بسم الله الرحمٰن الحيم

انسان جي زندگي ۾ عيد فطر جوڪردار

عيد جو ڏينهن انسان جي فطرت ڏانهن موٽ

تحرير مولانا محمود علي معصومي 

اسلامي ڪلچر ۾ شوال مهيني جي پهرين ڏينهن کي عيد فطر جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي حقيقت ۾ هي ڏينهن انسان کي پنهنجي حقيقي فطرت ڏانهن توجه ڏياري ٿو ڇو ته مسلمان ماه مبارڪ رمضان جي سڄي مهيني ۾ خدا سان رابطي ۽ گناهن کان توبه ۽ پنهنجي روح کي هرنجاست ۽ پليتي کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ هر ان عمل کان دوري ڪندا آهن. جيڪو هنن جي فطرت جي خلاف هوندو آهي ۽ پاڻ کي پاڪ ڪري حقيقي فطرت ڏانهن متوجھ ٿيندا آهن مومنن جي امير حضرت امير المومنين عليه السلام ان ڳالھ ڏانهن توجه ڏياريندي فرمايو؛ ”انما هو عيد لمن قبل الله صيامه و شکر وکل يوم لا يعصيٰ فهو عيد قيامه “ عيد فطر ان جي لاءِ عيد آهي جنهن جا خدا روزا قبول ڪيا هجن ۽ خدا ان جي نماز جي ساراه ڪئي هجي ۽ هر اهو ڏينهن انسان جي لاءِ عيد آهي جنهن ڏينهن ۾ هن خدا جي نافرماني نه ڪئي هجي.[i]

ها حقيقت ۾ گناھ کان دوري وارو ڏينهن ۽ هر نجاست ۽ پليدي کان فاصلي وارو ڏينهن ۽ شياطين تي غلبي وارو ڏينهن ئي حقيقي عيد آهي عيد فطر لغت جي اعتبار سان به فطرت ڏانهن واپسي جو نالو ۽ ڏينهن آهي ڇو ته عيد جي معنيٰ آهي واپسي ۽ فطر جي معنيٰ آهي فطرت ۽ طبيعت بس جنهن ڏينهن انسان پنهنجي فطرت  ۽ طبيعت کي ڄاتو اهو ڏينهن ان لاءِ عيد فطر آهي. چو جو مسلمان 30 ڏينهن خدا جو خصوصي مهمان هوندو آهي عيد فطر واري ڏينهن هو پنهنجي واقعي  ۽ حقيقي شخصيت جو احساس ڪندو آهي. پوري سال جي دوران انساني فطرت تي جهل،ناداني ، غفلت ۽ مصيبت جي مٽي چڙهي ويندي آهي ۽ انسان پنهنجي حقيقي فطرت کان پري هليو ويندو آهي نتيجي ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي خدا کي وساري وهندو آهي ليڪن مسلمان رمضان المبارڪ ۾ تقويٰ،عبادت ۽ تقرب خدا جي ڪري ان جهل جي غبار کي پري ڪندي پنهنجي حقيقي فطرت ڏانهن موٽندا آهن حقيقت ۾ رمضان المبارڪ ۽ عيد فطر، فطرت ڏانهن واپسي جو ڏينهن آهي. گويا عيد فطر جي ڏينهن مسلمان تازو هن دنيا ۾ متولد ٿيندو آهي.

شيخ طوسي رحمه الله عليه فرمائن ٿا؛ شوال مهيني جو پهريون ڏينهن اهل ايمان وارن لاءِ عيد جو ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي ڇو ته اهل ايمان وارا رمضان المبارڪ ۾ پنهنجي عملن جي قبوليت جي ڪري خوشحال هوندا آهن ان جي لاءِ جو خداوند متعال ايمان وارن جي گناهن کي معاف ڪيو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ هنن جي عيبن تي پردو وڌو اٿس ۽ مومنين رمضان المبارڪ  جي ڏينهن ۽ راتين ۾ پنهنجي ڪريم خدا جي نزديڪ ٿيندا آهن ان ڏينهن ۾ خوشحال ۽ سرور هوندا آهن.[ii]

عيد فطر جي استقبال ڪرڻ وارن جا مختلف مرتبه ۽ مقام

بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي هر مسلمان عيد فطر جي ڏينهن خوشحالي جو احساس ڪندو آهي ليڪن مسلمانن ۾ عيد فطر جو استقبال هڪ جهڙو نه آهي ڇو ته هر هڪ پنهنجي ايمان ۽ مغفرت مطابق هن عظيم عيد کان بهرو ۽ فائدو وٺندو آهي.

