نهيتکم عن زيارة القبور الا فزوروها[28] مان توهان کي قبرن جي زيارت کان روڪيو هو خبردار (اڄ کان بعد) انهن جي زيارت ڪندا ڪيو.

اهل سنت جي اڪثر علمائن هن حديث ۾ لفظ (فزورها) منجھان مستحب جي معنى سمجھي آهي جڏهن ته ابن حزم ان مان واجب جي معنى سمجھي آهي.[29]

سوال نمبر8 : ڇا هن حديث (لعن الله زائرات القبور) ترجمو:(الله پاڪ زيارت ڪرڻ وارين عورتن تي لعنت ڪئي آهي) جي باوجود به عورتون قبرن تي وڃي سگھن ٿيون؟

 جواب : هن سوال جو جواب هن ريت ڏيئي سگھجي ٿو:

الف: تمام گھڻين روايتن ۾ آيو آهي ته حضرت عائشه N ۽ حضرت فاطمه زهراI قبرن تي وينديون هيون جيئن ته سنن ڪبرى ۾ ذڪر ٿيو آهي: (عن فاطمة کانت تزور قبر عمّها حمزة کلّ جمعة فتصلى و تبکي عنده)[30] حضرت فاطمه زهراI هر جمعي جي رات پنهنجي چاچي حضرت حمزهK جي قبر جي زيارت ڪرڻ وينديون هيون ۽ اتي نمازادا ڪرڻ کان پوءِ پاڻ گريو ڪنديون هيون.

ابن ابي مليڪه چوي ٿو ته : (رايت عائشة تزور قبر اخيها عبدالرحمن و مات بالحبشة و قُبر بمکة)[31] مون حضرت عائشه N کي ڏٺو ته هوءَ پنهنجي ڀاءُ عبدالرحمان جي قبر جي زيارت ڪري رهي هئي هن حبشه ۾ ( جيڪو مڪي جي قريب هڪ جڳھ جو نالو آهي) انتقال ڪيو ۽ مڪي مڪرمه ۾ دفن ڪيو ويو.

ب : هيءَ حديث بريده جي نقل ڪيل حديثن منجھان نسخ (يعني ختم ) ٿي چڪي آهي يا ان جي مخالف آهي جيئن ته ذهبي ۽ نيشاپوري ان کي واضح طرح سان بيان ڪيو آهي ۽ بريده واري حديث هيءَ آهي: (نهى رسول الله 4 عن زيارة القبور ثم امر بزيارتها)[32] رسول خدا4 جن قبرن جي زيارت کان روڪيو پر بعد ۾ وري پاڻ انهن زيارتن جو حڪم ڏنائون.

ج: اهل سنت جي علمائن هن ريت فتوى ڏني آهي ته عورتن جو قبرن جي زيارت لاءِ وڃڻ مستحب آهي.

ابن عابدين چوي ٿو ته : (هل تستحب زيارة قبره4 للنساء؟ الصحيح من مذهبنا و هو قول الکرخي و غيره: من انّ الرّخصة في زيارة القبور ثابتة للرجال و النساء جميعاً فلا اشکال وامّا على غيره فذلک نقول بالاستحباب لاطلاق الاصحاب بل قيل واجبة)[33]

ڇا عورتن جي لاءِ رسول خدا4 جي قبر مبارڪ جي زيارت ڪرڻ مستحب آهي؟ اسان جي مذهب مطابق صحيح قول اهو ئي آهي جنهن کي ڪرخي ۽ ٻين بيان ڪيو آهي ته قبرن جي زيارت جي مردن ۽ عورتن سڀني کي اجازت ڏني ويئي آهي.

د : هيءَ حديث جنهن ۾ قبرن جي زيارت کان منع ڪيو ويو آهي ٽن واسطن سان نقل ٿي آهي جيڪي ٽيئي ضعيف آهن. پهرين سند جي واسطي ۾ ابن خثيم آهي جنهن جي حديث مان استدلال ناهي ڪيو ويندو.[34] ٻين سند جي واسطي ۾ باذان آهي اهڙي طرح ان جي حديث جي به پرواھ ناهي ڪئي ويندي.[35] ۽ ٽين سند جي واسطي ۾ عمر بن ابي سلمى آهي جيڪو ضعيف آهي.[36]

سوال نمبر9 : ڇا انبياءG ۽ اوليائن جي قبرن جي پاسي ۾ بيهي نماز پڙهڻ يا دعا گھرڻ جائز آهي؟

جواب:1 : ( وَمَا ارسلنا مِن رسول الّا لِيُطَاعَ باذن اللّه وَلَوْانهم إِذ ظَّلَمُواْ أَنفُسَهُمْ جَآؤُوكَ فَاسْتَغْفَرُواْ اللّهَ وَاسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُولُ لَوَجَدُواْ اللّهَ تَوَّابًا رَّحِيمًا) ڪوئي پيغمبر نه موڪليو سون پر ان لاءِ جو الله پاڪ جي حڪم سان سندن تابعداري ڪئي وڃي ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا.(سورت نساء آيت 64 )

هن آيت ۾ رسول خدا4 جن جي قبر مبارڪ جي ڀرسان بيهي دعا گھرڻ ڏانهن اشارو موجود آهي. ڇاڪاڻ ته لفظ (جاؤوک) پاڻ سڳورن4 جي حيات ۽ وفات ٻنهي کي شامل آهي.

2 : حضرت فاطمه زهراءI جن جو حضرت حمزهK جي قبرمبارڪ جي پاسي ۾ بيهي نماز پڙهڻ پاڻ ان شيءِ جي جائز هجڻ تي دليل آهي. ۽ حاڪم نيشاپوري جي چوڻ مطابق هن حديث جا سڀ راوي اعتبار جوڳا (ثقه) آهن.[37] 

3 : مسلمانن جي سيرت اها رهي آهي ته اُهي انبياءG ۽ اوليائن جي قبرن تي وڃي دعا به گھرندا هئا ۽ انهن جي قبرن جي ويجھو بيهي نماز به پڙهندا هئا.

