عزاداري جا مرحلا 

سهيڙيندڙ: معشوق علي مهدوي (جلالاڻي)

مهاڳ

سڀ ساراھَ تنهن سائينءَ کي ئي سونهي جيڪو هن سڄي سنسار جو سرجڻهار آهي ۽ سوين درود ۽ سلام هجن سندس پياري حبيب حضرت محمّد مصطفى3 ۽ سندن آل پاڪG تي جن جي صدقي هيءَ ڪرسي، لوح ۽ قلم، هي جن، مَلڪ ۽ آدم، هي آفاق ۽ عرش، هيءُ آڪاش ۽ فرش، هيءُ ماھ ۽ مهتاب، هيءُ سج ۽ آفتاب، هي نهرون ۽ نديون، هي سال ۽ صديون، هي پکي ۽ پرندا، هي حيوان ۽ درندا، هيءُ سج، چنڊ ۽ ستارا، هي قطب، ڪَتيون ۽ تارا، هي ڪوھَ ۽ ڪائنات، هي بادل ۽ برسات، هي سمونڊ ۽ واھَ، هي نديون ۽ درياءَ، هي گل ۽ ڦل، هي  ٽڪر ۽ جبل، هيءُ ڏينهن ۽ رات، هيءَ پرھ ۽ پرڀات، هي وڻ ۽ ٽڻ، هي پٿر ۽ پهڻ، هيءُ مُلڪ ۽ ميدان، هي صحراء ۽ ريسگتان ۽ هي ڪشتيون ۽ ڪهڪشان خلقيائين.

اسان وٽ جيڪو ڪجھ به آهي سڀ امام حسين× جي عزاداريءَ جي برڪت سان آهي. عزاراي ملت تشيّع جو روح آهي. ليڪن امام حسين× جي عزاداري ائين ڪجي جيئن ائمه^ ڪئي آهي ۽ جيئن ٻڌايو اٿن. اسان کي ڏسڻ گھرجي ته ائمه معصومين^ امام حسين× جي عزاداري ڪيئن ڪندا هئا؟ ۽ هن غيبت جي زماني ۾ مجتهدَ ۽ فقيه عزاداريءَ جي طريقي جي باري ۾ ڇا بيان ڪن ٿا؟ اسان کي به اهڙي ئي نموني عزاداري ڪرڻ گھرجي. عزاداريءَ ۾ جيترو به ٿي سگھي خرافات ۽ بدعت کان پاسو ڪجي. عزاداري هڪ نيڪ ۽ چڱو عمل آهي ۽ ان جو بيحد ثواب آهي، پر ائين نه ٿئي جو عزاداريءَ ڪندي ڪو واجب عمل ڇٽي وڃي يا ڪو حرام عمل سرزد ٿي وڃي! مؤمن وانگر عزاداري ۽ عزادار جا پڻ مختلف رتبا ۽ درجا آهن؛ عزاداريءَ جي لحاظ سان عزادار جو رتبو جيترو ئي مٿي هوندو اوترو ئي اهو امام حسين× جي اڳيان وڌيڪ سرخرو ۽ سندن وڌيڪ ويجھو هوندو. عزاداريءَ جا سڀئي درجا ۽ رتبا اجر ۽ ثواب رکن ٿا ۽ هر هڪ عزادار کي سندس ئي درجي جو ثواب ملي ٿو. اسان پنهنجي هن مختصر لکڻيءَ ۾ عزاداري ۽ عزادار جي مرتبن ۽ مرحلن سان گڏوگڏ هڪ حقيقي عزادار جي ذميواري ۽ وظيفي کي بيان ڪرڻ چاهيون ٿا ان اميد سان ته پڙهندڙ دوست هن لکڻيءَ مان سهڻو لاڀ پرائيندا.