ميرزا جواد آقا ملڪي تبريزي هڪ وڏو عارف ٿي گذريو آهي هن عارف عيد فطري واري ڏينهن خوشحال ٿيڻ وارن کي ڪجھ ٽولن ۾ تقسيم ڪيو آهي هي عارف انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي عيد فطر جو تمام گهٽ استقبال ڪن ٿا.هڪ ٽولو عيد فڀر ۾ اهڙن ماڻهن جو هوندو آهي جن روزي جي حقيقت کي ناهي ڄاتو خدا تي ٿورو ۽ منت رکندي  روزو رکندا آهن پاڻ کي رمضان المبارڪ ۾ بدوڙ، غيبت، بهتان، گارين کان پري ناهي ڪيو ۽ ٻين ماڻهن کي ڏک ڏيندي پنهنجي پورين ڪوششن کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن اهڙا ماڻهو عيد فطر واري ڏينهن خدا وٽ ڪو به مقام ۽ مرتبو ناهن رکندا اهڙا ماڻهو عيد فطر ۾ خدا سان حسن رکندي ايندا آهن تاڪه خدا عيد فڀر واري ڏينهن نماز ۽ استغفار جي ڪري هنن کي معاف ڪري.

هي عارف لکي ٿو ته عيد فطر ۾ حاضر ٿيڻ وارن مان سڀ کان وڌيڪ مرتبو اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي خدا جي سڏ تي لبيڪ چوندي ۽ روزي جي اڃ ۽ بک کي وساريندي ۽ قرب خدا جي شوق ۾ شب بيداري ڪندا آهن ۽ خير جي ڪمن ۾ کنسوڻ وانگر اڳتي هوندا آهن ۽ جان ۽ دل سان رب الارباب جي سامهون پاڻ کي تسليم ڪندا آهن اهڙن ماڻهن جا عيد جي ڏينهن سڀ عمل قبول ڪيا ويندا آهن ۽ قرب جي نزديڪ ترين مقام کي حاصل ڪندا آهن[iii]

عيد فطر مسلمانن جي اقتصادي ۽ اجتماعي مشڪلات جو حل

عيد فطر جي ڏينهن مسلمان فطرو ڏيندا آهن فطرو هڪ بهترين ذريعو آهي جنهن جي ڪري فقيري ۽ فقر کان نجات ملي سگهي ٿي خصوصا مسلمانن جون مالي ۽ اقتصادي ۽ اجتماعي مشڪلون حل ٿي سگهن ٿيون فطري جي ذريعي ڪيتريون ئي مشڪلون حل ٿي سگهن ٿيون جهڙوڪ؛ قرضدار جو قرض اداء ڪري سگهجي ٿو ۽ مدرسه، مسجدون، روڊ، رستا، پلون، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪري سگهجن ٿا.

ان فطري جي ذريعي ِضيف الايمان وارن جي عقايدن کي قوي ڪري سگهجي ٿو عيد واري ڏينهن فطري جي ذريعي اهي ماڻهو جيڪي شيطاني شبهات ۽ دشمنن جي وسوسن ۾ گرفتار آهن مدد ڪري سگهجي ٿي ۽ هي فطرو عيد جي ڏينهن ”قربه اليٰ الله“ جي نيت سان ڏنو ويندو آهي نتيجي ۾ انسان ماديات کان بهرو وٺندي فطري جي ذريعي معنوايات کي حاصل ڪندو آهي اگر فطري کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ته صرف عيد فطر جي ئي ڏينهن فقر کان نجات حاصل ٿي سگهي ٿي.