الف: ابن خلڪان چوي ٿو ته : سيده نفيسه بنت ابو محمد، حسن بن زيد بن حسن بن حضرت علي A اُهي ( درب السباع ) مصر ۾ دفن ڪيون ويون آهن ۽ سندن قبر دعا جي مستجاب هجڻ جي باري ۾ معروف آهي ۽ اهو هڪ مجرب عمل آهي.[38]

ب : اهڙي طرح اهل سنت جي امام شافعي هميشه ابو حنيفه جي قبر تي وڃي ڪري ٻه رڪعت نماز ادا ڪئي آهي.[39]

ج : زهري به معروف ڪرخي جي قبر جي ڀرسان دعا گھرڻ جي باري ۾ ڪجھ مطالب ذڪر ڪيا آهن.[40]

د : اهڙي طرح جزري به شافعي جي قبر جي متعلق ڪجھ مطالب نقل ڪيا آهن.[41]

سوال نمبر 10 : ڇا هيءَ حديث ( خدا لعنت ڪري يهودين تي جو انهن پنهنجن وڏن جي قبرن کي مسجد بڻايو. اهڙي طرح هيءَ حديث ( پروردگار منهنجي قبر کي بُت قرار نه ڏجان).[42] رسول خدا4 جي قبرمبارڪ ۽ ٻين جي قبرن جي ڀرسان نماز پڙهڻ يا دعا گھرڻ کان روڪي ناهي رهي؟

جواب : هن سوال جو جواب به چند نڪتن ۾ عرض ڪري سگھجي ٿو:

الف : هن حديث جا راوي ضعيف ۽ مجھول آهن. مثال طور ( عبدالوارث ) هي راوي اهل سنت جي علمائن وٽ مردود آهي ڇاڪاڻ ته هي فرقي قدريه جو پيروڪار هو. اهڙي طرح ( ابوصالح ) جي باري ۾ به تردّد پاتو وڃي ٿو ته هو ضعيف هو يا اعتبار وارو(ثقه) نه هو ۽ (عبدالله بن عثمان) منڪر حديثن کي نقل ڪندو هو ۽ ( ابن بهمان ) مجھول الحال آهي ان بنياد ته هن حديث سان استدلال نٿو ڪري سگھجي.

ب : هيءَ حديث ڪنهن به صورت ۾ قبر جي ڀرسان نماز پڙهڻ کان روڪي ناهي رهي ان ڪري جو هن جو موضوع حبشي ڪنيسو آهي ته جڏهن مشرڪن ۽ يهودين جو ڪوئي نيڪ شخص مري ويندو هو ته اهي ان جي قبر تي مسجد بڻائيندا هئا ۽ ان تي ان شخص جي تصوير رکي ان کي سجدو ڪندا هئا تنهن ڪري قبر جي ڀرسان ڪعبي ڏانهن منهن ڪري الله وحده لاشريڪ جي عبادت ڪرڻ ۽ ڪنهن شخص کي خدا جو شريڪ قرار ڏيئي عبادت ڪرڻ ۾ فرق آهي. بس هن حديث مان ان موضوع تي استدلال نٿو ڪري سگھجي.

اهل سنت جو هڪ عظيم مفسرِ قرآن قرطبي چوي ٿو ته :( انما صور اوائلهم الصور ليتانسوا بها عند قبورهم ثّم خلّفهم قوم جهلوا مرادهم ووسوس لهم الشيطان : ان اسلافهم کانوا يعبدون هذه الصور و يظّمونها فحذر النبي4 عن مثل ذلک)[43] انهن پنهنجن وڏن جون تصويرون بڻائي رکيون هيون ته جيئن ان مان ورونھ ( حال اورڻ يا روح رهاڻ ) ڪري سگھن ۽ ان جي ياد تازي رهي. اهي انهن جي قبرن جر ڀرسان خدا جي عبادت ڪندا هئا پر ان کانپوءِ اچڻ وارن انهن جي مقصد کي وساري ڇڏيو ۽ شيطان انهن جي دلين ۾ وسوسا پيدا ڪيا انهن جا ڏاڏا انهن تصويرن جي عبادت ۽ انهن جي تعظيم ڪندا هئا. تنهن ڪري رسول خدا4 جن انهن کي انهيءَ کان منع ڪيو ان بنياد ته الله جي اوليائن جي قبرن جي ڀرسان نماز نه پڙهڻ تي ڪابه دليل موجود نه آهي.

 بيضاوي چوي ٿو ته : ( لما کانت اليهود والنصارى يسجدون القبور الانبياء تعظيماَ لشانهم و يجعلونها قبلة يتوجهون في الصلاة نحوها و اتّخذوها اوثانا لعنهم النبي4 )[44]

ڇاڪاڻ ته يهود ۽ نصارى پنهنجي نبين جي قبرن تي سجدو ڪندا هئا، انهن کي پنهنجو قبلو قرار ڏيندا هئا ۽ انهن سان اهو ئي رويو اختيار ڪندا هئا جيڪو بتن سان ڪيو ويندو هو تنهن ڪري نبي اڪرم 4 جن انهن تي لعنت ڪئي.

هن عبارت ۾ به رسول خدا4 يا آئمه G جي قبرن جي زيارت نه ڪرڻ جي يا انهن جي ڀرسان نماز نه پڙهڻ تي ڪنهن به قسم جي ڪا به دلالت موجود ناهي.

ج : اهل سنت جي گھڻن علمائن قبرن تي نماز ادا ڪرڻ کي جائز قرار ڏنو آهي جن ۾ امام مالڪ بن انس به آهي.

1 : ( کان مالک لايرى باساَ بالصلاة في المقابر و هو اذا صلّى في المقبرة کانت القبور بين يديه و خلفه و عن يمينه و شماله). و قال مالک ( لا باس بالصلاة في المقابر و قال بلغني انّ بعض اصحاب النبي4 کانوا يصلون في المقبرة )[45]

مالڪ چوي ٿو ته : قبرن تي نماز پڙهڻ ۾ ڪو به نقصان ناهي ۽ چيائين ته مون وٽ اها خبر پهتي آهي ته ڪجھ صحابي قبرستان ۾ نماز پڙهندا هئا.

2 : عبدالغني نابلسي چوي ٿو ته : ( اذا کان موضع قبور مسجداً او کان هناک احد جالساً او انّ قبر ولي من اولياء الله او عالم من المحققين تعظيماً لروحه المشرفة علا تراب جسده اعلاماً للناس انّه وليّ لتبرکوا به ويدعوا الله فيستجاب لهم، فهو امر جائز لا مانع منه)[46]

جيڪڏهن قبرن جي جاء مسجد ۾ تبديل ٿي وڃي يا اها قبر رستي ۾ واقع هجي يا الله پاڪ جي اوليائن يا محقق علمائن منجھان ڪنهن جي قبر هجي ته ان وليِ خدا جي روح کي زنده رکڻ جي لاءِ ماڻهو ان مان تبرڪ حاصل ڪن ۽ ان قبر جي ڀرسان خدا کان دعا گھرن ته جيئن انهن جي دعا قبول ٿئي ته ان ۾ ڪو به عيب ناهي بلڪه جائز آهي.

سوال نمبر 11 : ڇا شريعت اسلام ۾ قبرن تي گنبذ ۽ ضريح وغيره ٺاهڻ کان روڪيو ويو آهي؟

جواب : شريعت اسلام ۾ ان قسم جو ڪو به حڪم ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ ان جون ڪجھ دليلون ذڪر ڪجن ٿيون.