عزاداريءَ جو پهريون مرتبو

عزادار، عزاداريءَ جي هن رتبي ۾ دل جي گھراين سان امام حسين× جي غم ۾ غمگين هوندو آهي ۽ ان کانسواءِ هن رتبي جو عزادار پنهنجي غم ۽ ڏک کي ظاهر پڻ ڪندو آهي، هيءُ عزاداريءَ جو گھٽ ۾ گھٽ رتبو آهي. جيڪي ماڻهو عزاداريءَ جي پهرئين مرتبي تي ۾ آهن پوءِ چاهي اهي ڪنهن به مذهب ۽ دين سان لاڳاپو رکندا هجن جيترو به امام حسين× جي عزاداريءَ جو غم ۽ امام× جو درد سندن سيني ۾ هوندو ايترو ئي الله پاڪ کين اجر ۽ ثواب عطا ڪندو.

عزاداريءَ جو ٻيو مرتبو

عزادار، عزاداريءَ جي هن رتبي ۾ پنهنجي غم کي مختلف صورتن ۾ ظاهر ڪندو آهي؛ مثال جي طور تي سندس چهري جو مُرجھائڻ، امام× جي لاءِ روئڻ، ڪارا ڪپڙا پائڻ، ماتم ڪرڻ وغيره. هن رتبي جو عزادار عزاداريءَ کي ڪڏهن تنها ۽ ڪڏهن ٻين عزادارن سان گڏجي انجام ڏيندو آهي.

يهودي، عيسائي ۽ ٻين مذهبن جا عزادار جيڪي امام حسين× تي روئن ٿا ۽ اهڙي نموني جيڪي امام× سان اهڙي قسم جا احساسات رکن ٿا جيتوڻيڪ امام× سندن مذهب ۽ مسلڪ ۾ شامل ناهي پر تنهن هوندي به اهي امام× بابت ڄاڻ رکن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته انهن جي دل ۾ ائمه معصومين^ ۽ خاص ڪري مولا حسين× جي محبت رهي ٿي. اسان انهيءَ بابت عزاداريءَ جي چوٿين مرحلي ۾ وڌيڪ وضاحت ڪنداسين.

عزاداريءَ جو ٽيون مرحلو

عزاداريءَ جي هن مرحلي ۾ گھڻو ڪري امام حسين× جا شيعه ئي هوندا آهن ۽ هن مرحلي ۾ عزادارَ انهن ماڻهن سان پنهنجي نفرت ۽ اعتراض کي ظاهر ڪندا آهن جن امام حسين× ۽ سندن ساٿين سان ظلم ڪيو آهي ۽ کانئن بيزاري ڪندا آهن. امام حسين× جي معرفت ئي سبب بڻجندي آهي جو عزادار عزاداريءَ جي ٻئين رتبي کان ٽئين رتبي ڏانهن ترقي ڪندو آهي.

هنن ٽنهي مرتبن جي تحقيق سان سهڻي نموني سمجھ ۾ اچي ٿو ته هنن ٽنهي رتبن جو اصلي ۽ ڪليدي عنصر، عطوفت ۽ محبت آهي. نوحن ۽ عاشور جي اشعار جي تحقيق سان اهو معلوم ٿو ٿئي ته عزاداري هنن ٽنهي مرحلن ۾ گھڻو ڪري عطوفت ۽ احساسات تائين محدود رهي آهي ۽ ان کان مٿين مرحلن ڏانهن ترقي نه ڪئي اٿس.

عزاداريءَ جي ٽئين مرتبي جون رڪاوٽون

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عزاداريءَ جي ٽئين مرحلي ۾ اهڙيون بدعتون، ناپسند طريقا ۽ خُرافات آهن جيڪي عزاداريءَ جي فلسفي ۽ امام حسين× جي انقلاب جي روح جي بلڪل برعڪس آهن، ان جي عمده دليلن منجهان هڪ هيءَ آهي ته هن مرتبي ۾ روئڻ ۽ روئارڻ کي عزادايءَ جو اصلي هدف قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهو سمجھيو ويو آهي ته هن مرتبي ۾ حماسي ۽ معرفتي رُخ جو ڪوبه حصو نه آهي يا جيڪڏهن آهي تڏهن به نه هجڻ جي برابر؛ ڇاڪاڻ ته عزاداريءَ جي هن مرتبي ۾ رڳو ان شيءِ جي اهميت آهي ته عاشور وارو واقعو ڪيئن پيش آيو؟ نه منجهانئس درس پرائڻ ۽ پيغام حاصل ڪرڻ.

