بسم الله

حضرت حبيب ابن مظاهر ( ڪربلا جو پيرسن مرد مجاهد)  

ليکڪ : سيد احمد علي نقوي

 

امام حسين عليه السلام جي تحريڪ ۾ هر عمر جا ماڻهو شريڪ هئا ، کير پياڪ ٻارن کان وٺي پيرسن ۽ ٻڍڙن مجاهدن تائين ، سيد الشهداء عليه السلام جي عاشقن اهڙي ته فداڪاري جو مظاهرو ڪيو جو هر انسان لاءِ سندن  قرباني نمونه عمل بڻجي وئي .

جنهن مرد مجاهد جو اسان ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا اهو پيرسن مرد حضرت حبيب ابن مظاهر آهي، جنهن کي رسول اڪرم (ص) جي صحابي هجڻ جو به شرف حاصل آهي ۽ امام المتقين جي وفادار ۽ پيروڪار هجڻ جو به اعزاز حاصل آهي.

نالو ۽ نسب

حبيب ابن مظاهر يا ( مُظهر) بن رئاب ابن اشتر بن حجوان بن قفعس بن طريف بن عمرو بن قيس بن حارث بن ثعلبه بن دودان بن اسد اسدي ڪندي فقعسي [1]

قديمي ڪتابن ۾ والد جو نالو مُظاهر [2]ڪٿي مُظهَّر[3] ڪٿي  ڪٿي مطهّر ذڪر ڪيو ويو آهي،  مامقاني[4] جيئن زيارتن ۾ نالو مشهور آهي مُظاهر کي درست قرار ڏنو آهي . پر سيد محسن امين تاريخي ڪتابن تي اعتماد ڪندي مظهر کي درست قرار ڏنو آهي [5]

فضائل

رسول خدا ص جي بعثت کان هڪ سال ۽ هجرت کان چوڏهن سال اڳ بني اسد قبيلي ۾ يمن جي سرزمين تي حضرت حبيب ابن مظاهر اسدي[6] جي ولادت ٿي ، 9 هجري تي پنهنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گڏ مديني آيا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا، ننڍپڻ ۾ ئي  امام حسين عليه السلام سان سندن ڄاڻ سڃاڻ ٿي  ۽ ننڍپڻ ۾ ئي امام حسين جو وڏو احترام ڪندا هئا، اهي ڏينهن هئا  جن ۾ پاڻ سڳورا (ص) ڪافرن ۽ مشرڪن کي توحيد جي دعوت ڏئي رهيا هئا، حضرت حبيب جي فضيلتن مان هڪ اها آهي ته جوان ٿيندي ئي ڪافرن ۽ مشرڪن جو رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿيو ۽ اسلامي حڪومت قائم ٿي چڪي هئي ، ان سنهري دور ۾ پاڻ سڳورن (ص) جو هر جنگ ۾ ساٿ ڏنائون . پاڻ سڳورن (ص) جي بابرڪت وجود مان اهڙو ته فيض حاصل ڪيائون جو تاريخ  اسلام ۾ ان مرد مجاهد جي قرباني ۽ فداڪاري کي هميشه ياد ڪيو وڃي ٿو .

حضرت حبيب هڪ عابد متقي ۽ پارسا انسان هئا ، پوري قرآن جا حافظ پڻ هئا[7] ، راتين جي تاريڪين ۾ پالڻهار جي عبادت ڪندڙ هئا، امام حسين عليه السلام حضرت حبيب لاءِ فرمايو : حبيب هر رات قرآن جو ختم ڪڍندو آهي، سندس زندگي نهايت ئي سادي ۽ پاڪيزه هئي، جڏهن مولا امام حسين (ع) جي بيعت ڪيائون ته ڪجهه خبيثن کين مال دولت جي لالچ ڏني پر حبيب انهن کي رد ڪندي چيو :فرزند رسول اڪيلو قتل ڪيو وڃي اسان زندا رهون اهو ٿي ئي نٿو سگهي، جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته رسول خدا ص کي ڪهڙو منهن ڏيکارينداسين [8]

پاڻ سڳورن (ص) جي صحابي هجڻ لاءِ علماء جا رايا

ابن ڪلبي [9] ۽ ابن حجر عسقلاني [10] پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته حضرت حبيب پاڻ سڳورن (ص) جي صحآبين مان آهن

شيخ طوسي[11] کيس اصحاب رسول خدا (ص) ۾ نه لکيو آهي بلڪه کين امام علي (ع)، امام حسن ۽ امام حسين (ع) جي اصحابن جي فهرست ۾ لکيو آهي . اهڙي طرح اسد الغابة ، الاستيعاب  به کيس پاڻ سڳورن (ص) جي صحابين ۾ شمار نه ڪيو آهي