الف : قبرن تي گنبذ ٺاهڻ جي عظمت تي دليل فقط هڪ روايت آهي، جنهن کي ابوالهياج نقل ڪيو آهي.[47]

 ۽ هيءَ روايت سند جي اعتبار سان صحيح ناهي ان ڪري جو هن روايت جي سند ۾ وڪيع ۽ حبيب بن ابي ثابت موجود آهن ۽ انهن ٻنهي جي اهل سنت وٽ ڪا به اهميت ناهي.

ب : ۽ هن حديث جي دلالت ۾ به اشڪال پاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته ( ولا قبراً الّاسويته ) جي معنى قبرن کي خراب ڪرڻ ناهي پر انهن کي برابر ڪرڻ آهي ته جيئن اها اٺ جي ٿوهي وانگر نه هجن.

قسطلاني چوي ٿو ته : ( السنة في القبر تسطيحه وانه لايجوزترک هذه السنة لمجرد انها صارت شعاراللروافض وانه لامنافات بين التسطيح وحديث ابي الهياج : لانه لم يرد تسويته بالارض وانما اراد تسطيحه جمعا بين الاخبار ) [48]

سنت هيءَ آهي ته قبرن کي مُسطّح ( هموار ۽ برابر ) بڻايو وڃي ۽ ان کي شيعن جو اخلاق هجڻ جي ڪري ترڪ ڪرڻ جائز ناهي اهڙي طرح قبرن کي مُسطّح بڻائڻ  ۽ روايت ابن هياج ۾ ڪا به منافات موجود ناهي ان ڪري جو ان روايت جي مراد قبرن کي زمين جي برابر ڪرڻ ناهي بلڪه ان منجهان مراد انهن کي اٺ جي ٿوهي وانگر بلند ڪرڻ آهي ۽ هيءَ معنى اسان روايتن کي جمع ڪرڻ کان پوء حاصل ڪئي آهي.

ج : مسلمانن جي سيرت اها رهي آهي ته اهي قبرن تي گنبذ ۽ قُبا ٺاهيندا هئا.

1: رسول خدا4 جي قبر مبارڪ تي گنبذ جو بڻائڻ.

2: جنت البقيع ۾ حضرت فاطمه زهراء I ۽ آئمه اهل بيتG جي قبرن تي مقبرن جو تعمير ٿيڻ جن کي 1345 ھ ۾ وهابين مسمار ڪري ڇڏيو.

3: رسول خدا4 جي فرزند جناب ابراهيم جي قبر جيڪا محمد بن زيد بن علي جي گھر ۾ هئي ۽ بعد ۾ وهابين ڊاهي ڇڏي.

4: ٻين صدي هجري ۾ حضرت حمزهK جي قبر تي مسجد جو بڻائڻ جنهن کي وهابين ويران ڪري ڇڏيو.

5:عمر بن عبدالعزيز جي زماني ۾ حضرت سعد بن معاذ جي قبر تي گنبذ جو ٺاهڻ جنهن جي قبر ابن افلح جي گھر ۾ هئي.[49]

6: 275 ھ ۾ بصري ۾ باهلي جي قبر تي گنبذ جو ٺاهڻ.[50]

7 : ٻين صدي هجري ۾ حضرت عليC جي قبر مبارڪ تي عمارت جو تعمير ڪرڻ.[51]

8: سلمان فارسي L جي قبر تي عمارت تعمير ڪرڻ.[52]

9: 316 ھ ۾ ابو عوانه جي قبر تي عمارت تعمير ڪرڻ. [53]

خلاصو هيءُ آهي ته تمام مسلمانن جي سيرت هيءَ رهي آهي ته اهي بزرگانِ دين جي قبرن تي روضا ۽ مقبرا تعمير ڪندا هئا ۽ اها سيرت اڄ به باقي آهي جنهن جي دليل ڪربلا ، نجف الاشرف ۽ مشهد مقدس ۾ آئمه اهل بيت G جي روضن جو هجڻ ۽ بغداد ۾ ابو حنيفه ۽ عبدالقادر جيلاني جا روضا ۽ سمرقند ۾ بخاري جو روضو يا اهڙي طرح تمام اسلامي ملڪن ۾ الله جي اوليائن جي قبرن تي روضن جو موجود هجڻ اسان جي دعوى جي دليل آهي پر وهابين ان کي حجاز ۾ حرام قرار ڏنو ۽ تمام اوليائن ۽ اصحابن جي قبرن تي موجود روضن کي ڪيرائي مسلمانن جي سيرت جي مخالفت ڪئي.

 سوال نمبر 12 : ڇا هي حديث( نهى رسول الله4 ان يجصص القبر و ان يعقد عليه وان يبنى عليه) روضه ٺاهڻ کان منع ڪري رهي آهي.؟

جواب: پهرين ڳالھ ته هيءَ مٿين حديث[54] مسلمانن جي سيرت جي مخالف آهي جيئن ته انهيءَ جو بيان گذري چڪو آهي.

ٻيو هيءُ ته هن حديث جي سند به صحيح ناهي ڇاڪاڻ ته هن جي سند ۾ ابوالزبير محمد بن مسلم آمدي آهي جنهن کي اهلسنت جي علمائن احمد بن حنبل، ابن عينيه، شعبه ۽ ابو حاتم ضعيف قرار ڏنو آهي.[55] جيئن ته يعقوب بن شيبه جو چوڻ آهي ته هن روايت جي سند ۾ حفص بن غياث آهي جنهن جي باري ۾ اهلسنت جي علمائن جو رايو ناڪاري آهي.[56] جيتوڻيڪ هن حديث جي سند ۾ ربيعه نالي هڪ شخص موجود آهي جنهن جي ازدي، ابن ابي شيبه ۽ ساجي تائيد ناهي ڪئي.[57]

نتيجو هي آهي ته اهڙي قسم جي تمام روايتن جي سند ۾ اهلسنت جي نزديڪ اعتراض پاتا وڃن ٿا تنهن ڪري انهن روايتن سان استدلال ڪرڻ صحيح ناهي.

سوال نمبر 13 : ڇا قبرن تي چراغ وغيره ٻارڻ شرعي طور تي اعتراض جوڳو عمل آهي؟

جواب : شريعت اسلام ۾ ان جو انڪار ناهي ڪيو ويو جنهن جون دليلون ذڪر ڪريون ٿا.

 1: اهل سنت کان نقل ٿيل حديثن جي مطابق ته هڪ رات رسول پاڪ 4 جن قبرستان وڃڻ ٿي چاهيو ته چراغ روشن ڪرڻ جو حڪم ڏنائون. [58]

2 : مسلمانن جي سيرت رهي آهي ته اهي اصحابن ۽ الله جي اوليائن ۽ درويشن جي قبرن تي چراغ ٻاريندا هئا.