اهو روشن آهي ته جڏهن روئڻ ۽ روئارڻ کي امام حسين× جي عزاداريءَ جو اصلي هدف قرار ڏنو ويو ته پوءِ وسوسي ۽ دوکي ۾ وجھڻ وارو نفس ۽ شيطان انسان کي ڪوڙي ۽ غلط شين، بدعتن ۽ خرافات بابت اڀاري ٿو.

هن مرتبي ۾ گريي ۽ سوڳواري، عمل ۽ معرفت جي جاءِ سنڀالي ورتي آهي، تنهنڪري دشمن اهڙي قسم جي مجلسن کان جن ۾ بدعتون ۽ خرافات آهن غلط فائدو وٺي ٿو ۽ اهو پنهنجي ڀاري رقم خرچ ڪري مختلف حيلن ۽ حربن سان حقيقي عزاداريءَ جي راھ کي تبديل ڪرڻ ۾ پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو اهو چاهي ٿو ته عزاداري پنهنجو حقيقي روپ تبديل ڪري، گريي، سوڳواري ۽ عطوفت جي روپ ۾ ماڻهن جي سامهون اچي.

عزاداريءَ جو چوٿون مرتبو

عزاداريءَ جي هن رتبي ۾ بنيادي طور تي عزادار، عزاداريءَ جي ٽئين رتبي کان وڌي ڪري اڳتي وڃڻ چاهي ٿو ۽ اهو پنهنجي پاڻ کي ائمه معصومين^ جي حقيقي عزادارن ۽ حقيقي شيعن ۾ ڄاڻي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سندس محبت ۽ معرفت وڌي چڪي آهي. عزادار، امام حسين×، سندن خاندان ۽ باوفا صحابين جي عظمت کان آشنا هوندو آهي اهڙي حالت ۾ هو احساس ڪندو آهي ته هاڻي هو ان ٽئين رتبي ۾ رهي ڪري پنهنجي پاڻ کي راضي ۽ سيراب نه ٿو ڪري سگھي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي پاڻ ۾ اهلبيت^ ۽ خاص ڪري امام حسين× جي عظمت کي درڪ ڪرڻ جي لاءِ محسوس ڪندو آهي ته هاڻي هو ذاڪرن ۽ خطيبن ۽ ڪتابن جي ليکڪن جون توجيهون ۽ وضاحتون جيڪي خود انهيءَ ٽئين مرحلي ۾ آهن ،عزادار کي سيراب ڪرڻ کان قاصر آهن؛ ڇو جو اهي ماڻهو پنهنجي سمجھ ۽ فهم مطابق اهلبيت^ ۽ خاص ڪري امام حسين× جي ذڪر کي بيان ڪن ٿا، ليڪن ان صورت ۾ عزادار بهترين طريقي سان متوجّھ هجڻ سان گڏوگڏ احساس ڪري ٿو ته حقيقت ان کان اڃا وڌيڪ آهي جيڪو ڪجھ اهي بيان ڪن ٿا. عزادار ان شيءِ جي باري ۾ اڃا وڌيڪ تلاش ڪندو آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي انهن مجهول شين کان پري ڪري ۽ گھري معرفت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن معرفت جي حقيقي جام سان پنهنجي اڃ اجھائي سگھي.

عزادار، عزاداريءَ جي هن چوٿين مرحلي ۾ وڌيڪ ۽ اعلى معرفت حاصل ڪرڻ جي ڪري انهن ماڻهن کان انتقام وٺڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو آهي جن ائمه معصومين^ کان خدا پاڪ جي طرفان کين عطا ڪيل مقام ۽ مرتبو کَسيو آهي ۽ اهڙي نموني انهن ماڻهن کان انتقام وٺڻ گھري ٿو جيڪي مقامِ امام ۽ امامت ۽ هدايت جا غاصب آهن ۽ جن هن معاشري ۾ ان شيءِ کي عام ڪرڻ جي لاءِ انهن جي مدد ڪئي آهي. عزاداريءَ جي هن مرحلي ۾ روئڻ ۽ روئارڻ جيتوڻيڪ عزادار جو هڪ مهم ۽ مک فريضو آهي ليڪن هن فريضي کي ايتري اهميت ڪو نه ٿو ڏئي بلڪه مودّت جي سايي ۾ حضرت امام حسين× جي لشڪر (جيڪو خدا پاڪ جو لشڪر آهي) ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