روزي جي قبوليت جو دارومدار فطري جي ڏيڻ تي آهي بس جنه فطري جي ذريعي مسلمان جي مدد نه ڪئي ان جو ڪو به روزو قبول نه آهي فراح ۽ ڪاميابي لاءِ فطري ۽ زڪات جي ضرورت آهي ”قد افلح من تزکيٰ وذکراسم ربه فصليٰ“ ڪاميابي ان ماڻي جنهن زڪات جي ذريعي پنهنجوتزڪيه ڪيو ۽ جنهن خدا جي نالي سان ان کي ياد ڪيو ۽ جنهن خدا جي نالي سان ان کي ياد ڪيو ۽ ان کان پوءِ نماز پڙهي.[iv]

ان آيت جي مصداقن مان هڪ مصداق عيد فطر ۽ فطرو آهي روايتن ۾ آهي ته سدائين رسول الله صليٰ الله عليه وآله وسلم عيد فطر جي ڏينهن عيد گاھ ڏانهن وڃڻ کان پهريان فطرو ڏيندا هيا ۽ هن آيه مبارڪ جي تلاوت ڪندا هئا.[v]

عيد فطر تعظيم شعائر اسلامي

رب العزت پنهنجي پاڪ قرآن ۾ فرمايو آهي؛ ”ومن يعظم شعائرالله فانها من تقويٰ القلوب

جنهن به شعائر الهي جي تعظيم ڪئي اهو ڪم هن جي روح جي پرهيزگاري جي نشاني آهي. [vi]

عيد فطر جي خصوصيات مان هڪ خصوصيت تعظيم شعائر الهي آهي هن عيد ۾ هر مسلمان تڪبير، تهليل،تحميد، ۽ تقديس جا شعائر ڏيندو آهي هر مسلمان لاءِ ضروري آهي ته توحيد جي ندا کي پوري دنيا تائين پهچائي ۽ مذهبي شعار کي عام ڪري رسول الله صليٰ الله عليه وآله وسلم جن فرمايو؛ ”زينوا اعيادکم بالتکبير“ پنهنجين عيدن کي تڪبير جي شعار سان ذينت ڏيو.[vii]

هڪ ٻي حديث ۾ پاڻ سڳورن فرمايو؛ ”زينوا العيدين بالتعليل والتکبير والتحميد والتقديس“ عيد فطر۽ قربان کي لا اله الاالله ولله اکبر والحمدلله ۽ سبحان الله جي شعار سان زينت ڏيو.[viii]

حديث ۾ آهي رسول الله (ص) عيد فطر جي ڏينهن گهر کان نڪرڻ وقت عيدگاه تائين لا اله الا الله والله اکبر جون صدائون ڏيندا هيا هتي عيد جي خطبن کان پهريان ۽ وچ ۾ ۽ خطبن کان پوءِ به انهن جملن کي ڌهرائيندا هئا امام رضا عليه السلام عيد فطر جي ڏينهن تڪبيرن جي علت جي باري ۾ فرمايو؛ تڪبير خداوند متعال جي تعظيم ۽ وڏائي بيان ڪرڻ آهي ۽ تڪبير خدا جي نعمتن ۽ هدايتن تي شڪر جو نالو آهي.[ix]

عيد فطر مسلمانن جي وحدت جو هڪ نمونو

عيد فطر جي ڏينهن گڏ ٿيڻ مسلمانن جي درميان وحدت ۽ همدلي جو سبب بڻجي ٿو مسلمان عيد فطر جي اجتماع ۾ هڪ ٻئي جي مشڪلات ۽ ڏکن کان واقف ٿين ٿا عيد جي گڏجاڻي ۾ ڪينا ۽ ناضگيون دوستي ۽ همدلي ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون مومن هڪ صف ۾ بيهي ڪري اتحاد ۽ ويهڙائپ جو هڪ نمونو پيش ڪندا آهن.

امام سجاد عليه السلام عيد کي مسلمانن جي لاءِ اجتماع ۽ وحدت ۽ خوشحالي جو ڏينهن سڏيو آهي. ”اللهم انا نتوب اليک في يوم فرنا الذي جعلته للمومنين عيدا وسرورا ولاهل ملکتک مجمعا ومحتشدا“ پرودگار اسان کي عيد فطر جي ڏينهن توڏانهن ئي اچڻو آهي جنهن ڌينهن کي تون اهل ايمان وارن لاءِ عيد ۽ خوشحالي قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي ملت لاءِ اجتماع ۽ همدلي وارو ڏينهن قرارآهي.[x]