الف: چوٿين صدي هجريءَ ۾ حضرت ابو ايوب انصاريK جي قبر تي چراغ موجود هو.[59]

ب : چوٿين صدي هجريءَ ۾ زبير بن عوام جي قبر تي شمعدان جو هجڻ.[60]

ج : امام موسى ڪاظمC جي قبرمبارڪ تي پنجين صديءَ ۾ شمعدان جو موجود هجڻ.[61]

3 : هيءَ حديث ( لعن الله المتخذين عليها المساجد والسرج ) الله سائين قبرن تي مسجد تعمير ڪرڻ وارن ۽ انهن تي چراغ روشن ڪرڻ وارن تي لعنت ٿو ڪري. هن حديث جي سند ۾ مشڪل پاتي وڃي ٿي ان ڪري جو هن جو راوي ابو صالح آهي جنهن کي اهل سنت جي علمائن ضعيف ۽ مردود قرار ڏنو آهي ۽ هن حديث جي شرح بيان ڪرڻ وارن لکيو آهي ته هتي نهيءَ مان مراد نهي ارشادي آهي نهي مولوي ناهي. جيئن ته سندي ، عزيزي ، علي ناصف ۽ شيخ حنفي ان مطلب ڏانهن اشارو ڪيو آهي.[62]

سوال نمبر 14 : ڇا زندھ يا وفات ڪيل الله جي ولين جي قبر تي وڃي باس باسڻ جائز آهي؟

جواب : جيڪڏهن نذر ( باس ) الله پاڪ جي لاءِ ڪئي وڃي ۽ ان جو ثواب ڪنهن نبي، امام يا ولي خدا جي روح کي ايصال ڪيو وڃي ( جيئن شيعه ۽ اهل سنت مسلمانن ۾ جاري آهي ) ته اهڙو عمل ڪجھ سببن جي بنياد تي جائز آهي.

الف : اهل سنت وٽ ڪجھ اهڙيون حديثون نقل ٿيون آهن جيڪي ان عمل جي جائز هجڻ تي دلالت ڪن ٿيون.

( عن ثابت بن ضحاک: عن النبي4 انّ رجلاً ساله انّه نذر ان يذبح ببوانة فاتى رسول الله4 فاخبره، فقال: هل کان فيها وثن من اوثان الجاهلية يُعبد؟ قالوا: لا، قال: هل کان فيها عيد من اعيادهم؟ قالوا لا ، قال رسول الله4 اوف بنذرک فانه لاوفاء لنذر في معصية الله ولافيما لا يملک ابن آدم )[63]

ثابت بن ضحاڪ کان روايت آهي ته هڪ شخص رسول خدا4 جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون باس باسي آهي ته بوانه جي مقام تي هڪ رڍ ذبح ڪندس، ڇا اها منهنجي باس صحيح آهي؟ پاڻ فرمايائون ته ڇا جهالت واري دور ۾ انهي مقام تي ڪنهن بت جي پوڄا ڪئي ويندي هئي؟ ماڻهن عرض ڪيو نه. پاڻ فرمايائون ته ڇا اُتي مشرڪن جي ڪا عيد ملهائي ويندي هئي؟ ماڻهن عرض ڪيو نه. پاڻ فرمايائون ته انهيءَ باس کي پورو ڪر، ڇاڪاڻ ته ٻن مقامن تي باس(نذر) تي عمل ڪرڻ جائز ناهي: 1 : اهڙي باس جنهن سان خدا جي معصيت ٿئي.

2 : اهڙي شيءِ جي باس باسڻ جيڪا سندس ملڪيت ۾ نه هجي. (يعني پَرائي مال تي).

جيڪڏهن نذر ۽ باس جهالت واري زماني وانگر بتن لاءِ نه هجي ته ان کي پورو ڪرڻ واجب آهي اهڙي طرح جيڪڏهن ان جڳھ تي باس باسي وڃي جتي ڪفار عيد ملهائيندا آهن ته اهڙي باس صحيح ناهي. باقي اهل سنت جي نزديڪ انهن روايتن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي جيڪي انهن باس جي ضروري هجڻ تي نقل ڪيون آهن.

ب : عزامي شافعي اهڙي باس جي حمايت ۾ چوي ٿو ته : جيڪڏهن ڪو شخص مسلمانن وٽ مڃڻ وارين باسن جي تحقيق ڪري ته اهو ان نتيجي تي پهچندو ته انهن باسن ۽ قربانين جو مقصد پنهنجي مري ويلن جي لاءِ صدقو ڏيڻ ۽ انهن تائين ثواب پهچائڻ آهي ۽ اهل سنت جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته زندهه يا مرده کي ثواب پهچائڻ جي نيت سان ڪو عمل انجام ڏنو وڃي ته ان جو ثواب ان تائين پهچندو ۽ ان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي. ان باري ۾ روايتون تمام گھڻيون آهن ۽ پوءِ عزامي هڪ حديث جي طرف اشارو ڪيو آهي.

سعد، رسول خدا4 جن کان سوال ڪيو ته : منهنجي ماء وفات ڪري ويئي آهي پر مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن هوءَ زندھ هجي ها ته ضرور صدقو ڏئي ها. هاڻي جيڪڏهن مان صدقو ڏيان ته ڇا اهو صدقو ان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو؟  پاڻ فرمايائون ته : ها. ان عرض ڪيو ته ڪهڙو صدقو گھڻو فائديمند ٿيندو؟ پاڻ فرمايائون : پاڻي. بس پوءِ سعد هڪ کوھ کوٽيو ۽ اهو پنهنجي ماءُ جي طرفان صدقي ۾ ڏنائين.[64]

ج : مسلمانن وٽ اهڙيون قبرون به هيون ۽ اڃا به آهن جتي باس باسي ويندي آهي. مراڪش ۾ بستي جي قبر، بغداد ۾ قبرالنذور ۽ احمد بداوي جي قبر.[65]

سوال نمبر 15 : امام حسينC جي عزاداري ۽ رسول خدا4 جي جشن ميلاد جي باري ۾ اسلام جو ڇا نظريو آهي؟

جواب : بلڪل جائز آهي ۽ انهيءَ جي دليل هيءَ آهي ته :

الف : اهڙن امورن ۾ اصل انهن جو جائز هجڻ آهي پر انهن جي حرام هجڻ لاءِ ڪادليل موجود هجي.

ب : قرآن مجيد جي نص واضح طور شعائرالله جي تعظيم جو حڪم ڏيئي رهي آهي.