 چوٿين مرحلي ۾  عزاداريءَ خاطر مجلسون

هن مرتبي ۾ عزاداري ڪرڻ انهن هدفن ۽ مقصدن کي زندھ ۽ محفوظ رکڻ جو وسيلو آهي جن کي زندھ ۽ محفوظ رکڻ خاطر اهل بيتG پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. عزاداريءَ جي هن مرحلي جون مجلسون ۽ پروگرام ڪوڙ، حرام، تحريف ۽ اختلافن کان آجا هوندا آهن ۽ ماڻهو اهڙي قسم جي مجلسن ۾ شريڪ ٿي دين ۽ سندن وظيفن ۽ فريضن بابت پهريان کان اڃا وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪندا آهن.

هن مرتبي ۾ مجلسون ۽ معصومينG سان مخصوص ڏهاڙن کي ملهائڻ جا پروگرام mمعرفت ۽ انتقام جو روح پيدا ڪرڻn جو محل ۽ مرڪز هوندا آهن، هنن مجلسن ۾ شريڪ ٿي ڪري انسان حضرت امام حسينA جي شخصيت، فضيلت، مقام ۽ مرتبي کان بهترين طريقي سان آشنا ٿئي ٿو. عزاداريءَ جي چوٿين مرحلي ۾ حقيقي عزادار جي لحاظ کان، سڀ کان بهترين مجلس عزا اها آهي جيڪا هڪ عزادار جي دل ۾ حسيني روح کي وجود ۾ آڻي.

عزاداريءَ جو پنجون مرتبو

عزاداريءَ جي هن مرتبي ۾ عزادار جو باطن پاڪ ۽ صاف هوندو آهي ۽ هو هن مرحلي ۾ هر قسم جي ڪوڙ، تحريف ۽ بدعت کان ڪوهين دور هوندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هو هن مرحلي ۾ گھري معرفت سان پڻ سرشار هوندو آهي. حقيقي عزادار عزاداريءَ جي هن مرتبي ۾ ان معرفت جي سهاري جيڪا پاڻ حاصل ڪئي اٿس، اهل بيتG سان مودّت ڪرڻ جي مرحلي تائين پهچندو آهي ۽ منجهس انهن جي دشمنن کان انتقام وٺڻ جو جوش ۽ وِلولو جاڳندو آهي ۽ سندس زندگيءَ کي عمل جي ميدان ۾ لاهيندو آهي اهڙو عمل جيڪو مودّت جو نتيجو ۽ عقيدي تي مبتني هوندو آهي.

حقيقي عزادار اهو آهي جيڪو جيڪڏهن حضرت امام حسين× جي هن عظيم مصيبت تي گريو ۽ زاري ڪندو آهي ته هو اعظم مصيبت تي ان کان اڃا وڌيڪ ڏکارو ٿيندو آهي.

نبي ڪريم6 جن فرمايو: بيشڪ حسين× جي شهادت خاطر مؤمنن جي سينن ۾ هڪ اهڙي قسم جو سيڪ آهي جيڪو ڪڏهن به ٿڌو نه ٿو ٿي سگھي.