مولا علي عليه السلام جي ظاهري خلافت

مولا علي عليه السلام جي ظاهري خلافت واري دور ۾ به حضرت حبيب جنگ جمل هجي يا صفين يا نهروان مولا سان هميشه گڏ رهيا ۽ جنگ جمل لاءِ مولا متقيان سان گڏ بصري ويا ۽ جنگ ختم ٿيندي ئي ڪوفي ۾ رهڻ لڳا، حضرت حبيب عام سپاهي نه هئا، بلڪه مولا جي فوج ۾ مختلف ٽولا ۽ جٿا هئا انهن مان هڪ جٿي جو نالو تاريخ ” شرطة الخميس “ لکيو آهي، حضرت حبيب بن مظاهر ان فوج جا سپه سالار ۽ سردار هئا[12] ، حضرت حبيب جي جنگي مهارت ۽ بصيرت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت ميثم تمار هميشه حبيب ابن مظاهر ۽ رُشيخ هَجَري سان جنگ جي طور طريقن ۽ ايندڙ حڪمت عمليءَ بابت مشورو ڪندا هئا[13] ،

امام حسن (ع) جي امامت وارو دور

امام حسن عليه السلام جي امامت واري دور ۾ کانئن اهڙو ته صبر جو درس پرايائون جو مولا تي ٿيندڙ ايڏا ظلم پنهنجي اکين سان ڏسندي به مولا جي امر جي ڪري سدائين خاموش رهيا، بهادري اها ناهي هوندي جو انسان تلوار کڻي ميدان جنگ ۾ اچي بلڪه سڀ کان وڏي بهادري اها آهي جو انسان زماني جي بهترين انسان تي ظلم ٿيندي ڏسي وري به انسان هادين جي هدايت تي هلي ڪري صبر ۽ خاموشي اختيار ڪري .

 ڪوفين جا خط ۽ حضرت حبيب جو ڪردار

  جڏهن امام حسين عليه السلام يزيد جي بيعت نه ڪئي ۽ مديني کان مڪي ڏانهن هجرت ڪيائون ، ڪوفين امام ڏانهن ڪجهه خط موڪليا جن ۾ اهو لکيل هيو ته مولا توهان قيام ڪيو اسان توهان سان گڏ آهيون، انهن خطن ۾ سڀ کان پهريون خط جيڪو لکيو ويو هيو ان خط ۾ چئن ڄڻن جون مهرون ۽ دستخط هئا 1 سليمان بن صرد خزاعي 2 مسبب بن نجبه 3 رفاعه بن شدّاد 4 حبيب ابن مظاهر .[14]

امام حسين عليه السلام حضرت مسلم بن عقيل کي ڪوفي ڏانهن پنهنجو سفير ڪري موڪليو ته جيئن اتان جو جائزو وٺي اچن ، حضرت مسلم جي ڪوفي پهچڻ سان ئي حبيب بن مظاهر  ۽ حضرت مسلم بن عوسجه لڪ ڇُپ ۾ ماڻهن کان امام حسين (ع) جي بيعت وٺڻ شروع ڪئي ۽ سندن ڪوشش هئي ته ڪو لشڪر تيار ڪري پنهنجي مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿيان ، پر عبيد الله بن زياد جي مڪاري ۽ ظلم جي ڪري حبيب ۽ سندس قبيلي وارا ڪجهه دير لاءِ لڪي ويا ته جيئن ان جي ظلم کان بچي سگهجي ۽ موقعو ملندي ئي مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿجي [15]

محبوب جو سنيهو

امام حسين عليه السلام ڪوفي اچڻ کان پهريان حضرت حبيب نالي هن ريت هڪ خط لکيو:

اي حبيب ! توکي خبر آهي ته منهنجو حضرت رسول خدا (ص) سان منهنجو ڪهڙو رشتو آهي؟ تون با اخلاق ۽ هڪ غيرتمند انسان آهين، اسان جي واٽ ۽ رستي ۾ پنهنجي جان ڏيڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجان، منهنجو نانو رسولخدا صلى الله عليه وآله وسلم  قيامت واري ڏينهن ان جو توکي اجر عنايت ڪندا [16]

ڪربلا جو راهي

مولا جي ان خط کان بعد حضرت حبيب ابن مظاهر ڪربلا جو راهي ٿيو ، ابن زياد جيڪي به رستا امام حسين عليه السلام جي ڪاروان ڏانهن وڃي رهيا هئا، سي سڀ بند ڪري ڇڏيا هئا ، پر حضرت حبيب ابن زياد جي ڪارندن کان لڪندي راتين جو سفر ڪري نيٺ ست محرم تي ڪاروان حسيني سان وڃي ڪربلا ۾ مليا [17]