ج : اڄ تائين مسلمانن جي سيرت هيءَ رهي آهي ته عيد ميلاد النبي4 ۽ ان جھڙا ٻيا جشن ملهائيندا آهن جيئن ته قسطلاني ۽ ديار بڪري انهيءَ جي طرف اشارو ڪيو آهي.[66]

د : اهل سنت جي سڀني ماڻهن ۾ مرڻ وارن جي غم ملهائڻ جو رواج رهيو آهي ۽ اڄ به اهو ئي رواج موجود آهي جڏهن ڪو شخص مرندو آهي ته انهي جو غم ملهايو ويندو آهي. جيئن ته ذهبي اهل سنت جي مشهور عالم دين جويني جي وفات جي باري ۾ لکيو آهي ته : (غُلّقت الاسواق ورثي بقصائد و کان له نحو من اربع ماة تلميذ اقاموا حولا و وضعت المناديل عن الرؤوس عاماَ بحيث ما اجترا احد على ستر راسه و کانت الطلبة يطوفون في البلد نائحين عليه مبالغين في الصيّاح و الجزع)[67]

ان جي سوڳ ۾ دڪان بند ڪيا ويا ۽ مرثيا پڙهيا ويا ان جا چار سئو شاگرد هئا جن ان جي جدائي ۾ قلم ڀڃي ۽ ان جي لاءِ عزا برپا ڪئي انهن هڪ سال جي لاءِ عمامه لاهي ڇڏيا ۽ ڪنهن کي جرئت نه هئي ته مٿي کي ڍڪي. شاگرد شهر ۾ گھمندي ڦرندي به عزا ، فرياد ۽ روئڻ ۾ مشغول رهيا.

اهڙي طرح عبد المؤمن(متوفى 346 ھ) جي تشيع جنازي جي باري ۾ لکيل آهي ته: (فغشّينا اصوات طبول مثل ما يکون من العساکر حتى ظّن جمعنا انّ جيشا قد قدم)[68]

هر طرف فوج ۾ طبلن وڄڻ جو آواز اچي رهيو هو ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته حملو ڪيو ويو آهي.

ابن جوزي ( م 597 ھ ) جي موت جي باري ۾ لکي ٿو ته : ( وباتوا عند قبره طول شهر رمضان يختمون الختمات بالشمع والقناديل، واصبحنا يوم السبت عملنا العزاء وتکلمت فيه وحضر خلق عظيم وعملت فيه المراثي)[69]

رمضان جو پورو مهينو ماڻهن چراغ ۽ قنديل سان ان جي قبر تي جاڳي گذاريو، ڪئي دفعا ختم قرآن ڪيو ويو ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ان جي باري ۾ تقرير ڪئي ويئي ۽ عزاداري ملهائي ويئي ان پروگرام ۾ گھڻن ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مرثيه به پڙهيا ويا.

سوال نمبر 16 : شيعه ڇا جي لاءِ هٿ ٻڌي نماز نٿا پڙهن؟

جواب:الف :  ڇاڪاڻ ته شيعه ان کي حرام سمجھندا آهن ۽ اهلسنت ۾ به ڪنهن ان جي واجب هجڻ جي فتوى ناهي ڏني، بلڪه ان کي مستحب عمل قرار ڏنو آهي ۽ ڪجھ اهلسنت جي امامن ته واجب نماز ۾ هٿن ٻڌڻ کي مڪروھ قرار ڏنو آهي. جيئن امام مالڪ نماز ۾ هٿ ٻڌڻ کي مڪروھ سمجھندو هو، اهڙي طرح سڀ صحابي هٿ کولي نماز پڙهندا هئا، ايستائين جو ٻئين خليفي عمر نماز ۾ هٿن ٻڌڻ واري بدعت جو آغاز ڪيو.

عبدالله بن زبير، حسن بصري، ليث بن سعد ۽ ابراهيم نخعي وغيره هٿ کولي نماز پڙهندا هئا.[70]

ب : ڇاڪاڻ ته رسول خدا4 نماز هٿ ٻڌي ناهي پڙهي جيئن ته قرطبي چوي ٿو ته: (اختلف العلماء في وضع اليدين احدهما على الاخرى في الصلاة فکره ذلک مالک في الفرض و اجازه في النفل،  والسبب في اختلافهم انه قد جائت آثار ثابت نقلت فيها صفة صلاة عليه الصلاة والسلام، ولم ينقل فيها انّه کان يضع يده اليُمنى على اليُسرى و ثبت ايضاَ انّ الناس کانوا يؤمرون بذلک)[71]

نماز ۾ هڪ هٿ کي ٻئي هٿ تي رکڻ جي باري ۾ علمائن ۾ اختلاف موجود آهي. مالڪ ان کي واجب نمازن ۾ مڪروھ ۽ مستحب نمازن ۾ جائز قرار ڏنو آهي ۽ اختلاف جو سبب اُهي صحيح حديثون آهن جن ۾ رسول خدا 4 جن جي نماز جي ڪيفيت بيان ٿي آهي، پر انهن ۾ پاڻ سڳورن 4 جو نماز ۾ هٿن ٻڌڻ جو ذڪر موجود ناهي. ٻئي طرف هيءُ ثابت آهي ته ماڻهن کي نماز ۾ هٿن ٻڌڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ج : اهل سنت وٽ نماز ۾ هٿن جي ٻڌڻ تي سڀ کان اهم دليل صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم جون روايتون آهن.

1 : صحيح بخاري ۾ آهي ته : ( عن ابو حازم عن سهل بن سعد قال: کان الناس يؤمرون ان يضع الرجل اليد اليُمنى على ذراعه اليُسرى في الصلاة قال: ابو حازم لا اعلمه الّا ان يُنمى ذلک الى النبي4 )[72]

ابو حازم سهل بن سعد کان نقل ڪري ٿو ته : ماڻهن کي اهو حڪم ڏنو ويو ته نماز ۾ پنهنجي ساڄي هٿ کي کاٻي هٿ جي مٿان رکن، ابو حازم چوي ٿو ته : مون کي گمان نٿو ٿئي ته اهو فعل پاڻ سڳورن 4 جن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن منسوب هجي.