جيڪڏهن حضرت امام حسين× ۽ سندن باوفا ساٿين جي شهادت جي ڪري هڪ حقيقي عزادار جي سيني ۾ باھ دُکي رهي آهي جيڪا ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قيمت تي اجھامي نه ٿي سگھي ته پوءِ امام× کي سندس مقام جي کسڻ تي سيني جي باھ جا اڃا وڌيڪ اُلاھ ظاهر ٿيڻ گھرجن ۽ سينو اڃا وڌيڪ جلڻ گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته سندس وجود ۾ حضرت امام حسين× جو روح ڦوڪيو ويو آهي ۽ اهوئي امام حسين× جو حقيقي فرزند آهي جنهن کي الله سائين سندن ولي قرار ڏنو آهي، سندس دل ۾ امام حسين× جي انتقام جي اهڙي آڳ ڀڙڪي رهي آهي جيڪا ڪڏهن به وسامي نه ٿي سگھي ۽ اهائي انتقام جي اها باھ آهي جيڪا ان عزادار کي عزاداريءَ جي پنجين مرحلي ۾ داخل ڪندي آهي.

حقيقي عزادار جو امام حسينA جي خون جي مُنتقم سان رابطو

جڏهن عزادار کي هن حقيقت جي خبر پئجي ويندي آهي ته امام حسين× جي خون جو انتقام فقط ۽ فقط اصلي مُنتقمَ (امام مهدي×) جي اچڻ کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي، جڏهن عزادار ۾ اهڙي قسم جي معرفت اچي ويئي ته پوءِ هو پنهنجي پوري جي پوري وجود سميت پنهنجي وقت جي امام ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳندو آهي.

عزادار ۾ محبت ۽ معرفت جهڙا جيڪي ٻه سبب مضبوط ٿيا آهن اهي ٻئي سبب هميشه ان انسان ۾ جذابيت ۽ ڪشش پيدا ڪن ٿا ۽ اها دائمي ڪشش ڪارڻ بڻجندي آهي جو هو امام زمانه× سان سندس محبت ۽ معرفت کي وڌائي ڪري پنهنجي وظيفن ۽ فريضن کي سهڻي نموني انجام ڏئي. جڏهن عزادار ۾ اهڙي قسم جي معرفت اچي ويئي ته پوءِ هو هڪ اهڙي مٿانهين ۽ بلند مقام تي پهچي ٿو جنهن کي مقامِ mانتظارn چئبو آهي؛ جڏهن عزادار انهيءَ مقام تائين پهچي ٿو ته پوءِ هر وقت سندس دل پنهنجي وقت جي امام جي لاءِ ماندي ۽ بيقرار رهندي آهي.

هن مرتبي ۾ عزادار جي وجود (دل) ۾ حضرت امام مهدي× جي لاءِ اهڙي قسم جي محبت ۽ عشق ويهي ٿو وڃي جو هاڻي هو امام× جي رضايت کان سواءِ پنهنجي زندگيءَ جو هڪ لمحو به گذارڻ نه ٿو چاهي، هو بس هن دنيا ۾ پنهنجي وقت جي امام جي لاءِ ئي جِيئِي رهيو آهي ۽ پنهنجي اختيار جون سموريون واڳون پنهنجي حقيقي حُجّت جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي، هو هن وقت هن حقيقت تائين پهچي چڪو هوندو آهي ته هن جهان ۾ جيڪي به سختيون، مشڪلاتون، بي انصافيون، بڇڙايون، جھيڙا ۽ فساد پيدا ٿيا آهن اهي سڀئي خدا پاڪ جي طرفان موڪليل رهبر ۽ رهنما جي غيبت جي ڪري ئي آهن، جيڪڏهن هن وقت امام× جن غائب نه هجن ها ته هن ڌرتيءَ تي ههڙي قسم جي هاڃا پيش ئي نه اچن ها.

عزادار انهيءَ محبت جي ڪري جيڪا کيس پنهنجي وقت جي امام سان آهي ۽ اهڙي نموني امام زمانه× جي مقابلي ۾ کيس جيڪو مسئوليت ۽ ذميواريءَ جو احساس ٿيو آهي، جهاد ۽ عمل جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. هو هن صحيح نتيجي تي پهتو آهي جو عبادت ۽ اسلام جي خدمت بغير ڪنهن هدف ۽ مقصد جي ڪافي نه آهي بلڪه سڀئي عبادتون ۽ خدمتون جيڪي اسلام جي لاءِ انجام ڏنيون وڃن ٿيون انهن سڀني جو ڪو نه ڪو هدف ۽ مقصد آهي ۽ اهو خدا پاڪ جي برحق خليفي سان يڪجهتي ۽ ساڻس اهو وچن ڪرڻ آهي ته ڪنهن به صورت ۾ سندس ساٿ ناهي ڇڏڻو ۽ ڪنهن به قيمت تي کيس تنها ناهي ڇڏڻو.