امام رضا عليه السلام عيد فطر جي اجتماعي ۽ وحدت واري پهلو کي بيان ڪندي فرمايو؛ ”انما جعل يوم الفطر العيد ليکون للمسلمين مجتمعا يجتمعون فيه وينزون لله عزوجل فيجدون علي ما من عليهم فيکون يوم عيد ويوم اجتماع ويوم زکات ويوم رغبته ويوم تضرع و.........فاصب الله عزوجل ان يکون لهم في ذالک مجمع يحمدونه فيه ويقدسونه“ شوال مهيني جو پهريون ڏينهن عيد جو ڏينهن آهي تاڪه مسلمان ان ڏينهن ۾ پاڻ ۾ گڏ ٿين ۽ خدا جي لاءِ ظهور ڪن ۽ خدا جي نعمتن تي شڪريو ادا ڪن بس عيد جو ڏينهن اجتماع ۽ زڪات ۽ فطري ۽ رغبت آه و بڪاء.............جو ڏينهن آهي ان ڏينهن ۾ خدا چاهي ٿو ته مسلمان پاڻ ۾ گڏ ٿين ۽ ان جو حمد ۽ تقديس ڪن.[xi]

عيد فطر جو سياسي پهلو

تاريخ جي ڊگهي عرصي ۾ عيد فطر جي ڏينهن جو اجتماع اهڙو ته مهم ۽ تبديلي رهيو جو سياسي ليڊرن ۽ رهبرن ان عيد جي اجتماع کان بهرو ۽ فائدو ورتو آهي ابو مسلم خراسانيءَ عيد فطر جي ڏينهن مسلمانن جي هڪ وڏي اجتماع کان مدد وٺندي بنو اميه جي خلافت خلاف تحريڪ هلائي ابو مسلم خراسانيءَ سليمان بن ڪثير کي حڪم ڏنو ته عيد فر جي نماز کي پڙهائي ۽ خطبي ۾ بنو اميه جي خلاف ڳالهائي.

سليمان پڻ پنهنجي انقلاب کي عيد جي فطر جي اجتماعي ۽ سياسي خطبي کان شروع ڪيو ان ترتيب ابو مسلم خراساني ۽ سليمان سال 129 هجري قمري ۾ عيد فطر جي ڏينهن ماوراء النهر شهر ۾ پنهنجي انقلاب جو بنياد رکيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ بنو اميه جي خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو.

بس عيد فطر جي ذريعي ۽ مدد سان هڪ وڏو انقلاب آڻي سگهجي ٿو.اهڙي طرح سان نماز عيد جي اجتماعي کان امام رضا عليه السلام پڻ سياسي و اجتمائي ۽ معنوي استفادو ڪيو آهي. جڏهن خليفي مامون پاڪ امام کي مجبور ڪيو ته عيد نماز پڙهاين امام جن فرمايو مان جهڙي طرح رسول خدا (ص) ۽  اميرالمومنين (ع) عيد لاءِ ايندا هيا ٻاهر ايندس امام عليه السلام حڪم ڏنو ته عيد جي صبح سوير امام (ع) جي گهر آڏو گڏ ٿي وڃن امام (ع) سج اڀرڻ وقت غسل ڪيو ۽ اڇي عمامي کي سر مبارڪ تي رکيو ۽ تحت الحنک ورائي ٻين سڀني کي حڪم ڏنو ته ٻاهر نڪرن ۽ سڀ ننگي پير ٻاهر نڪرن سڀ ماڻهو عيد جي ڏينهن عمامي پائي ننگي پير امام (ع) جي پٺيان نڪتا امام (ع) گهر کان نڪرڻ وقت اجتماع سان گڏ تڪبير هنئي جيڪا تڪبير مامون جي خلافت کي لوڏي رهي هئي ۽ حڪومت جا سڀ سردار پڻ ننگي پير امام (ع) سان گڏ تڪبيرون هڻڻ لڳا ائين پيو محسوس ٿئي جو الله جي پوري مخلوق امام رضا (ع) سان گڏ عيد جون تڪبيرون هڻي رهي آهي اهو منظر ڏسي مامون جي وذير فضل بن سهل مامون کي چيو اگر امام (ع) ان ڪيفيت ۾ عيد نماز پڙهائي ته اسان جوتختو اوندهو ٿي ويندو لهذا امام (ع) کي نماز عيد کان روڪيو وڃي مامون پڻ فورن امام رضا(ع) کي عيد نماز کان روڪي ڇڏيو امام رضا (ع) پڻ مصلحت خاطر عيد نماز نه پڙهائي.[xii]

ان روايت جي مطابق امام رضا (ع) پنهنجي وقت جي ظالم ۽ چالاڪ خليفي جي چالن کي عيد نماز جي اجتماع ذريعي ناڪام ڪري ڇڏيو.