حضرت حبيب جي ڪربلا ۾ امام حسين (ع) جي لشڪر تي نظر پئي ته مولا کان اجازت وٺندي چيائين مولا اجازت ڏيو ته مان ـ قبيله بني اسد “ کي به اوهانجي مدد لاءِ وٺي اچان ، حضرت حبيب قبيلي بني اسد کي راضي ڪيو پر عمر بن سعد کي جيئن خبر پئي انهن کي ڪربلا اچڻ نه ڏنائين [18]

نائين محرم جي ٽپهري

حبيب بن مظاهر نائين واري ڏينهن عمر بن سعد طرفان خط کڻي ايندڙ هڪ شخص کي نصيحت ڪندي چيو: انهن ظالمن ڏي وري واپس موٽي نه وڃجانءِ .[19] نائينءَ جي شام جو جڏهن يزيد جي لشڪر مولا حسين (ع) جي لشڪر تي حملو ڪرڻ ٿي گهريو حضرت حبيب انهن کي روڪيندي چيو توهان کي خبر ناهي توهان ڪنهن سان دشمني ڪئي آهي مولا حسين جا فضائل ۽ صفتون بيان ڪندي انهن کي ان حملي کان روڪيائين [20]

 عاشور جي رات

هلال بن نافع چئي ٿو ته ڏهه محرم واري رات  جڏهن اصحاب حسيني کي سائڻ زينب عاليه سلام الله عليها  جي پريشاني جي خبر پئي ، مان ۽ حبيب سڀني صحابين کي مولا حسين (ع) جي بارگاه ۾آندوسين ۽ اتي مولا جي محضر ۾ اهو اعلان ڪيوسين ته اي اسان جا مولا خون جي آخري قطري تائين اسان توهان سان ۽ توهانجي خاندان سان  گڏ آهيون ۽ توهان جا حامي ۽ مددگار آهيون [21]

 عاشور جي ڏينهن

امام حسين عليه السلام جڏهن ڏهين واري ڏينهن خطبو ڏيندي پنهنجو حسب ۽ نسب بيان ڪندي فرمايائون: ته ڇا توهان کي ناني رسول جي  هي حديث ” هذان سيدا شباب اهل الجنة “ هي (حسن ۽ حسين ) جنت جي جوانن جا سردار آهن) وسري وئي آهي؟ توهان ۾ ڪيترا ئي آهن جن ناني رسول کان اها حديث ٻڌي هئي . ايتري ۾ شمر خبيث چيو: جيڪڏهن مان تنهنجي ڳالهه ٻڌم ڄڻ خدا جي شڪ ۽ ترديد واري حالت ۾ عبادت ڪيم، ايتري ۾ حضرت حبيب شمر ملعون کي جواب ڏيندي فرمايو : تون ته هر وقت الله جي عبادت به شڪ ۽ وسوسي جي حالت ۾ ڪندو آهين، مان گواهي ڏيان ٿو ته تون سچ چوين ٿو ڇو جو تو کي معصوم جو ڪلام سمجهه ۾ ئي نه ايندو، ان ڪري جو تنهنجي دل ڪاري ۽ پليد ٿي چڪي آهي ۽ ان تي مهر لڳي وئي آهي [22]

جڏهن ابوثمامه امام حسين (ع) کي نماز جو وقت ياد ڏياريو ته امام فرمايو: انهن يزيدن کي چئو ته جنگ بند ڪن ته جيئن نماز پڙهي سگهون ، ايتري ۾ حصين بن نمير چيو : توهان جي نماز قبول ناهي، حضرت حبيب بن مظاهر کيس جواب ڏيندي فرمايو: الله جي رسول (ص) جي خاندان جي نماز قبول ناهي ۽ اي شرابي تنهنجي نماز قبول آهي ، حبيب ڪاوڙ ۾ اچي حصين تي حملو ڪيائين ايتري ۾ حصين بن نمير جي لشڪر حصين کي حضرت حبيب کان بچائي ورتو [23]