بس هن وقت سندس نيڪ ۽ صالح عمل ۽ سندس خدمت اجائي نه آهي بلڪه هو جيڪي به اعمال انجام ڏيئي رهيو آهي ۽ اسلام ۽ مسلمانن جون جيڪي به خدمتون ڪري رهيو آهي اهي بي هدف نه آهن بلڪه سندس اهي خدمتون خالص روح سان ۽ هڪ هدف ۽ مقصد تحت آهن.

ان کانپوءِ حقيقي عزادار جيڪا به سياسي، اجتماعي، اقتصادي، فرهنگي، عبادي، عرفاني ۽ علمي فعاليت، انجام ڏئي ٿو انهن سڀني جو هڪ رُخ ۽ هڪ ئي مقصد آهي ۽ اهو امام زمانه× جي ظهور جي راھ هموار ڪرڻ ۽ هن دنيا تي ان امام جي حڪومت (جيڪا جهاني ۽ الهي حڪومت آهي) جو قائم ٿيڻ آهي.

جنهن جنهن فعاليت ۽ تحرّڪ ۾ اهڙي قسم جو هدف ۽ مقصد نه پاتو وڃي ته پوءِ اهڙي قسم جي فعاليت نه رڳو هڪ ڀلو ڪم نه آهي بلڪه اها خداوند متعال ۽ معصومين^ ۽ پڻ اسلام ۽ مسلمانن سان هڪ قسم جي خيانت ۽ ظلم آهي. جيڪڏهن ڪوئي مسلمان هجڻ جي دعوى ڪندي مذهبي ڪمن ۾ پنهنجي پاڻ کي مشغول ڪري پر اهو پنهنجي وقت جي امام جي باري ۾ ڪا به جدوجهد نه ڪري ۽ امام× جي ظهور جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪو به هٿ پير نه هڻي ته اهڙي انسان کي پڪ شيطان دوکي ۾ رکيو آهي ۽ سچ پچ! ان کي شيطان پنهنجي فريب جي ڦندي ۾ ڦاسايو آهي.

جنهن اسلام ۾ حجّتِ خدا ۽ ان جا اسان جي مٿان جيڪي وظيفا ۽ فريضا آهن انهن جو تذڪرو نه هجي اهڙي اسلام کي محمّدي اسلام نه چئبو بلڪه ان کي شيطاني اسلام چئبو. اسلام جو شيطان جي ولايت هيٺ اچڻ ئي سبب بڻيو آهي جو ماڻهو سوين سالن کان وٺي پنهنجي وقت جي امام (حضرت امام مهدي×) کان غافل ۽ بي خبر آهن ۽ پنهنجي وقت جي امام کي تنهائي ۽ غربت جي عالم ۾ مظلوم ۽ اڪيلو ڇڏي ڏنو اٿن.

ڇا اسان اها دعوى ڪري سگھون ٿا ته اسان اهلبيت^ جا محبّ ۽ سندن حقيقي عزادار آهيون، جڏهن ته اسان حضرت امام مهدي× جي حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ پنهنجي دين ۽ مذهب جي لاءِ معصوم رهبر جي رهبريءَ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪائي تلاش ۽ ڪوشش نه ڪري رهيا آهيون ۽ مصيبت اعظم (حڪومت جو امامِ معصوم جي هٿ ۾ نه هجڻ) تي پڻ راضي آهيون؟