واقعا اها حقيقت آهي ته عيد نماز جي ذريعي انسان ظالم جي ظلم ۽ شياطين جي چالن ۽ دشمنن جي قدرت کي روڪي ۽ ختم ڪري سگهجي ٿو.

عيد فطر جي رات جا مختصر اعمال

عيد فطر جي رات تمام گهڻي فضيلت واري رات آهي هتي عيد جي رات شب قدر کان ڪمتر ناهي هن رات جا تمام گهڻا عمل آهن ليڪن اسان صرف ڪجھ عمل فهرست وارا نقل ڪيون ٿا.

1.سج لهڻ وقت غسل ڪرڻ.

2.عيد فطر جي رات شب بيداري ڪئي وڃي.

3.امام حسين (ع) جي زيارت پڙهڻ جنهن جي تمام گهڻي فضيلت وارد ٿيل آهي.

4.ٻه رڪعتون نماز پڙهي نماز جي پهرين رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ هڪ هزار مرتبه سوره توحيد پڙهي ۽ ٻي رڪعت ۾ الحمد کان پوءِ هڪ مرتبو سوره توحيد پڙهي ۽ سلام ڏيڻ کان پوءِ سئو مرتبه سجدي ۾ وڃي ”اتوب الي الله[xiii]

5.عيد فطر جي رات جي آخري حصي ۾ غسل ڪري ۽ مصلي تي ويهي سج اڀرڻ تائين عبادت ڪري.

عيد فطر جي ڏينهن جا مختصر اعمال

1.نماز عيد فطر کان پهريان فطرو ڪڍڻ جيڪو واجب موڪد آهي.

2.غسل ڪرڻ بهتر آهي ته ڪنهن نهر ۾ غسل ڪري غسل ڪرڻ جو وقت طلوع فجر کان وٺي عيد نماز تائين آهي.

3.بهترين لباس پائڻ ۽ خوشبو هڻڻ.

4.اگر مڪي شهر ۾ نه هجي ته آسمان هيٺان صحراء ۾ مناز عيد پڙهي.

5.شفا جي نيت سان تربت سيدالشهداء کي ٿوري مقدار ۾ کائڻ.

6.سج اڀرڻ کان پوءِ نماز عيد فطر جي لاءِ تياري وٺي.

۽ ٻيا ڪيترائيااعمال آهن جن کي عيد فطر جي رات ۽ ڏينهن ۾ انجام ڏنو ويندو آهي ليڪن اختصار جي ڪري ٻين اعمالن جي تحرير کان مڪندر آهيون.

 

 

 

 



[i] نهج البلاغه،حڪمت ص،428

[ii] مسار الشيعه،ص 30

[iii] المراقبات،ص334

[iv] اعليٰ؛14ـ15

[v] الميزان،سوره اعليٰ،ذيل آيت،14

[vi] سوره حج آيت،32

[vii]94ـ24 ڪنزالعمال حديث،

[viii] ڪنزالعمال؛حديث،95ـ24

[ix] عيون اخبارالرضا،ج1،ص،122

[x] صحيفه سجاديه؛دعا نمبر 45

[xi] وسائل الشيعه ج،7،ص481،ج4

[xii] اصول ڪافي مولا ابي الحسن حديث،7

[xiii] ڪليات مفاتيح الجنان ص،426

حجت مشن

۲۲ بهمن انقلاب اسلامي ايران جي سالگره انقلاب اسلامي ايران جي سالگره تي تمام مؤمنن کي حجت مشن پاران مبارڪابد عرض ڪيون ٿا الله سائين هن اسلامي انقلاب کي ترقي عنايت فرمائي 

Template Design:Dima Group

Back to Top