نڪتو: خود راوي جي لاءِ به روشن ناهي ته هٿن ٻڌڻ جو حڪم ڏيڻ وارو ڪير هو، رسول خدا4 ، عمر يا ڪو ٻيو؟ جيئن ته عيني، بخاري جي شرح ۾ لکيو ته هيءَ حديث مرسل آهي.[73]

 اهڙي طرح سيوطي جو به اهو ئي نظريو آهي.[74]

2 : صحيح مسلم ۾ روايت آهي ته : (عن علقمه بن وائل و مولى لهم انّهما حدثاه عن ابيه وائل بن حجر انّه راى النبي4 رفع يديه حين دخل الصلاة... ثُم وضع يده اليُمنى على اليسرى)[75]

علقمه بن وائل پنهنجي غلام کان ۽ ان وائل بن حجر کان روايت ڪئي آهي ته مون رسول خدا4 ڏٺو جڏهن پاڻ نماز پڙهڻ لڳا ته پنهنجي هٿن کي ڪنن تائين بلند ڪري تڪبير چيائون ان کان پوءِ هٿن کي لڪائي ڇڏيائون ۽ پوءِ ساڄي هٿ کي کاٻي هٿ تي رکيائون.

هيءَ روايت مرسل آهي ان لاءِ جو اهلسنت علقمه جون پنهنجي پيءُ کان نقل ٿيل روايتن کي مرسل قرار ڏنو آهي. جيئن ته ابن حجر، ابن معين کان نقل ڪري ٿو.[76]

د : اهل بيتG نماز ۾ هٿن جي ٻڌڻ کان روڪيو آهي ڪڏهن (لاتفعل ذلک التفکير) ۽ ڪڏهن وري ان کي مجوسين جي فعل سان تعبير ڪيو اٿن ڪجھ جو چوڻ آهي ته نماز ۾ هٿن ٻڌڻ جو بنياد حضرت عمر جي زماني ۾ رکيو ويو.[77]

سوال نمبر 17 : نماز تراويح ڇا آهي ۽ ڇا جي ڪري اهل سنت وارا ان کي ادا ڪرڻ لاء ايترو زور ڀريندا آهن؟

جواب : رمضان المبارڪ جي مهيني جي هر رات ويھ يا ٽيھ رڪعتون نفل نماز پڙهڻ ۾ اهل سنت ۽ شيعن منجھ ڪوبه اختلاف موجود ناهي بلڪه اختلاف انهن نفلن کي جماعت سان انجام ڏيڻ ۾ آهي ته ڇا نفل نماز کي جماعت سان پڙهڻ جائز آهي يا نه؟ يا هيءُ ته رسول خدا4 يا اصحابن منجھان ڪنهن ان کي جماعت سان پڙهيو آهي يا ان کي پاڻ سڳورن 4 جن کان بعد ان کي ايجاد ڪيو ويو آهي؟

صحيح بخاري جي روايت مطابق عمر ماڻهن کي ان نماز کي جماعت سان پڙهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان کي بدعت سان تعبير ڪيو.

( فقال عمر اني ارى لو جمعت هولاء على قاريء واحد لکان امثل، ثم عزم فجمعهم على ابي بن کعب ثم خرج معه ليلة اُخرى، والناس يصلون بصلاة قارئهم. فقال عمر: نعمت البدعة هذه ..)[78]

عمر چيو ته : منهنجي نظر هيءَ آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي هڪ شخص جي امامت تي گڏ ڪيو وڃي ته اهو بهتر رهندو. ان کان پوءِ ارادو ڪيائين ۽ ماڻهن کي ابي بن ڪعب جي امامت ۾ جمع ڪيائين.

راوي چوي ٿو ته : ٻي رات جڏهن ٻاهر نڪري ڏٺائين ته ماڻهو جماعت سان نفل پڙهي رهيا آهن ته چيائين هيءَ ڪيڏي نه سٺي بدعت آهي!

قسطلاني چوي ٿو ته : عمر نماز تراويح کي بدعت ان ڪري چيو جو رسول ڪريم 4 جن جي زماني ۾ اها نه هئي ۽ نه وري ابوبڪر جي زماني ۾ پڙهي ويندي هئي.[79]

عيني جو چوڻ آهي ته : عمر نماز تراويح کي بدعت ان ڪري تعبير ڪيو جو پاڻ سڳورن 3 جن جي زماني ۾ نه هئي ۽ نه وري ابوبڪر جي زماني ۾ هئي.[80]

قلقشندي جو چوڻ آهي ته : سڀ کان پهريون شخص عمر هو جنهن سن چوڏنهن هجريءَ ۾ نماز نفل کي جماعت سان پڙهڻ جو حڪم ڏنو.[81]

اها آهي نماز تراويح جي حقيقت جنهن کي اهلسنت جي معتبر ڪتابن مان بيان ڪيو ويو. باقي رهيو سوال ان جي پڙهڻ تي زور ڀرڻ وارو ته ان جو جواب پاڻ اهل سنت وارا ڏيئي سگھن ٿا ته اهڙو عمل جنهن کي عمر پاڻ بدعت چئي رهيو آهي ان تي ايڏو سختي سان پابند هجڻ جو ڇا سبب آهي؟

سوال نمبر 18 : ڇا بدعت کي سُٺي ۽ خراب (بدعة الحسنة و بدعة السيئة) ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري سگھجي ٿو ۽ سُٺي بدعت مان ڇا مراد آهي؟

جواب : حديثن ۾ بيان ٿيو آهي ته : ( کل بدعة ضلالة وکل ضلالة في النار ) هر طرح جي بدعت گمراهي آهي ۽ هر گمراهي جو رستو جهنم آهي. ان بنياد تي بدعت کي ڀلي ۽ بُري ۾ تقسيم ڪرڻ رسول خدا 4 جن جي حديثن جي واضح طور مخالفت ڪرڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته اهلسنت جي تمام گھڻي قابليت رکڻ وارن علمائن بدعت جي تقسيم جي مخالفت ڪئي آهي جن ۾ شاطبي، ابن رجب حنبلي ۽ غامدي محقق معاصر آهن. اهي پنهنجي ڪتاب ( حقيقة البدعة واحکامها ) ۾ لکن ٿا ته : ( القول بحسن بعض البدع مناقض للادلة الشرعية الواردة في ذم عموم البدع. ذلک ان النصوص الذامة للبدعة والمحذرة منها جائت مطلقة عامة وعلى کثرتها لم يرد فيها استثناء البتة ولم يات فيها مايقتضي انّ فيها ماهو حسن مقبول عندالله ... على انّ القاعدة الکلّية في ذمّ البدع لايمکن ان يخرج عن اقتضاها فرد من الافرد )[82]

سٺي بدعت وارو نظريو انهن شرعي دليلن جي مخالف آهي جن ۾ عام طور بدعت جي مذمت ڪئي ويئي آهي. ان ڪري بدعت جي مذمت بيان ڪرڻ واريون حديثون عام ۽ مطلق آهن (عام ۽ مطلق مان مراد اُهي روايتون آهن جن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا قيد و بند لڳل نه هجي مثال طور روايت ۾ چيو وڃي سُٺي بدعت گمراهي جو سبب نه ٿي بڻجي ۽ خراب بدعت گمراهي جو سبب بڻجي ٿي) (مترجم) ۽ گھڻائي جي ڪري انهن ۾ جدائي (استثنى) به ممڪن ناهي. ۽ نه وري انهن روايتن ۾ ڪا اهڙي روايت بيان ٿي آهي جيڪا اهو بيان ڪري رهي هجي ته بدعت جو هڪ قسم سُٺو آهي جنهن کي الله پاڪ پسند ڪري ٿو....  ان ڪلي قاعدي جي بنياد تي ان مان ڪنهن هڪ فرد کي مستثنى(عليحده) قرار ڏيڻ ممڪن ناهي.