حقيقي عزادار جنهن حد تائين معرفت حاصل ڪري چڪو آهي انهيءَ جي سايي ۾ سهڻي نموني اهو ڄاڻي ٿو ته جيستائين حضرت امام مهدي× جي ظهور جو حقيقي مُنتظِر نه هوندو تيستائين نه ئي حقيقي عزادار ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي امام حسين× جي خون جي انتقام وٺندڙن منجهان ٿي سگھي ٿو، بلڪه انهيءَ کان به مٿي اهو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته جيڪڏهن هو امام حسين× جي خون جي اصلي مُنتقم (امام مهدي×) جي ظهور ۽ ان جي راھ ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪائي تلاش ۽ ڪوشش نه ڪندو ته انهيءَ به امام× تي ظلم ڪيو آهي. هن حساس زماني ۾ پنهنجي وقت جي امام کي تنها ڇڏي ڏيڻ بلڪل ڪوفي جي ماڻهن وانگر آهي جن امام حسين× کي اڪيلو ڇڏي ڏنو هو. امام زمانه× جي لاءِ بيقرار نه ٿيڻ ساڻن بي وفائي ڪرڻ وانگر آهي. شيعن جي بي وفائي ۽ امام× کي وساري ڇڏڻ ئي هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جي امام زمانه× شڪايت ڪئي آهي ۽ اهائي شيءِ سبب بڻي آهي جو امام زمانه× هن وقت تائين غيب جي پردي ۾ آهن.

امام مهدي× جن هڪ هزار سال پهريان شيخ مفيدP جي لاءِ جيڪا توقيع تحرير فرمائي هئي انهيءَ ۾ امام× سندن ظهور جي تاخير جا ٻه مک سبب بيان فرمايا آهن:

الف: امام× سان سندن شيعن ۽ محبّن جي بي وفائي.

ب: ظهور جي رڪاوٽن کي ختم نه ڪرڻ.

اهي شيعا جن پنهنجي امام جي وظيفن کي انجام ڏيڻ ۾ سُستي ۽ ڪوتاهي ڪئي ته اهڙي قسم جا شيعا به انهن ماڻهن منجهان هوندا جن امام× کي آزار ۽ اذيت ڏني آهي. ۽ امام× اهڙي قسم جي ماڻهن کان شڪوا ڪندي فرمائن ٿا ته: m بيشڪ جاهل، اٻوجھ ۽ گھٽ عقل رکندڙ شيعا ۽ اهي ماڻهو جن جو دين هڪ مڇر جي پَر کان به وڌيڪ ڪمزور آهي، مون کي تڪليف ۽ اذيت پهچائي رهيا آهنn.[1]

حضرت امام علي× امام زمانه (عج) جن جي تنهائي ۽ مظلوميت جي باري ۾ فرمائن ٿا: mصَاحِبُ هذَا الاَمْرِ الشَّرِيْدُ الطَّرِيْدُ الفَرِيْدُ الوَحِيْدُn.[2] امام زمانه# بي يار و مددگار آهي ۽ هو (هيترن محبن ۽ شيعن جي هوندي به هن وقت) بي سهارو، تنها ۽ اڪيلو آهي. ڇا اهي جملا اسان جي وقت جي امام جي باري ۾ ناهن؟ مگر هو اسان جي زماني جو حسين ناهي؟ ڇا هو هر روز فرياد نه ٿو ڪري: mهَلْ مِنْ نَاصِرٍ يَنْصُرُنِيْn ڪوئي آهي جيڪو منهنجي مدد ڪري؟ ڇا اسان کي انهيءَ فرياد جو جواب نه ڏيڻ گھرجي؟ جيڪڏهن اسان پنهنجي وقت جي امام جي انهيءَ فرياد جو جواب نه ڏنو ته ڇا اسان به انهن وانگر ناهيون جن حضرت امام حسين× کي ڪربلا ۾ اڪيلو ڇڏي ڏنو؟