جڏهن حضرت مسلم بن عوسجه جنگ ڪندي ڪندي زخمي ٿي زمين تي ڪريا ، مولا حسين (ع) ۽ حضرت حبيب ان وٽ آيا ۽ امام حسين (ع) فرمايو : اي مسلم!  الله تنهنجي مغفرت ڪري ۽ هن آيت جي تلاوت ڪيائون: ”فمنهم من قضى نحبه ومنهم من ينتظر وما بدلوا تبديلا “ حضرت حبيب سندس ڀرسان اچي ڪري فرمايو : مسلم تنهنجي شهادت منهنجي لاءِ ڏاڍي ناگوار آهي پر مان تون کي جنت جي بشارت ۽ خوشخبري ٿو ڏيان ، ته حضرت مسلم بن عوسجه کيس فرمايو: الله تو کي ڀلائي جي بشارت ڏئي ته حبيب جواب ۾ وراڻيو: اي مسلم اگر منهنجي شهادت جو وقت ويجهو نه هجي ها مان تون کان وصيت جو سوال ڪيان ها ۽ پوءِ جيڪا تون وصيت ڪرين ها ان کي پورو ڪيان ها ۽ ان حق کي ادا ڪيان ها . حضرت مسلم بن عوسجه مولا حسين (ع) ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو: تون کي مان وصيت ٿو ڪيان پنهنجي جان مولا حسين (ع) جي راه ۾ قربان ڪجان. ته حضرت حبيب جواب ڏنو: مان تنهنجي ان وصيت تي عمل ڪندس [24]

حضرت حبيب جي رجز خواني

ميدان جنگ ۾ حضرت حبيب هي شعر پڙهيا

انا حبیب و ابی مظاهر                                          فارس هیجاء و حرب تسعر

و انتم عند العدید اکثر                                           و نحن اعلی حجة و اظهر

و انتم عند الوفاء اغدر                                           و نحن اوفی منکم و اصبر [25]

 

مان حبيب آهيان ، منهنجو بابو مظاهر آهي ، مان جنگ جي ميدان ۾ بهادرن وانگر جنگ ڪندو آهيان ، جيتوڻيڪ توهان جو تعداد گهڻو آهي پر اسان حجت ۾ (توهان کان) بلند ۽ غالب آهيون، توهان جيڪو ( الله ۽ ان جي رسول سان واعدو ڪيو هيو ) ان سان خيانت ڪئي آهي ، پر اسان پنهنجي واعدن جي وفا ڪرڻ وارا ۽ صبر ڪرڻ وارا آهيون .

حضرت حبيب جي شهادت

بديل بن صريم[26] حضرت حبيب تي تلوار سان وارُ ڪيو ۽ ايتري ۾ هڪ ٻئي شقي کين نيزو هنيو ، ان کانپوءِ حضرت حبيب گهوڙي تان زمين تي ڪري پيا ، پر اڃان زمين تان اٿڻ چاهن پيا ته حصين بن تميم تلوار سان مٿي تي وار ڪيو، تميمي گهوڙي تان لهي اڃان سندن سر بدن کان جدا ڪرڻ ٿئي چاهيو ته حصين تميمي کي چيو مان تنهنجو ان جي قتل ڪرڻ ۾ حصيدار آهيان ، ۽ سر مون کي ڏئي ته جيئن مان فوج کي ٻڌائي سگهان ته مان حبيب کي قتل ڪيو آهي باقي ان جي انعام ۾ منهنجي ڪا به لالچ ناهي ، جڏهن ابن زياد انعام ورهائي تون ڀلي ان کان انعام وٺجان ، ان خبيث حضرت حبيب جي سر کي پنهنجي گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٽنگي ڪري ابن زياد وٽ کڻي ويو[27]، ايتري ۾ امام حسين عليه السلام حضرت حبيب جي لاش تي اچي پهتا ، مولا فرمايو : مان قيامت واري ڏهاڙي پنهنجو ۽ اصحاب جو حساب وٺندس[28] ۽ مولا هن آيت کي بار بار پڙهي رهيا هئا : انّا لله وانّا اليه راجعون ،[29] ڪجهه روايتن ۾ ائين آيو آهي : مولا حسين (ع) فرمايو: حبيب توتي سلام تون هر رات قرآن جو  ختم ڪڍندو هئين [30]، امام زمانه عجل الله فرجه الشريف زيارت ناحيه  مقدسه ۾ فرمائن ٿا : السلام على حبيب بن مظاهر الاسدي اي ! حبيب بن مظاهر تو تي سلام هجي [31]