سوال نمبر 19 : اُهي روايتون جن ۾ بيان ٿيو آهي ته حضرت عليCجن نماز تراويح پڙهندا هئا يا ان جي لاءِ امام مقرر ڪندا هئا، انهن کي نماز تراويح جي بدعت هجڻ وارين روايتن سان ڪيئن گڏائي سگھجي ٿو؟

جواب : شيعن جي نزديڪ اهڙي عمل جي نسبت حضرت عليC جي طرف ڏيڻ نِسورو ( چٽو ۽ پڌرو ) ڪوڙ آهي. اهڙي طرح اهلسنت جي نزديڪ به اهو ثابت ناهي ته حضرت عليC نماز تراويح جماعت سان پڙهي هجي. جيئن بيهقي ان سلسلي ۾ چار يا پنج روايتون ذڪر ڪيون آهن، ۽ هڪ هڪ ڪري سڀني کي ضعيف ثابت ڪيو اٿس. تنهن ڪري تحقيق کان پوءِ هيءَ ڳالھ ثابت ٿي چُڪي آهي ته انهن سڀني روايتن ۾ ڪنهن به روايت جي سند صحيح ناهي.

ان کانسواءِ هيءَ به ڳالھ ثابت ناهي ته خود حضرت عمر به نماز تراويح پڙهي هجي ۽ عبدالله بن عمر ته سختي سان ان جي پڙهڻ کان روڪيندو هو. اهڙي طرح حضرت عليC به پنهنجي خلافت جي دور ۾ انهيءَ (نماز تراويح) کان روڪيو آهي.

(لمّا کان امير المومنين بالکوفة اتاه الناس فقالوا له اجعل لنا اماما يومنا في رمضان فقال لهم : لا و نهاهم ان يجتمعوا فيه، فلمّا امسوا جعلوا، يقولون ابکوا رمضان وا رمضانا...! [83]

جڏهن حضرت عليC ڪوفي ۾ هئا ته ڪجھ ماڻهو سندن خدمت مبارڪ ۾ حاضر ٿيا ۽ نماز تراويح جي لاءِ پيش امامَ جي درخواست ڪيائون ته حضرت امير المؤمنين عليC انهن کي ناڪاري ۾ جواب ڏنو ۽ نماز تراويح ادا ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻ کان روڪيو. جڏهن رات ٿي ته ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا رمضان تي گريو ڪريو وا رمضانا...!

سوال نمبر 20 : ڇا هيءُ جملو (الصلاة خير من النوم) شروع کان ئي آذان ۾ موجود هو يا بعد ۾ وڌايو ويو آهي؟

جواب: جڏهن حڪم آذان آيو ته هيءُ جملو آذان ۾ موجود نه هو ۽ بعد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

الف: آذان جي باري ۾ صحيح روايت جنهن کي اهلسنت وارا نقل ڪن ٿا اها روايت محمد بن اسحاق جي آهي انهيءَ ۾ اهو جملو موجود ناهي.

ب: سعيد بن مسيب واضح طور تي چيو آهي ته : ( ادخلت هذه الکلمة في صلاة الفجر ) هيءُ جملو صبح جي آذان ۾ مون داخل ڪيو آهي.[84]

ج : امام مالڪ  پنهنجي ڪتاب ۾ واضح طور لکيو آهي ته هيءُ جملو عمر بن خطاب جي حڪم سان صبح جي آذان ۾ داخل ڪيو ويو.

( عن مالک : انه بلغه ان الموذن جاء الى عمر بن الخطاب يوذنه لصلاة الصبح ، فوجده نائما فقال : الصلاة خير من النوم فامره عمر ان يجعلها في نداء الصبح ) [85]

مالڪ بن انس کان نقل ٿيو آهي ته : هڪ رات مؤذن حضرت عمر وٽ آيو ته جيئن صبح جي نماز جي خبر ڏئي ڏٺائين ته هو ستو پيو آهي تنهن ڪري آواز ڏنائين ته (الصلاة خير من النوم ) نماز ننڊ کان بهتر آهي. انهي تي عمر هيءُ حڪم ڏئي ڇڏيو ته ان جملي کي صبح جي آذان ۾ داخل ڪيو وڃي.

د : امام شافعي ان کي مڪروه ۽ هڪ قول جي مطابق بدعت قرار ڏنو آهي.

شوڪاني چوي ٿو ته : (لو کان لما انکره على وابن عمر وطاؤوس ) جيڪڏهن هي جملو آذان ۾ داخل هجي ها ته حضرت عليC ، عبدالله بن عمر ۽ طاؤوس ان جو انڪار نه ڪن ها.[86]

ھ : ابن جريج جو چوڻ آهي ته : عمر بن حفص اهو پهريون شخص آهي جنهن عمر جي خلافت ۾ پهريون ڀيرو ان جملي کي آذان ۾ داخل ڪيو.[87]

د : ابن حزم چوي ٿو ته : ( لا نقول بهذا الصلاة خير من النوم  لانه لم يات عن رسول الله4 )[88]

اسان هيءُ جملو آذان ۾ نه پڙهندا آهيون ان لاءِ ته اهو رسول خدا4 کان نقل ناهي ٿيو!

سوال نمبر 21 : ڇا هيءُ جملو ( حي على خيرالعمل ) آذان جو حصو آهي ۽ ان کي اصحابن ۽ تابعين منجھان ڪنهن پڙهيو آهي؟

جواب : صحيح روايت جي مطابق عبدالله بن عمر ۽ ابو امامه بن سهل بن حنيف ( هن جملي کي آذان منجھان حذف ڪرڻ کان بعد) به پڙهندا هئا.[89]

بيهقي امام زين العابدينC کان روايت نقل ڪئي آهي ته پاڻ آذان ۾ اهو جملو پڙهندا هئا ۽ پهرين آذان اها ئي هئي.[90]

اهڙي طرح زيد بن ارقم  حسن بن يحيى بن جعد ۽ هڪ قول جي مطابق شافعي به هيءُ جملو(حيّ على خير العمل) آذان ۾ پڙهندا هئا.[91]

 

 

والسّلام على من اتبع الهدى

    

    ابوطالب(ع) انٽرنيشنل اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جا  مقصد

1 : محمد و آل محمدG جي تعليمات کي ڦهلائڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ.