سچو مؤمن ۽ حقيقي عزادار اهو آهي جيڪو امام× جي انهيءَ فرياد کي دل جي ڪَنن سان ٻڌي ۽ پنهنجي پوري عشق، محبت، جوش ۽ وِلوِلي سان سندن سپاھ ۾ وڃي شامل ٿئي. حقيقي عزادار عزاداريءَ جي پنجين مرحلي ۾ پهچڻ ۽ پنهنجي وقت جي امام جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود به دلي طور تي خوش ناهي هوندو؛ ڇاڪاڻ ته هو اڃا تائين به پنهنجي وقت جي امام کي مظلوميت، تنهائي ۽ غربت جي عالم ۾ ڏسي رهيو آهي ۽ امام× کي اهڙي حال ۾ ڏسي دلي طور تي خوش نه آهي، هو دشمنن جي گھڻائي ۽ دوستن ۽ حقيقي عزادارن جي قِلت جي ڪري رنجيده آهي ۽ انهيءَ جي ڪري ئي امام زمانه× جن جي تنهائي ۽ غربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان قيام ڪري ٿو. سندس اها ڀرپور ڪوشش رهندي آهي ته پاڻ کان علاوه ٻين دوستن ۽ عزادارن جي (جيڪي کانئس مرحلي جي لحاظ کان هيٺ آهن) مدد ڪري ته جيئن اهي به عزاداريءَ جي پنجين مرحلي ۽ امام زمانه× جي سپاھ ۾ شامل ٿي سگھن ۽ امام× جي مددگارن ۽ دوستن مان شمار ڪيا وڃن.

هن مرحلي ۾ حقيقي عزادار ٻين کي پنهنجي وقت جي حسين، حضرت امام مهدي× جي تنهائي، غربت ۽ مظلوميت جي باري ۾ آگاھ ڪرڻ، پنهنجي هڪ وڏي ذميواري سمجھي ٿو ۽ هو هن فرهنگي ڪم ۾ پنهنجي جان ۽ مال جي ڪا به پرواھ نه ٿو ڪري، هن جي لاءِ هن کان وڌيڪ ڪا ٻي مهمترين ۽ بهترين شيءِ ڪانهي جو هو انهن دوستن ۽ عزادارن کي پنهنجي وقت جي امام جي ويجهو ڪري جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سببان پنهنجي حقيقي هادي ۽ رهبر کان دور ٿي چڪا آهن. هو ڀليءَ ڀَتِ ڄاڻي ٿو ته سندس هيءُ ڪم پنهنجي وقت جي امام جي قُرب جو مُکيه سبب آهي ۽ هو انهيءَ ڪم کي انجام ڏيئي پنهنجي امام جي اڃا وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.

حقيقي عزادار ڪڏهن به انهن ماڻهن منجهان نٿو ٿي سگھي جيڪي امام× کي تڪليف پهچائين ٿا. پنهنجي وقت جي امام جي شناخت ۽ پنهنجي فريضن ۽ وظيفن کي انجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪرڻ، سبب بڻجي ٿي ته اسان هرگز امام× جي اچڻ جي تمنا ئي نه ٿا ڪريون ۽ دشمنن جي خاتمي ۽ ظهور جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪابه جدوجهد نه ٿا ڪريون ۽ عملي طور تي انهن ماڻهن جي زُمري ۾ اچي وڃون ٿا جن پنهنجي امام کي سندس اعلى مقام تان هٽايو ۽ اهڙن تي سدائين خدا جي ڦٽڪار آهي.

جيڪڏهن اسان به امام× جي ظهور جي ڪائي آرزو نه ڪريون ۽ سندن ظهور جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪائي ڪوشش ۽ تلاش نه ڪريون ته اسان به ملعون آهيون. جيڪڏهن هڪ لحظو به سندن ظهور جي تاخير جي دعا ڪريون ۽ امام زمانه× کانسواءِ هڪ لحظي جي لاءِ به هن دنيا تي ڪنهن ٻئي جي حاڪميت تي راضي رهون ۽ موجوده صورتحال تي راضي هجون ته پوءِ اسان به ملعون آهيون ۽ اسان به زيارت عاشور ۾ ڪئي ويل ڦٽڪار جا اتم مصداق بڻجنداسين؛ ڇاڪاڻ ته ائين ڪري اسان پنهنجي وقت جي امام تي هڪ وڏو ظلم ڪيو آهي.

 



[1]بحارالانوار، جلد25، صفحو266

[2]ڪمال الدّين، جلد1، صفحو563

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top