سندن ڪرامت

حضرت حبيب بن مظاهر جي مزار امام حسين عليه السلام جي ڀرسان ئي آهي جڏهن به ڪربلا جا زائر امام حسين (ع)  جي زيارت لاءِ ويندا آهن، ته حضرت حبيب جي زيارت به پڙهندا آهن ، ڪجهه ڪتابن ۾ ملي ٿو ته نادر بادشاه حضرت حبيب جي قبر کي حضرت سيد الشهداء امام حسين (ع) جي روضي مان منتقل ڪرڻ ٿي چاهيو ته ايڏي ته تيز هوا ۽ آنڌي لڳي جو سڀ بيهوش ٿي ويا ۽ جيئن نادر بادشاه کي هوش آيو ته توبه ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين ته سندن قبر کي ڍڪي ۽ ان مرمت ڪئي وڃي [32]

حضرت حبيب جي زيارت

 (السَّلامُ عَليْكَ أَيُّهَا العَبْدُ الصَّالِحُ المُطِيعُ للهِ وَلِرَسُولِهِ وَلأَمِيرِ المُؤْمِنِينَ وَلِفاطِمَةَ الزَّهْرَاءِ وَالحَسَنِ وَالحُسَيْنِ عَلَيْهِمُ السَّلامُ الغَرِيبُ المُواسِى، أَشْهَدُ أَنَّكَ جَاهَدْتَ فِى سَبِيلِ اللهِ، وَنَصَرْتَ الحُسَيْنَ بْنَ بِنْتِ رَسُولِ اللهِ، وَوَاسَيْتَ بِنَفْسِكَ، وَبَذَلْتَ مُهْجَتَكَ، فَعَلَيْكَ مِنَ اللهِ السَّلامُ التَّامُّ، السَّلامُ عَلَيْكَ أَيُّهَا القَمَرُ الزَّاهِرُ، السَّلامُ عَلَيْكَ يَا حَبِيبَ بنَ مُظاهِرِ الأَسَدِى وَرَحْمَةُ اللهِ وَبَرَكاتُهُ)

    

 



[1]    الامين ،الاعيان الشيعه ، ج4، ص553

[2]  ابن جرير ، طبري ، ج5، ص252، 355، 416

[3]  بلاذري، انساب الاشراف ، ج2 ص 462 ، 478، 480

[4]  تنقيح المقال في علم الرجال ، ج17، ص 394،395

[5]  الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ص 553

[6]  رجال جي ڪتابن ۾ حبيب ابن مظاهر فقعسي  جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا  (دانشنامه امام حسين ج6 ، ص 233

[7]  شيخ عباس قمي ، نفس المهموم ، ص 124

[8] الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ص554ا

[9]  سماوي ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص 127

[10]  الاصابة في تمييز الصحابة ، ج 2 ص 142

[11]  رجال الطوسي ، ص 60 ،93، 100

[12]  شيخ مفيد ، الاختصاص ، ص 2، 7

[13]  دانشنامه امام حسين ، ج 6 ، ص233

[14]  سماوي ، محمد بن طاهر ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص56.

[15]  مفيد ، الارشاد ، ص203.

[16]  دربندي ، فاضل ، اسرارالشهادة ، ص390.

[17] امين محسن ، اعيان الشيعه ، ج4 ص554، ابصار العين في انصار الحسين ،م ص 57.

[18]  الامين ، اعيان الشيعه ، ج4 ، ص554

[19]  سماوي ، ابصار العين في انصار الحسين ، ص130

[20]  بلاذري ، انساب الاشراف ، ج 2 ، ص 484

[21]  موسوعة کلمات الامام الحسين ، ص 407 ، 408

[22] مفيد ، الارشاد ، ص 378

[23]  شيخ عباس قمي ، نفس المهموم ، ص 124

[24]  سيد بن طاووس ، لهوف ، ص133

[25]   کتاب الفتوح، ج5، ص 107/ مقتل الحسین خوارزمی، ج2، ص18/ ابصارالعین، ص105.

[26]  موسوعة کلمات الامام الحسین علیه السلام، ص446، ش 424

[27]  الکامل فی التاریخ، ج2، ص567 .

[28]  تاریخ الامم و الملوک، ج5، ص440/ مقتل الحسین علیه السلام خوارزمی، ج2، ص192/ الکامل فی التاریخ، ج2، ص567/ البدایة و النهایة، ج8، ص198/ بحارالانوار، ج45، ص27/ عوالم، ج17، ص27/ اعیان الشیعه، ج1، ص206/ وقعه الطف، ص231/ موسوعة کلمات الامام الحسین علیه السلام، ص446.

[29]   بقره، آیه 156/ مقتل الحسین مقرم، ص301 .

  [30] موسوعة کلمات الامام الحسین، ص446، ش 424، ص231 .

[31]  اقبال الاعمال ج، 3 ص 78 ص 343

[32]  زندگاني حبيب بن مظاهر : 57، وقايع الأيام از بيرجندي : 38

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top