2 : مبلّغن جي تربيت ڪرڻ.

3 : دين اسلام ۽ حق جي مذهب تي ٿيڻ وارن اعتراضن جا جواب ڏيڻ.

4 : تحقيق ۽ ترجمي ڪرڻ جو طريقو سيکارڻ.

5 : غريب مؤمنن جي مدد ڪرڻ.

 



[1] .مسدرڪ حاڪم،ج4 ص 560

[2] .ارشاد الستاري، ج 3 ص352

[3] . مستدرڪ حاڪم ج4،ص 560 وفاء الوفاء ج4 ص1404

[4] .سير اعلام النبلاء،ج1 ص385،اسدالغابه، ج1 ص208

[5] .شرح الشفاء،ج2ص199

[6] .سيراعلام النبلاء،ج3،ص213

[7] .الجامع في العلل و معرفة الرّجال،ج2،ص32،وفاءالوفاءج4،ص1414

[8] .ڪنزالمطالب ص129

[9] .اسني المطالب،ج1،ص331

[10] .وفاء الوفاء،ج1،ص69

[11] .وفاء الوفاء،ج1،ص544

[12] .طبقات الڪبرى ج3،ص10 ،سيراعلام النبلاء،ج1،ص289

[13] .حلية الاولياءج2،ص258،

[14] .فتح الباريج2،ص557

[15] .ڪتاب الثقات ج8،ص456

[16] .تهذيب التهذيب ج7،ص339

[17] .تاريخ بغداد ج1،ص120

[18] .مناقب ابو حنيفه ج2،ص199

[19] .مستدرڪ الحاڪم ج3،ص118

[20] .وفيات الاعيان ج4،ص272،سيراعلام النبلاء ج17 ص215

[21] .المواهب اللدنيه ج3،ص417

[22] .طرح التثريب،ص297

[23] .السنن الڪبرى،ج5،ص245

[24] .مصنف عبدالرزاق،ج3،ص572،السنن الڪبرى،ج4،ص131

[25] .ارشاد الساري في شرح الصحيح البخاري،ج2،ص332

[26] .ارشاد الساري،ج2،ص329

[27] .احياء العلوم،ج1،ص258

[28] .صحيح مسلم،ج3،ص65

[29] .التاج الجامع للاصول،ج1،ص381

[30] .السنن الڪبرى،ج4،ص132،مصنف عبدالرزاق،ج3،ص572

[31] .مصنف عبدالرزاق،ج3،ص570، معجم البلدان،ج2،ص214

[32] .السنن الڪبرى،ج3،ص570، مستدرڪ حاڪم،ج1،ص374

[33] .ردّ المختار،ج2،ص263،المواهب اللدنيه،ج3،ص405

[34] .ميزان الاعتدال،ج2،ص459

[35] .تهذيب الڪمال،ج4،ص6

[36] .سير اعلام النبلاء،ج6،ص33

[37] .مستدرڪ حاڪم،ج1،ص377

[38] .وفيات الاعيان،ج5،ص424      

[39] .تاريخ بغداد،ج1،ص123

[40] .سيراعلام النبلاء،ج9،ص343

[41] .الجواهرالمضيئة،ج1،ص461

[42] .مسند احمد،ج2،ص246،الموطا،ج1،ص172

[43] .ارشاد الساري،ج3،ص497

[44] .ارشاد الساري،ج3،ص479

[45] .المدوّنة الڪبرى،ج1،ص90

[46] .الحديقة الندية،ج2،ص630

[47] .صحيح مسلم،ج3،ص61

[48] .ارشاد الساري،ج2ص486

[49] .وفاء الوفاء،ج2،ص545

[50] .سير اعلام النبلاء،ج13،ص285

[51] .موسوعة العتبات،ج6،ص97

[52] .تاريخ بغداد،ج1،ص163

[53] .سير اعلام النبلاء،ج14،ص419

[54] .صحيح مسلم،ج3،ص63

[55] .تهذيب الڪمال،ج26،ص407

[56] .تهذيب التهذيب،ج2،ص360،.تاريخ بغداد،ج8،ص199

[57] .تهذيب التهذيب،ج9،ص143،ميزان الاعتدال،ج3،ص545

[58] .الجامع الصحيح،ج3،ص372

[59] .تاريخ بغداد،ج1،ص154

[60] .المنتظم،ج14،ص383

[61] .وفيات الاعيان،ج5،ص310

[62] .شرح الجامع الصغير،ج3،ص198،سنن نسائي،ج4،ص95

[63] .سنن ابو داؤد،ج3،ص238

[64] .فرقان القرآن،ص133

[65] .نيل الابتهاج،ج2،ص62،تاريخ بغداد،ج1،ص123

[66] .تاريخ خميس،ج1،ص323،المواهب اللدنيه،ج1،ص27

[67] .سيراعلام النبلاء،ج8،ص468

[68] .سير اعلام النبلاء،ج15،ص481

[69] .سير اعلام النبلاء،ج18،ص379

[70] .هن مسئلي جي وڌيڪ تحقيق لاءِ( ڪتاب نماز ۾ هٿ کوليون يا ٻڌون) جو مطالعو ڪرڻ فرمائيندا.(مترجم)

[71] .بداية المجتهد،ج1،ص136

[72] .صحيح بخاري،ج1،ص135

[73] .عمدة القاري في شرح الصحيح البخاري،ج5،ص287

[74] .التوشيح على الجامع الصحيح،ج1،ص463،نيل الاوطار،ج2،ص187

[75] .صحيح مسلم،ج1،ص150

[76] .تهذيب التهذيب،ج7،ص247، تهذيب الڪمال،ج13،ص193

[77] .جواهر الڪلام،ج11،ص19، مصباح الفقيه،ص402

[78] .صحيح بخاري،ج1،ص342

[79] .ارشاد الساري في شرح الصحيح البخاري،ج4،ص656

[80] .عمدة القاري في شرح الصحيح البخاري،ج11،ص126

[81] .ماثرالانافة في معالم الخلافة،ج2،ص337

[82] .حقيقة البدعة واحڪامها،ج1،ص138

[83] .سرائر،ج3،ص639

[84] .نيل الاوطار،ج2،ص37

[85] .موطا امام مالڪ،ج1،ص72

[86] .نيل الاوطار،ج2،ص38

[87] .مصنف عبدالرزاق،ج1،ص474

[88] .المحلى،ج3،ص160

[89] .المحلى ،ج3،ص160

[90] .السنن الڪبرى،ج1،ص624

[91] .نيل الاوطار،ج2،ص39

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top